Editor's pickMain Slideدنياڪالم

جارج وِلھيلم فريڊرِڪ هيگل: فڪر، جدليات ۽ جديد عقل جو سفر

هيگل جو فلسفو انسان جي فڪري آزاديءَ جو گيت آهي، جيڪو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته حقيقت ڪنهن ٻاهران لاڳو ڪيل قوت نه پر اسان جي شعور ۽ عمل جي جدليات مان پيدا ٿيندڙ سچائي آهي.

نويد سنديلو

يورپي فڪر جي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن فلسفيءَ انساني عقل کي اوج تي رسايو  اهو جرمن مفڪر  فريڊرِڪ هيگل هو. هيگل جو فڪر، پنهنجي وسعت، پيچيدگي ۽ فڪري گھرائيءَ سبب، جديد فلسفي جو مرڪز بڻيو. هن عقل کي فقط تجريدي تصورن ۾ نه پر تاريخي ۽ جدلياتي حرڪت ۾ ڏٺو. سندس خيال ۾، حقيقت ڪا بيٺل شئي نه آهي، پر هڪ متحرڪ عمل آهي، جنهن ۾ تضاد، نفي ۽ خود شعور ذريعي روح پنهنجي مڪمل آزاديءَ تائين پهچي ٿو.

هيگل جو جنم 1770ع ۾ جرمني جي شھر اسٽٽگارٽ ۾  ٿيو. هو ڪانٽ، فِشٽي ۽ شيلنگ جي فڪري دور جو وارث هو. هيگل جي جوانيءَ ۾ يورپ انقلابن جي ڌُٻڻ ۾ هو — خاص طور فرانسيسي انقلاب (1789ع) انسان جي آزاديءَ جو نعرو بڻيو، جنهن هيگل جي فڪر تي گهرو اثر ڇڏيو. هو ٽيوبرگن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو ۽ الاهيات پڙهندو رهيو، جتي سندس ساٿي فيشٽي ۽ هولڊرلن هئا.

هو پنهنجي فڪري زندگيءَ ۾ استاد، ايڊيٽر ۽ فلسفي  جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. سندس مشهور ڪتاب ھيءُ آهن:

Phenomenology of Spirit (1807)

Science of Logic (1812–1816)

Encyclopaedia of the Philosophical Sciences (1817)

Philosophy of Right (1821)

انهن ڪتابن جي ذريعي ھيگل فلسفي جو مڪمل نظام ڏنو، جيڪو عقل، فطرت، روح ۽ تاريخ کي هڪ وحدت طور سمجهائي ٿو.

هيگل جو سڀ کان اهم فڪري اوزار “جدليات” Dialectics آهي. قديم يوناني فلسفي ۾ جدليات سوال ۽ جواب جي مناظري جو طريقو هو، پر هيگل ان کي نئين فلسفياڻي معنيٰ ڏني. هن مطابق هر وجود، هر تصور ۽ هر حقيقت پاڻ ۾ تضاد (Contradiction) رکي ٿو ۽ اهو تضاد ئي حرڪت ۽ واڌ جو سبب بڻجي ٿو. ھن موجب جدليات جو عمل ٽن مرحلن ۾ هلي ٿو:

1. ٿيسِس (Thesis) – ڪا شئي پنهنجي اصلي صورت ۾.

2. اينٽيٿيسِس (Antithesis) – ان جي نفي يا تضاد جي صورت.

3. سِنٿيسِس (Synthesis) – ٻنهي جي ملاپ مان پيدا ٿيندڙ نئين سطح.

اهڙيءَ ريت، هيگل جي فڪر ۾ حقيقت جي ارتقا نفي ۽ خودنفي جي حرڪت ذريعي ٿئي ٿي، جتي هر نئون درجو اڳئين درجي کي پنهنجي اندر ضم ڪري نئون معني پيدا ڪري ٿو.

اھڙي طرح هيگل روح ۽ مطلق جو تصور ڏنو جنهن مطابق روح (Geist) سڀني حقيقتن جو مرڪز آهي. روح کي هو “مطلق” (Absolute) سڏي ٿو، جيڪو پاڻ کي فطرت، انسان ۽ تاريخ جي صورتن ۾ ظاهر ڪري ٿو. روح پاڻ کي سڃاڻڻ لاءِ پاڻ کان ٻاهر نڪري ٿو — يعني فطرت ۽ انساني سماج ۾ پاڻ کي اظهاريندو رهي ٿو — ۽ پوءِ وري پاڻ ڏانهن موٽي اچي ٿو، جيئن خود شعور (Self-consciousness) مڪمل ٿئي. اهو سفر، هيگل جي فلسفي ۾ “Phenomenology of Spirit” جو موضوع آهي، جنهن ۾ هو انسان جي شعور جي ارتقا کي بيان ڪري ٿو: حسي تجربي کان وٺي شعور، خود شعور، عقل، روح، مذهب ۽ آخرڪار مطلق علم تائين.

ان سان گڏوگڏ ھيگل تاريخ، رياست ۽ آزادي جي متعلق پنهنجو فڪر پيش ڪيو.

ھن جي لاءِ تاريخ ڪا اتفاقي حرڪت نه آهي ، پر اها عقل جو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي عمل جو حصو آهي. تاريخ ۾ انسان جي آزاديءَ جي شعور جي ارتقا ٿيندي رهي آهي — قديم دور ۾ صرف هڪ ماڻهو آزاد هو (بادشاهه)، يونان ۾ ڪجهه ماڻهو آزاد هئا ۽ جديد دنيا ۾ سڀ ماڻهو آزاد آهن.

انهيءَ ڪري ھيگل جو چوڻ آهي ته:

 “تاريخ آزاديءَ جي شعور جي ترقيءَ جو عمل آهي.”

هيگل جي نظر ۾ رياست اخلاقي عقل جي حقيقي شڪل آهي، جتي فرد ۽ ڪُل هڪ وحدت ۾ گڏ ٿين ٿا. ان لاءِ رياست انسان جي آزاديءَ جي اعلي تنظيم آهي، نڪي جبر جو اوزار.

هيگل تي تنقيد

هيگل جي فڪر جي پيچيدگيءَ سبب ڪيترن مفڪرن ان تي تنقيد ڪئي. ڪارل مارڪس سندس جدلياتي نظام کي “مٿي ڀر بيٺل” سڏيندي چيو ته هيگل جي جدليات کي “مادي بنيادن” تي بيهارڻ گهرجي. سورين ڪيرڪيگارڊ هيگل جي مطلق نظام تي تنقيد ڪندي فرد جي وجودي تجربن کي اوليت ڏني. بعد ۾ آگسٽ ڪونٽ، شوپنهاور، نٽشي ۽ سارتر جهڙا مفڪر به فردي تجربن ۽ وجودي آزاديءَ کي هيگل جي عقلي نظام تي ترجيح ڏين ٿا

هيگل جو فڪر جديد فلسفي جي لڳ ڀڳ سڀني مڪتبن تي اثرانداز ٿيو — مارڪسزم، وجوديت، فينومينالوجي، هرميونيٽڪس ۽ ان سمورا جديد سياسي فلسفا  ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هيگل جي فڪر مان نڪرن ٿا. هن جي فڪري وارثن ۾ مارڪس، ڪيرڪيگارڊ، هائيڊيگر، سارتر، گاڊامر ۽ چارلس ٽيلر جهڙا مفڪر شامل آهن.

اسان جو استاد ۽ سنڌ جو ڏاھو جاويد ڀٽو صاحب ھيگل جي فلسفي جو پيروڪار ۽ ان تي اٿارٽي سمجهيو ويندو هو، جنهن اسان کي ايم. اي ۾  ھيگل جو Philosophy of Right ڪتاب پڙهايو ھو. سندس ڪمري نمبر 15 ۾ ديوار تي ھيگل جي جدليات جو چارٽ لڳل ھوندو ھو. ان سان گڏوگڏ ان ديوار تي سندس پنهنجي ھٿن سان لکيل ھيگل جي جدليات جو نقشو پڻ موجود ھو.

هيگل عقل کي جامد تصور نه پر هڪ زنده، خود ترقي ڪندڙ ۽ تاريخي قوت سمجهيو. هن فڪر کي هڪ زنده حرڪت ۾ ڏٺو، جتي تضاد تباهي نه پر ترقيءَ جو ذريعو بڻجي ٿو.

هيگل جو فلسفو انسان جي فڪري آزاديءَ جو گيت آهي، جيڪو اسان کي اهو سيکاري ٿو ته حقيقت ڪنهن ٻاهران لاڳو ڪيل قوت نه پر اسان جي شعور ۽ عمل جي جدليات مان پيدا ٿيندڙ سچائي آهي.

____________________

Naveed-Sandeelo-Sindh-Courier-150x150-1

شاعر، ليکڪ ۽ نقاد نويد سنديلو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فلسفي واري شعبي ۾ ليڪچرار آھي. ھُو فلسفي جي موضوع تي پنج ڪتابن جو ليکڪ آھي ۽ ھن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فلسفي واري شعبي مان پي ايڇ ڊي ڪري رھيو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button