سنڌي ادب: سانوڻَ، تون ڪٿي آهين؟! (آزاد نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

سانوڻَ، تون ڪٿي آهين؟!
سانوڻَ!
تون ڪٿي آهين؟
سنڌ جي ساهن ۾
اڃا تائين اُڃ جا ڪڪر ڇانيل آهن
۽ اکين جا آسمان
تنهنجي پهرين ڦڙي جي اذان جا منتظر آهن.
تون ايندين ته
واريءَ جا ذرڙا به
ساوڪ جا سڳا ٻڌي ڇڏيندا
۽ بنجر دلين مان
اُميدن جا نوان ٻج ڦٽي پوندا.
تون ايندين ته
ڌرتيءَ جي پيشانيءَ تان
گرميءَ جا سڀ داغ ڌوپجي ويندا،
هوائون در در تي
ٿڌڪار جا پيغامَ پھچائينديون،
۽ هر وڻ
پنهنجي ڇانوَ کي دعا وانگر وڇائيندو.
اسان تنهنجي انتظار ۾
رڳو مينهن ناهيون گهرندا،
اسان ته ذهني سڪون لئه
هڪ ڊگهي ساھ جا
طلبگار آهيون،
اهڙو ساھُ
جنهن ۾ ڏکن جي دز
ويهي وڃي
۽ دل جي دريائن ۾
خاموشيءَ جا ڪنول ٽڙي پون.
سانوڻ!
تون اچين ته
شهرن جا چهرا
ڌوپجي وڃن ٿا،
ڳوٺن جون گهٽيون
مٽيءَ جي خوشبوءَ سان
نماز کان پوءِ جي دعا وانگر
مهڪي پون ٿيون،
ٻار برسات جي ٽهڪن ۾
پنهنجو ڀاڳ ڳولين ٿا
۽ بزرگن جي اکڙين منجھ
يادن جا ڏيئڙا ٻيهر ٻري پون ٿا.
تون اچين ته
ھر ڦڙو رحمت ۽ راحت بڻجي
ڌرتيءَ جي جهولي ۾
اميد ٿي ڪرندو
آس جيان لڳندو
۽ مرڪ جان پَسندو.
اسان چاهيون ٿا ته
تنهنجي وسڪاري سان
نفرتن جي رک وهي وڃي،
دليون ڌوپجي وڃن،
اکيون اجريون ٿي پون،
۽ روحَ
برسات کان پوءِ جي هوا وانگر
شفاف ٿي وڃن.
سانوڻ!
تون رڳو موسم نه آهين،
تون سنڌ جي سيني ۾
ڌڙڪندڙ دعا آهين،
تون هر هاريءَ جي مرڪ،
هر ٻار جي کل،
هر انسان جي آس،
۽ هر شاعر جي اڻ لکيل
سِٽَ آهين، گيت آھين، غزل آھين.
اچ………..
جو تنهنجي هڪ وسڪاري سان
رڳو سنڌ ساوڪ نه ٿي اوڍي
پر انسان به ماڻھو،
۽ ماڻھو به
انسان ٿي پوي ٿو.
____________

حميرا نور




خوبصورت نظم