Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني ڇوڪريءَ سان شادي پنج سال ھلڻ تي چين جو سٽيزن ڪارڊ ملي ويندو

چيني گورنمينٽ ڪنھن به ٻاهرين ماڻهوءَ کي شھريت نه ٿي ڏئي. صرف سٽيزن ڪارڊ ڏئي ٿي. جنھن جي آڌار ھُو ڏھ سال رھي سگھي ٿو ۽ کيس ويزا جي ضرورت نہ پوندي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ٽيويھين آڪٽوبر 2024: جيئن ئي فيس بوڪ کوليم ته رئوف نظاماڻي جي پوسٽ تي نظر پيئي، جنھن ۾ هن ڪالهه راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جي حوالي سان پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي راحت سعيد کي خراج تحسين پيش ڪيو هو. راحت سعيد جي گذاري وڃڻ جو پڙهي سخت صدمو رسيم. راحت منھنجو پيارو دوست هو، جنھن سان 2006ع کان وٺي دوستي رهي. راحت سعيد ئي مون کي انڊيا وٺي ويو. کيس ڦڦڙن جو ڪئنسر هو. چين اچڻ کان اڳ تائين منھنجو ساڻس رابطو هو. اڪثر ٻئي چوٿين ڏينھن فون تي ڳالهائيندو هومانس. پوين ڏينھن ۾ ٻه ٽي ڀيرا چين لاءِ ويزا وٺڻ لاءِ جڏهن ’چئريز‘ ويندو هئس، ته ساڻس وڃي ملندو هئس. آخري ڀيرو پنھنجي گهر واري نسيم ۽ نياڻي پارس کي به وٺي ويو هئس، جنھن تي هو گهڻو خوش ٿيو هو. هن نسيم کي ڪپڙن جو جوڙو ۽ پارس کي ڪتاب تحفي طور ڏنو هو.

راحت جي وفات جي خبر هِتي پرڏيھه ۾ منھنجي لاءِ سخت صدمي جو سبب بڻي. راحت پنھنجي زندگي ڀرپور گذاري. دنيا جھان ڏٺائين، پاڻ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ دوست هو، سنڌ جي قومي مسئلن تي سدائين پنھنجو چٽو ۽ واضح موقف رکندو هو.

*

حيدرآباد ۾ هئس ته ڏينھن گذرندو ئي نه هو ۽ هتي نه ڪو ڪم نه ڪار، پر خبر ئي نه ٿي پوي ۽ ڏينھن گذريو وڃي. اصل ۾ هتي ڏينھن ننڍا ٿا لڳن يا وقت جي تبديليءَ جي ڪري، سج جو ڦيرو گهٽ وڌ ٿئي ٿو ۽ ڏينھن ائين گذريو وڃي اصل گولي.

صبح جو ساڍي اٺين ڌاري وشال، ماڻهنس ۽ آءٌ گڏجي ويزا آفيس وياسين، جتي منھنجي ۽ نسيم جي وڌيڪ هڪ سال لاءِ ويزا اپلاءِ ڪئيسين. ويزا آفيس تمام وڏي ۽ ڪيترائي ماڙ هئي. اسان ٽي ماڙ تي پھچي، مذڪوره ڪائونٽر تي پھتاسين. جتي ويٺل ڇوڪريءَ جو رويو ڏاڍو سٺو هو، هن ڪافي رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ چيائين ته ’وانگ ين هونگ‘ (يعني کشين) پاڻ اچي، صحيح ڪري، ڇو ته اسان جي ميزبان ”کشين“ ئي آهي، وشال فئملي ويزا تي رهي ٿو، في الحال وشال جو اهو اسٽيٽس ڪونهي ته هو اسان کي گهرائي ۽ رهائي سگهي. وشال کي چين ۾ سٽيزن ڪارڊ 2027ع ۾ ملندو، جنھن کان پوءِ هو ڏهه سالن تائين ان ڪارڊ جي بنياد تي چين ۾ رهي سگهي ٿو ۽ کيس ويزا جي ضرورت نه پوندي. ڪوبه ٻاهريون شھري ڪنھن چيني عورت سان پرڻجڻ کان پنج سال پوءِ، جيڪڏهن شادي قائم آهي ته ان ڪارڊ لاءِ اپلا ڪري سگهي ٿو. اهو ڪارڊ ملڻ کان پوءِ وشال کي ڪيترائي ٻيا فائدا به گورنمينٽ قاعدن موجب ڏيندي، ان دوران چيني ڇوڪري سان شادي ڪندڙ فئملي ويزا تي رهي سگهي ٿو. چيني گورنمينٽ ڪنھن به ٻاهرين ماڻهو کي شھريت نه ٿي ڏي، باقي اهو ڪارڊ ڏي ٿي.

ان دوران اسان ٻيون سڀ فارمليٽيز پوريون ڪري ڇڏيون. ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏهن کشين آئي ۽ هن فارم تي صحيحون ڪيون ته پراسيس مڪمل ٿيو ۽ في ماڻهو چار سؤ يوان في ادا ڪئيسين. وشال جو خيال آهي ته آءٌ ۽ ماڻهنس هتي رهي پئون ۽ آءٌ پاڪستان وڃي رٽائرڊمينٽ وٺي اچان. مون کيس سمجهايو ته في الحال منھنجي لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن ڪونهي. البت وچ وچ ۾ اچي سگهجي ٿو ۽ مھينو ٻه رهي سگهجي ٿو، پاڪستان مان ويزا پراسيس ٿورو ڏکيو آهي. تنھنڪري هتان ئي ويزا وڌرائي ڇڏڻ گهرجي. ان وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي ته انشاءَ الله مارچ- اپريل 2025ع ۾ وري اچبو.

ويزا آفيس ۾ ويزا آفيسر جڏهن ايف آر سي چيڪ پئي ڪئي ته اسان جا ڇھه ٻار داخل ڏسي چيائين، ”هل هيترا ٻار“. جنھن تي مون چيو ته ”اسان ته اڌ ڊزن ٻار ڄڻيا آهن، پر پاڪستان ۾ ته ماڻهو ڊزن ٻار ڄڻي به چوندا آهن ته اڃا به ٻار ٿين.“ ته اچي کليو. چيني وڌ ۾ وڌ هڪ ٻار ڄڻين يا ٻه. اها ٻي ڳالهه آهي ته مون ٻھراڙين ۾ رهندڙ چينين جا چار چار ٻار به ڏٺا آهن. ٻه مثال ته منھنجي سامھون آهن. کشين واريون پاڻ ۾ ٽي ڀيڻيون ۽ هڪ ڀاءُ يعني چار ڄڻا آهن. کشين جي ماءُ کي به ٻه ٻيون به ڀينرون آهن، ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڀاءُ به هجين. بھرحال جتي ڪٿي سڀ ڪام چلتا هي.

فليٽ تي پھچي نسيم چيو ته ”هتي وشال پنھنجي ڪيڏي نه خدمت پيو ڪري، زبان مان لفظ ڪڍ ته پورو، سڄو ڏينھن سُتا پيا آهيون. واپس هلي وري پريشان ٿينداسين. دل چوي ٿي ته نه هلون.“

چيومانس، ”پريشانيون پاڻ پاڪين جي نصيب ۾ آهن. بجلي ڪونهي، پر بجلي جا بل ڏيڻ ۾ پريشان، گئس ڪونهي، پر گئس جي ميٽر جي هزار رپيا مسواڙ، گهر ۾ اٽو ڪونهي، بصر ڪونهي، پٽاٽو ڪونهي وغيره، اهي اهڙيون پريشانيون آهن ۽ حڪمرانن ان ڪري پيدا ڪيون آهن ته جيئن اسان  سڄو وقت ڳڻتين ۾ ڳري پريشانين ۾ پورا ٿي وڃون. هِتي ته ويٺي ويٺي وقت ئي نه ٿو گذري.“

جنھن تي کلي پيئي.

شام جو وشال، وانگ ين ڇنگ ۽ آءٌ ايم آر آءِ کڻڻ جي لاءِ اسپتال وياسين. اها رپورٽ کڻي ڊاڪٽر کي ڏيکاريسين. جنھن ڏٺي ۽ چيائين ته ”في الحال دوائون لکي ٿو ڏيان، هفتي کن کان پوءِ ڪو فيصلو ڪنداسين.“

هن رپورٽ جي نمبر تي گول وجهي ڏنو ۽ اسان ٻاهر نڪري آياسين.

”وشو دوا ته ڪونه لکيائين.“ مون چيو.

”لکيون اٿس هلي وٺون ٿا. “جواب مليو.

خاموش ٿي ويس ته ڏسجي.

هيٺ لھي وشال هڪ ڪائونٽر تي ويو، جتي ان ٽيسٽ جو ڊاڪٽر پاران گول دائري وارو نمبر ڏيکاريائين. ان وري ڪمپيوٽر مان ٻه ننڍيون پرچيون ڪڍي ڏنيون، جيڪي وري ٿورو اڳيان هڪ وڏي ميڊيڪل اسٽور تي ڏنائين، جنھن ڍڳ دوائن جا ڏنا، جيڪي سڀ ’چائنيز ميڊيسين‘ هيون. جيڪي سڀ کڻي ٻاهر نڪتاسين، مون کي وشال کان پُڇڻ جي همت ئي نه ٿي ته دوائون گهڻن پئسن جون ٿيون.

ٻاهر نڪري وشال چيو،”ابو تون پنھنجي صحت جو خيال نٿو ڪرينءَ، ان ڏينھن مساج واري ٻاڏي چينيءَ به ائين چيو ته ايڪسر سائيز ڪر، ٽيون ڏينھن به ۽ اڄ به ڊاڪٽر ائين چيو… ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اوهان نه گهڻو پاڻي ٿا پيئو، نه فروٽ ٿا کائو، نه وري بھتر ڊائيٽ. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته گهڻي ڪمزوري اٿوَ.“

آءٌ دل ئي دل ۾ کلڻ لڳس.

گهر پھچي وشال پھريون ڪم اهو ڪيو جو مون کي گورين جو وزن کارايائين ۽ ’وانگ ين ڇنگ‘ منھنجي ڪلهي تي جتي سور هو، اتي پلاسٽر رکيو. جيڪو ڪلاڪ کان پوءِ لاهڻون هو. ڏهين بجي ڌاري وري ٻيو ڊوز کارايو ۽ سندس ونيءَ کشين ’ابو ابو‘ چئي منھنجي ڪلهي تي پلاسٽر هنيو. مون کي ٻنهي ڀيڻن پاران منھنجو اهڙو خيال رکڻ تي خوشي ٿي ۽ مون ’شي شي‘ چئي سندن مھرباني مڃي.

______________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ رھيل اھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button