ڪاش ھن باھ ۾ بدترين حڪمراني ۽ لساني سياست سڙي خاڪ ٿي وڃن!
هن باهہ ۾ رڳو گل پلازا ۽ اسان جا پيارا ئي ناهن سڙي رهيا، انسانيت به سڙي رهي آهي! هن باهه ۾ رڳو ڪراچي نہ، سڄي سنڌ سڙي رهي آهي!
جگديش آھوجا
ڪاش!ڪاش هن باهہ ۾ اسان جا پيارا محفوظ رهن
۽ تنهنجو غرور، تنهنجي بدترين حڪمراني ۽ لساني سياست سڙي خاڪ ٿي وڃي!
هن باهہ ۾ رڳو گل پلازا ۽ اسان جا پيارا ئي ناهن سڙي رهيا، انسانيت به سڙي رهي آهي!
هن باهه ۾ رڳو ڪراچي نہ، سڄي سنڌ سڙي رهي آهي!
۽ تنهنجو غرور ايڏو آ جو تنهنجي ڪن تي جونءَ بہ نٿي چري!

توکي اهو تڪبر آ تہ لڪشمي ديوي جي چمڪ سان تون سڀني جو غصو ٿڌو ڪري ڇڏيندين ۽ ساڳي ٺٺ ٺانگر سان تنھنجي بدترين حڪمراني جاري رھندي!
ڪاش هن باهہ مان اڄ سنڌو ديوتا شو مهاراج جي غضب جي باهہ ڀڙڪي پوي!
۽ تنهنجي حڪمراني جا سڀ ڪاڪ محل ساڙي خاڪ ڪري ڇڏي!
چون ٿا تہ جڏهن بہ هن ڌرتيءَ تي ظالم ۽ مغرور حڪمران ڇانئجي وڃن ٿا
۽ مظلومن جون آهون ڌرتيءَ تان دونھون بڻجي آسمانن تائين پهچن ٿيون
تڏهن شو ديوتا غصي جي آڳ سان
ٽانڊو ناچ جو منڊل سجائي
سڀني ظالمن جا ڪاڪ محل ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندو آھي!
ڪاش اڄ بہ ڪجهہ اهڙو ئي ٿي پوي!
جنهن باهہ ۾ اڄ اسان جا پيارا زنده سڙي رهيا آهن،
ڪاش انهيءَ ئي باهہ ۾ تنهنجي ساري هستي، ظلم جي وستي سڙي خاڪ ٿي وڃي
۽ نئين دنيا جو سج اڀري!
انسانيت جو سج، ممتا جو راڄ!
ڇو ته هڪ ماءُ ئي ڄاڻي ٿي
ته هڪ زندگيءَ جو جنم ڪهڙي باهہ جي درياهہ مان لنگهي ٿيندو آهي۔
______________________

جڳديش آهوجا ڪراڇي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



