ھڪ گونگي محبت ھڪ گونگي ڪھاڻيءَ کي بہ جنم نہ ڏئي سگھي!
موت تہ ھميشہ اوچتو ئي اچڻو آھي _ پر جڏھن جڏھن ھو ڪنھن وڏي ماڻھوءَ کي ڪنھن وڏي حادثي ۾ لڪائي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آھي، تہ ڪيتريون ئي دليون ڪنھن آتش فشان جيئان ڦاٽي پونديون آھن.
وڏو ماڻھو اُھو جنھن وٽ وڏي ڳالھ ھُجي ۽ وڏي ڳالھ اُھا جنھن ۾ قومن جي آزادي ۽ خوشحالي جون منزلون نظر اچن.! اھڙيون ڪيتريون ئي ڳالھيون ايوب عمراڻي وٽ بہ ھيون.! جن کي ھي لفظن جا وڳا پارائي ھا.! پر ائين ٿي نہ سگھيو.! ۽ ھو ھڪ حادثي ۾ ھتان کان پرولوڪ ڏانھن ڪوچ ڪري ھليو ويو.!
رشيد احمد خاصخيلي
حادثا تہ ھر ڏينھن ٿيندا آھن! اھڙو ڪھڙو ڏينھن، جنھن ڏينھن ڪو حادثو نہ ٿيو ھُجي.؟ پر ڪي ڪي حادثا زندگيءَ جو ڪيتريون ئي رنگين بھارون پاڻ سان گڏ ٻُھاري کڻي ويندا آھن.! ۽ ڪيترائي سال وري زندگيءَ جي باغ ۾ مسرتن جا گُل ناھن ٽڙندا.! ۽ نہ ئي ڪي سارنگيءَ جھڙا سُر رکندڙ ڀونئر ڪي ڀُلجي ئي ان باغ ۾ ايندا آھن.! اڳتي ھلي زندگيءَ ۾ سانوڻ جون گنگھور گھٽائون پنھنجن وڏ ڦڙن وسڪارن سان خوشيون تہ کڻي اينديون آھن، پر جيڪو حادثن جو اثر دل جي سرزمين تي چٽجي ويندو آھي، ھي مڙوئي موسمن جون بارشون اُنھيءَ اثر کي ڌوئي ناھن سگھنديون.!

اھڙن حادثن جو جڏھن جڏھن بہ دماغ ۾ ورجاءُ ٿيندو آھي تہ دل ننڍڙي ٻار وانگر ڪيڪاٽ ڪري ڇرڪ ڀري تيز تيز ڌڙڪڻ لڳندي آھي.! ۽ ان وقت ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ دل جي اڱڻ مٿي آگسٽ جا ڪارا ڪڪر وريا ھُجن.! ۽ ٻڪرار کنوڻ وڏي ويلي کجڻ لڳي ھُجي.!
آئون سوچيندو آھيان تہ جڏھن جڏھن بہ ڪڪر آگم ڪري وسندا آھن تہ اوس بارش کان پوءِ گُل ڦُُل گلزاري ۽ ھر طرف سرزمين ساوڪ جو وڳو پائيندي آھي، ۽ گُلڙن جي رنگيني ۾ ڍڪجي ويندي آھي.! پر جڏھن جڏھن بہ اکيون وسنديون آھن، ۽ ڳوڙھا ڳاڙي ماٺ ڪنديون آھن، تڏھن بہ تہ دل جي سرزمين ويران ئي رھندي آھي.!
ڇا اُھو ممڪن ڪونھي تہ حادثا ڪيتري ئي وقت لاءِ دل جو آتڻ پنھنجي اثر ۾ وٺي ڇڏيندا آھن ۽ ائين حادثن جي لاپرواھي دل کي سينگار ڪرڻ ناھي ڏيندي.! زندگيءَ جو مختصر ۽ حادثن جو روز اچڻ ڪيڏو نہ وڏو دلڪش عذاب آھي.! شايد! جرمن شاعر رلڪي، کي حادثن جو احساس نہ ھو تڏھن تہ ھِنَ لکيو ھيو” ڪڏھن ڪڏھن شاعر جي تجربن کي شاعريءَ ۾ اظھار لاءِ ٽيھ سال لڳي ويندا آھن.!“ رلڪي، کي شايد! اُھا پروڙ بہ نہ ھُئي تہ پنھنجي محبوبہ سان بي انتھا پيار ڪندڙ شاعر ڪيٽس، تہ زندگيءَ جون پنجويھ بھارون بہ نہ ڏسي سگھيو، ۽ ھو مري ويو.!
رلڪي، ۽ حادثن کي ڪنھن ڇو نہ ٻڌايو تہ ڪيٽس، جي تخيل ۾ ڪيترائي تجربا ھُئا جيڪي ھو حادثي ۾ وڃائي ويٺو.! ۽ اُھي سڀئي تجربا اڌورا ڇڏي ھليو ويو.!
اھڙا ئي کوڙ سارا تجربا ايوب عمراڻيءَ کي بہ ڪيترن ئي ڊرامن، ڪھاڻين، ۽ ناولن ۾ لکڻا ھُئا! جيڪي تجربا بہ لڪيءَ جي چشمي وانگر روئي روئي ماٺ جي دامن ۾ ھميشہ لاءِ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا.! حادثو بہ حادثو ٿي وريو! جنھن ايوب عمراڻي جي ساھن جون سڀئي دلبريون ھِنَ جي جسم مان ائين روڙي ورتيون جيئن ڦورو مغلن، سرزمينِ سنڌ جي ميوي دار وڻن مان ۽ ميوي دار ٻوٽن مان ميوا روڙي ورتا ھُئا.!
جنھن ويراني کي ڏسي لطيف سرڪار، بہ اکيون ڀنيون ڀنيون ڪري ھي بيت چيو ھو،
نہ سي ووڻ وڻن ۾ نہ سي ڪاتاريون،
پسِيو بازارون ھِنيئڙو مون لُوڻُ ٿِئي.
موت تہ ھميشہ اوچتو ئي اچڻو آھي _ پر جڏھن جڏھن ھو ڪنھن وڏي ماڻھوءَ کي ڪنھن وڏي حادثي ۾ لڪائي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آھي، تہ ڪيتريون ئي دليون ڪنھن آتش فشان جيئان ڦاٽي پونديون آھن.! وڏو ماڻھو اُھو جنھن وٽ وڏي ڳالھ ھُجي ۽ وڏي ڳالھ اُھا جنھن ۾ قومن جي آزادي ۽ خوشحالي جون منزلون نظر اچن.! اھڙيون ڪيتريون ئي ڳالھيون ايوب عمراڻي وٽ بہ ھيون.! جن کي ھي لفظن جا وڳا پارائي ھا.! پر ائين ٿي نہ سگھيو.! ۽ ھو ھڪ حادثي ۾ ھتان کان پرولوڪ ڏانھن ڪوچ ڪري ھليو ويو.!
اڄ جڏھن آئون سندس ناول دوزخ تي سوچي رھيو آھيان، تہ ھِنَ جي ناول جون ھي سٽون بہ منھنجي اکين سان گڏ ڀنيون ڀنيون بڻجي گونگيون ھوندي بہ گھڻو ڪجھ ڳالھائي رھيون آھن.!
” ھڪ گونگي محبت ھڪ گونگي ڪھاڻي کي بہ جنم نہ ڏئي سگھي.!“ ھن مانجھيءَ مڙس مٿير جو تعلق بہ اُنھيءَ پوڙھي شينھن ۽ سچ جي المبردار جي شھر سن، سان ھيو! اُھو پوڙھو شينھن جيڪو پنھنجي پوڙھي آڱرين ۾ قلم کي کڻي ھر ڳالھ جو اعتراف وڏي خوُدداري سان لکندو ھو.! ڀلي تہ اُھي ھِنَ جي زندگي جون غلطيون ئي ڇو نہ ھُجن.! جتي ماڻھوءَ اعتراف کي عيب سمجھن.! اھڙي ڏيھ ۾ پنھنجي زندگيءَ جون خاميون_ لکڻ وڏي بھادري چئي سگھجي ٿي.!
الائي ڇو مون کي ايوب عمراڻي پنھنجي تخليق ۾ حافظ جي ھن سٽن جيئان لڳندو آھي،
فاش مي گويم و از گفتہءِ خوُد دلشاد م،
بنده عشقيہ و از ھر دوجھان آزاد م.
ترجمو( مان کليو ڳالھائي رھيو آھيان ۽ پنھنجي ڳالھ ۾ خوش آھيان، مان عشق جو بندو آھيان ۽ پنھنجي ٻنھي جھانن کان آزاد آھيان.)
(نوٽ: تصوير ڄامشوري جي شامن جھڙي مصور توفيق سولنگي جي ھٿن جي تشريح آھي، جنھن پنھنجي آڱرين ۾ برش کڻي رنگن ۾ ٻوڙي وڏي سُچيتائي سان ايوب عمراڻي، جي تصوير ڪئنواس تي چٽي مون حقير کي ارپي آھي.! ھونئن بہ ھڪ تخليقڪار ئي ٻئي تخليقڪار جي پورھئي جو درمان ڪري سگھي ٿو.)
_______________