ڪراچي صوبي جي گھُر پٺيان عالمي قوتن ۽ وفاق جي مفادن جي ڇنڊڇاڻ
ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم، جيڪا ڪڏهن الطاف حسين واري ايم ڪيو ايم ھئي، آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا جي پراڪسيءَ طور سامهون آئي ته جيئن انھن جي مدد سان ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺهرائي
ايم ڪيو ايم جو ڪراچي الڳ صوبو ٺاهڻ جو منصوبو آمريڪا ، اسرائيل ۽ انڊيا جي ريجنل اسٽريٽيجڪ مفادن ۽ سڪيورٽي ڊزائين جو پورائو ڪري رهيو هو جيڪو پاڪستان جي سڪيورٽي ڊزائين جي متضاد هيو
جو وفاق موجوده ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ڪراچي ۾ سهولتڪار ۽ سياسي اتحادي رکي ڪراچي شهر جو ڪنٽرول وفاق جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪرائي رهي آهي ۔ ڪراچي جو ڪنٽرول وفاق جي حوالي ڪرڻ سان ڪراچي شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جو مفاد پورو ڪونہ ٿيندو پر هنن تي مٿين سرڪار جو زور آهي.
سنڌي عوام اسي سالن کان هن ملڪ ۾ معاشي استحصال جو شڪار رهيو آهي. هاڻي هن جاگرفيائي تبديليءَ منصوبو سنڌين کي پنهنجي آخري مزاحمت تي وٺي ايندو جيڪو پاڪستان جي سڪيورٽي کي ڀيانڪ صورتحال ڏي وٺي ويندو

شهبان سهتو
ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو اهم مرڪز آهي ۽ هڪ اندازي مطاق پاڪستان جو ٩٥ سيڪڙو تجارت ڪراچي بندر جي ذريعي ٿيندي آهي ، جنھن لاءِ چارلس نيپيئر چيو هئو ته ڪراچي توکي اڃان اوڀر جي اڳواڻي ڪرڻي آهي۔ ڪراچي شهر پاڪستان جي جيو اسٽريٽيجيڪ ۽ جيو پوليٽيڪل لحاظ کان هندي يا عربي سمنڊ جي اهم بندرگاہ جي حيثيت رکي ٿو جنهن جي ذريعي يورپ، وچ اوڀر، سينٽرل اشيا ۽ آفريڪا جي تجارت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ چين ۽ پاڪستان جي سيپيڪ ۽ چائنا بي آر آئي منصوبي جي لاء به ڪراچي جي تمام گهڻي اهميت رکي ٿو۔
ڪراچي ۾ هن وقت هلندڙ تضاد به دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اسٽريٽيجڪ حالتن سان تعلق رکي ٿو۔ هن وقت دنيا ۾ ٽي اهم فليش پوائنٽس آهن جتي آمريڪا ۽ چين جو پاڻ ۾ مقابلو هلي رهيو آهي۔ پهريون نمبر سائوٿ اشيا پئسيفڪ جنهن تي چين جو وڌندڙ ڪنٽرول آمريڪا کي پريشان ڪري رهيو آهي ڇو تہ چين جي سڀ کان وڌ تجارت سائوٿ فيسيفڪ سمنڊ جي زريعي ٿئي ٿي. ٻي اهم سامونڊي لوڪيشن آهي ايسٽ ايشيا جنهن تي به چين جو اثر وڌي رهيو آهي. ٽيون، تمام اهم سامونڊي لوڪيشن عربي سمنڊ يا هندي سمنڊ جنهن ۾ هن وقت چين پنهنجو اثر پيدا ڪري رهيو آهي، اهو به پاڪستان جي تعاون سان، جنهن ۾ چين لاءِ سي پيڪ جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪري عربي سمنڊ ذريعي مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا ۽ يورپ جي ملڪن تائين تجارت جي رسائي ڪرڻ ۾ ڪراچي بندرگاه جي تمام وڏي اهميت آهي۔
ڪنهن زماني آمريڪا جي جڳ مشهور الفرڊ ٿيليار مهان سامونڊي تجارت جي حوالي سان ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ آمريڪا کي چيو هو ته مستقبل ۾ دنيا تي اهو ملڪ جو راڄ ڪندو جنهن وٽ سامونڊي قبضو هوندو ۽ بحري طاقت حاصل ڪندو ۔ دنيا مان هاڻي زميني رستن يا ٽرين جي ذريعي تجارت وارو دور ختم ٿي ويو آهي۔ اهو ئي سبب هو جو آمريڪا پاڻ کي ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ ئي سامونڊي تجارت جي حوالي سان پاڻ کي طاقتور بنائڻ شروع ڪيو ۽ ان تجارت جي تحفظ لاء دنيا جي سڀ کان طاقتور نيول پاور کي ترجيع ڏيڻ شروع ڪئي۔ سرد جنگ دوران آمريڪا سڀ کان وڏي نيول طاقت طور اڀري آيو۔ پنهنجي پاڻ کي نيول پاور ۽ سامونڊي تجارت جي تحفظ ڏيڻ لاء دنيا ۾ آمريڪا ميري ٽائيم جي حوالي سان ڪيترائي عالمي معاهدا ڪرايا ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي تجارتي ڪنٽرول حاصل ڪيو. اهو ئي سبب هو ۽ رهيو جو آمريڪا سڀ کان طاقتور ملڪ رهيو آهي۔
جيو پاليٽڪس جي حوالي آمريڪا جو مشهور جاگرافر اسپائيڪ مين جنهن يورپ جي يورو ايشيا گراس لينڊ تي ڪنٽرول ڪندڙ جاگرافر ميڪانڊر جي خيال کي رد ڪندي اهو خيال متعارف ڪرايو هو ته هاڻي دنيا تي ڪنٽرول ڪرڻ جو واحد رستو سامونڊي ٻيٽن وارن ملڪن تي ڪنٽرول سان حاصل ٿيندو جنهن کان پوء الفرڊ ٿيليار مهان ميري ٽائيم جو خيال پيش ڪيو۔ جنهن کانپوء آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو بليو نيوي پاور ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ سامونڊي رستن جي تجارت ڪرڻ ۾ پهريون نمبر طاقتور ٿي اڀريو۔ ان لاء آمريڪا دنيا جي سامونڊي ٻيٽن وارن ملڪن سان جيو اسٽراٽيجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل اتحاد پڻ قائم ڪيا جنهن ۾ سامونڊي ٻيٽن وارن ملڪن سان سڪيورٽي اتحاد ڪيا. ان ڏس ۾ سڀ کان پهرين آمريڪا ويسٽ يورپ جي ملڪن سان نيٽو سيڪيورٽي اتحاد ڪيو. ساگئي طرح جيو اسٽريٽجيڪ اتحاد ھيٺ آمريڪا وچ اوڀر ملڪن سان سينٽو ۽ سينٽو سڪيورٽي اتحاد قائم ڪري مڪمل طرح سان ڪميونسٽ رشيا جي رستا روڪ ڪري سامونڊي ٻيٽن وارن ملڪن جي ذريعي روس جو گهيرو تنگ ڪيو۔
سرد جنگ جي خاتمي کانپوء آمريڪا دنيا جي اندر سڀ کان اول نمبر تي سپر پاور ٿي ڪري سامهون آيو ۽ اهو سڀ ڪجھ آمريڪا جي ميري ٽائيم جي ڏاهي الفرڊ محان جي ڏنل ميريٽائيم خيال جي ڪري ممڪن ٿيو۔ هن وقت آمريڪا چاهي ٿو ته ڪنهن حوالي سان بليو سي يعني دنيا جي سمنڊ تائين چين جي رستا روڪ ڪري۔ اهو خيال بلڪل درست به آهي ته چين هن وقت آمريڪا کي سامونڊي تجارت جي حوالي سان ٽڪر ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي بليو نيوي کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن ملڪن کي پنهنجو اتحادي بنائي رهيو آهي جيڪي سامونڊي ٻيٽن وارا ملڪ آهن. اهو ليٽن آمريڪا هجي يا وري مڊل ايسٽ جا ملڪ يا آفريڪا جا ملڪ ، وچ اوڀر ۾ ايران چين جو اهم اتحادي ملڪ بڻجي ويو آهي ۽ چين کي انرجي فرهم ڪندڙ اهم ملڪ آهي ۽ عربي سمنڊ ذريعي تجارت جي حوالي سان سندس اهم اتحادي بڻجي رهيوآهي۔
ساڳئي وقت چين پاڪستان سان سي پيڪ تجارتي معاهدي سان گڏو گڏ سيڪيورٽي اتحاد قائم ڪيو آهي۔ پاڪستان وٽ جي سامونڊي ٻيٽن وارا ٻه اهم صوبا سنڌ ۽ بلوچستان صوبا آهن جيڪي پاڪستان جي جيو اسٽريٽجيڪ ۽ جيوپوليٽيڪل اهميت ٺاهين ٿا۔ اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان اندر چين جي مدد سان گوادر بندرگاہ جو افتتاح ٿيو آهي ۽ سنڌ جو گاديءَ وارو شھر ڪراچي هڪ صدي کان اڳ ۾ ئي عربي سمنڊ تي اهم بندگاه طور موجود آهي، پاڪستان جي اهم سامونڊي تجارت جي سبب ڪري اهم معاشي مرڪز آهي۔
ڪراچيءَ کي سنڌ جو پئرس به سڏيندا هئا جتي هڪ بهترين نظام ۽ آسودگي واري شهري زندگي موجود هئي ۔ پاڪستان ٺهڻ کانپوء اچانڪ هن شهر جي قسمت بدلجي وئي. جتي پاڪستان کان اڳ هن بندرگاه شهر ۾ اڪثريت سنڌي آبادي جي هئي اتي هندستان کي لڏي آيل مهاجر آبادي اچڻ شروع ڪيو ۽ وري ٻي آباديءَ جاڪٽڪ افغانستان جنگ کانپوءِ نازل ٿيا جنهن سان هن شهر جي ڊيموگرافي مڪمل تبديل ٿي وئي۔ هن وقت ڪراچيءَ ۾ پنج وڏا نسلي گروه رهن ٿا: هندستاني مهاجر، افغان پٺاڻ، سنڌي، پنجابي ۽ بلوچ۔ ڪراچي ۾ مختلف ٻولين ۽ نسلن جي حوالي سان ڪيترائي تضاد موجود رهيا آهن جنهن سبب ڪري هن شهر جو امن امان جو مسئلو تمام اهم رهيو آهي. گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان هن شهر جو امن امان جي حوالي سان ڪنٽرول پاڪستان رينجرس جي حوالي رهيو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪري تفصيل سان ايندو۔
پاڪستان وڏي عرصي کان آمريڪا يا مغربي ملڪن جو فوجي اتحادي رهيو آهي۔ پاڪستان الڳ ملڪ ٺهڻ کان وٺي مغرب جي سڪيورٽي اتحاد جو اهم ملڪ رهيو آهي۔ پاڪستان جي هڪ الڳ آزد ملڪ جي حوالي سان به پٺ ڀرائي آمريڪا ڪئي هئي جنهن سان برطانيا برصغير جي ورهاست ڪري هت ٻه ملڪ ٺاهيا جنهن ۾ پاڪستان هڪ الڳ ملڪ ٺهيو۔ جنهن لاءِ پاڪستان جي باني محمد علي جناح به ان جي حام هڻي هئي ته پاڪستان ويسٽ يعني آمريڪا سان اتحاد ۾ رهندو ۽ بعد ۾ پاڪستان باضابطا طور سيٽو ۽ سينٽو سيڪيورٽي جو ميمبر ملڪ بڻيو ۔ ياد رهي ته ان وقت ايران به آمريڪا جو وڏو اتحادي ملڪ هيو. ان وقت رضا شاه پهلوي ايران جو باد شاه هيو۔ بعد ۾ ايران ۾ ١٩٧٩ع ۾ امام خامنائي جو انقلاب آيو ۽ ايران آمريڪا جو دشمن بڻجي ڪري پوري مڊل ايسٽ جي اندر اتحاد مان ٻاهر نڪري ويو۔ اهو ڏينهن ھو جو آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي جا دشمن ملڪ بڻجي ويا۔ هاڻي آمريڪي صدر ٽرمپ ايران کي ختم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي۔ پاڪستان به سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ آهسته آهسته آمريڪا کان مايوس ٿي پاليسيون مٽايون ۽ صرف آمريڪا تي ڀاڙڻڻ بجاءِ چين سان ويجها تعلقات قائم ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي ۔ پاڪستان جي ملٽري اسٽبلشمينٽ کي اهو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو ته آمريڪا هنن لاء گهڻو اعتماد وارو ملڪ ناهي رهيو ڇاڪاڻ جو افغانستان اندر دهشگرديءَ خلاف جنگ دوران پاڪستان جي مفادن کي آمريڪا نظرانداز ڪري رهيو ھو. آمريڪا لاءِ انڊيا، معيشت جي حوالي سان يا ايشيا ريجنل پاور طور چين جي مقبابلي واري قوت طور سندس اهم اتحادي ملڪ آهي، تنهنڪري پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ کي اهو محسوس ٿيو ته آمريڪا پاڪستان جي بجاءِ انڊيا کي اهميت ڏئي رهيو آهي تنهنڪري پاڪستان کي آمريڪا سان اتحاد ۾ رهڻ سان گڏوگڏ ان کي پاليسي توازن رکڻ جي اهم ضرورت آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان انڊيا ۽ آمريڪا جي اتحاد جي مقابلي ۾ چين سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي۔
هن وقت پاڪستان چين سان بي آر آئي ۽ سي پيڪ جھڙن معاشي معاهدن سان گڏوگڏ سڪيورٽي اتحاد ڪيو ۽ ان کان علاوه سامونڊي رستن جي تجارت جي تعاون لاءِ پاڪستان سامونڊي بندرگاه جي سهولت پڻ چين کي ڏئي رهيو آهي۔ چين ۽ پاڪستان هن وقت عربي سمنڊ ۾ گڏيل نيول اسٽريٽيجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل اهم اتحادي بڻجي رهيا آهن۔ سڪيورٽي ٽيڪنالاجي، جنهن کي جيوٽيڪنالاجي جو تعاون سڏجي ٿو، ان ۾ چين پاڪستان کي هن وقت ستر سيڪڙو فضائي ۽ سامونڊي ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه هر قسم جي سڪيورٽي کي بهتر ڪرڻ ۾ چين پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي، جنھن لاءِ سمجهي سگهجي ٿو ته اهو پڻ ويسٽ يا آمريڪا جي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيو آهي۔ في الحال ته پاڪستان آمريڪا سان مڊل ايسٽ جي پيس بورڊ کان ويندي فلسطين جي امن لاءِ ڳڏ بيٺل آهي پر دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتون پاڪستان لاءِ وڌيڪ مشڪلات جو ڏس ڏئي رهيون آهن۔ پاڪستان جي اندروني سڪيورٽي حالتون وڏي پيماني تي خراب آهن. بلوچستان اندر بلوچ علحدگي پسند سيڪيورٽي فورسز کي ٽف ٽائيم ڏئي رهيا آهن ۽ افغانستان مان ٽي ٽي پي مسلسل حملا ڪري سڪيورٽي فورسز ۽ سويلين جو جاني ۽ مالي نقصان ڪري رهي آهي جنهن ڪري پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڏي جنگ جو امڪان بلڪل واضح نظر اچي رهيو آهي۔ پاڪستان هن وقت پنهنجي وجودي خطري واري صورتحال ۾ دوچار آهي۔
جيڪڏهن وري اسين ڏسون تہ هن وقت مودي اسرائيل جي اهم دوري تي آهي ۽ پوري دنيا ۾ ان کي پذيرائي ملي رهي آهي۔ آمريڪا به مڊل ايسٽ اندر پنهنجون جنگي سرگرميون تيز ڪري رهيو آهي. ايران ۽ آمريڪا جون ڳالهيون ٿيڻ جا امڪان به هاڻي گهڻو وقت ناهن هلڻا، اهي ڳالهيون آمريڪي مفاد ۾ به ڪونهن تنهنڪري لازمي نتيجو اهوئي هوندو ته ايران تي آمريڪا فوجي طاقت جواستعمال ڪري. آمريڪا جو آخري مفاد به اهو ئي آهي ته ايران ۾ رجيم چينج ڪري ڇاڪاڻ جو آمريڪا جيڪي ڳالهين لاء جيڪي نقطا رکيا آهن انهن کي ايران جي موجوده حڪومت ڪڏهن پورا ڪونہ ڪندي. باقي آمريڪا جون ايران ڳالھيون سان بس ڏيکاءُ آهن۔ ڪامياب ڳالهيون نه آمريڪا چاهي ٿو نہ ئي وري اسرائيل۔
ان پوري صورتحال ۾ پاڪستان پنهنجي سيڪيورٽي جي حوالي سان تمام وڌيڪ پريشان آهي۔ ڀلي هن وقت پاڪستان خوشامندي ٿي ڪري آمريڪا سان مڊل ايسٽ ۾ گڏ بيٺو آهي ۽ قوي امڪان آهي ته پاڪستان پنهنجون فوجون فلسطين ۾ به موڪلي حماس کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ اسرائيل کي به قبول ڪري ابراهم اتحاد جو ميمبر ٿئي۔ پاڪستان پوري چالاڪيءَ سان ڊپلوميسيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي۔ اهو سڀ ڪجھ پاڪستان ان لاءِ ڪري رهيو آهي جوخراب اندروني سڪيورٽي حالتن جو تعلق به دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن سان آهي۔ هن وقت افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اڻ اعلانيل جنگي ڪيشيدگي رڪيل آهي اها به صرف پاڪستان کي آمريڪا سان بيهڻ جي ڪري آهي۔ (ڪجھ ڏينھن کان پاڪستان افغانستان اندر فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آھن). پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ وارو ملڪ قطر آهي جنهن سبب ڪري وقتي طور جنگ رڪيل ھئي۔
پاڻ موٽي ٿا اچون ڪراچي شهر اندر موجوده سياسي حالتن طرف۔ مٿي ڪالم ۾ بحث ڪري آياسون تہ ڪراچي هڪ اهم بندرگاہ شهر آهي جيڪو عربي سمنڊ جي ذريعي پوري دنيا کي ڳنڍي ٿو ۽ ملڪ جي معيشت جو اهم مرڪز آھي جنهن کان سواء پاڪستان جي معيشت جي ڪا اهميت ڪونہ ٿي رهي۔ سنڌ جاگرفيائي حوالي سان سامونڊي ٻيٽن وارو صوبو آهي۔ هن شهر جون سياسي حالتون ان جي جاگرفيائي اهميت جي ڪري رهيون آهن۔ ڪراچي واحد بندرگاه آهي جيڪو افغانستان ۽ سينٽرل ايشيائي ملڪن تائين تجارتي سهولت فرهم ڪري ٿو. افغانستان به ڪراچي بندرگاہ واري تجارتي لنگھ جي ذريعي بيروني تجارت ڪندو رهيو آهي۔ ڪراچي عربي/ هندي سمنڊ تي بيٺل شهر آهي۔ عربي سمنڊ ۾ هن وقت آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا جا پاڻ ۾ گڏيل نيوي ۽ سڪيورٽي جا اتحاد آهن ۔ عربي سمنڊ آمريڪا جي لاء ٽين وڏي فليش پوائنٽ آهي ته جيئن انڊيا سان ملي ھن سمنڊ ۾ چين جي رستا روڪ ڪجي. تنهنڪري پاڪستان کي ان جي تشويش رهندي آئي آهي. پاڪستان انڊيا جي مقابلي چين سان ملي جيو اسٽريٽيجڪ ۽ جيو ٽيڪنالاجي جو تعاون ڪري انڊيا جي ڪنٽرول کي ختم ڪري چائنا کي عربي سمنڊ جي ذريعي وچ اوڀر ۽ آفريقا تائين تجارتي رسائي ڏئي رھيو آھي۔ اهو ئي سبب آهي جو هن وقت ڪراچيءَ اندر ايم ڪيو ايم، جيڪا ڪڏهن الطاف حسين واري ايم ڪيو ايم ھئي، آمريڪا، اسرائيل ۽ انڊيا جي پراڪسيءَ طور سامهون آئي ته جيئن انھن قوتن جي مدد سان ڪراچي کي الڳ صوبو ٺهرائي. پر پاڪستان جي سڪيورٽي ايجنسين الطاف واري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري، ڪمزور ڪري ورتو۔ ايم ڪيو ايم جو ڪراچي الڳ صوبو ٺاهڻ جو منصوبو آمريڪا ، اسرائيل ۽ انڊيا جي ريجنل اسٽريٽيجڪ مفادن ۽ سڪيورٽي ڊزائين جو پورائو ڪري رهيو هو جيڪو پاڪستان جي سڪيورٽي ڊزائين جي متضاد هيو۔ اهو ئي سبب آهي جو ويجهڙ ۾ بي جي پي جي اهم منسٽر راج ناٿ سنگھ پنھنجي بيان ۾ سنڌ کي انڊيا جو حصو بنائڻ جو اشارو ڏنو جنهن تي پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ کي اچي پريشاني ٿي جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ، تاريخ ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾ رهڻ جي قرارداد پاس ڪرائي. ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي هڪ دفعو ١٩٤٣ ع ۾ ساڳي قراردادا پاس ڪئي هئي جڏهن پاڪستان ڪونہ ٺهيو هيو ھو. انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ وٽ ان جي ڪيتري ڳڻتي هوندي۔ پاڪستان جي آئين ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبي وٽ ايترا پاور ته اچي ويا آهن جو ان قرارداد جي ضرورت پئي۔
هن وقت پوري دنيا ۽ خطي ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ حالتون پاڪستان جي سڪيورٽي لاءِ جاگرفيائي تبديلين جو امڪان ظاهر ڪري رهيون آهن۔ دنيا ۽ خطي ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن جي ڪري پاڪستان ۾ سڪيورٽي اسٽئبلشميٽ کي ملڪ لاء سيڪيورٽي ڊزائين جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي۔ ڪراچي هڪ ته سنڌ جو گادي جو شهر ۽ ملڪي معيشت جي انجڻ آھي۔ خاص ڪري ارڙهين ترميم کان پوءِ جيڪڏهن ڏسون ته وفاق ۽ سنڌ صوبي جي حڪومت ۾ مختلف قسم جي ڇڪتاڻ رهي آهي۔ سنڌ ۾ گذريل ارڙهن سالن کان پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آهي ۽ وفاق ۾ قائم ٿيل نون ليگ سرڪار جي اتحادي آهي ۔ وفاق هميشه اها ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته پي پي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي لالچ ۾ رکي ۽ ان کان صوبي جي قدرتي وسيلن، روينيوز ۽ ٽيڪسن کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ وٺي۔ پي پي سرڪار اقتدار ۾ رهڻ ڪري صوبي جي ڪيترن ئي مفادات جا سودا ڪندي رهي آهي. ان جي باوجود وفاق پاڻ کي غيرمحفوظ محسوس ڪري رهيو آهي جنهن جوبنيادي ڪارڻ عربي سمنڊ ۽ ڪراچي بندرگاه آهي۔ سنڌ صوبي جي وسيلن کي وفاق جي ڪنٽرول ڏيڻ کانپوءِ بہ وفاق پاڻ کي پاڻکي غير محفوظ محسوس ڪري ٿو۔ اهو ئي سبب آھي جو وفاق موجوده ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ڪراچي ۾ سهولتڪار ۽ سياسي اتحادي رکي ڪراچي شهر جو ڪنٽرول وفاق جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪرائي رهي آهي ۔ ڪراچي جو ڪنٽرول وفاق جي حوالي ڪرڻ سان ڪراچي شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جو مفاد پورو ڪونہ ٿيندو پر هنن تي مٿين سرڪار جو زور آهي ته هو اهو مطالبو رکن ڇاڪاڻ جو موجوده ايم ڪيو ايم ٢٠٢٤ ع واري اليڪشن ۾ مٿين وفاق سرڪار جي آشيرواد سان وزارتون حاصل ڪيون، انڪري ايم ڪيو ايم کي ڪراچي شهر ۾ ان قسم جي سياست لازمي ڪرڻي آهي۔ جيڪڏهن وفاق سنڌ جي اهم شهر کي ان قسم جي ڊزائين سان وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڪندو ته اهو فيصلو ملڪ جي سڪيورٽي لاء لازمي طو ڀيانڪ ٿيندو۔ سنڌ پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ سياسي، معاشي پاليسين ڪري ڀوگيندي رهي آهي. سنڌين ۾ اهو احساس گهرو ٿي ويو آهي ته هو هن ملڪ ۾ برطانوي بيٺڪيت کان به وڌيڪ بدترين متاثر ٿيندا رهيا آهن۔ ڪراچي سنڌ جي معاشي طرح سان لائيف لائين ۽ صوبي جي گادي جو شهر آھي تنهنڪري سنڌ جا ماڻھو وفاق جو اهو فيصلو قبول نہ ڪندا ۽ سنڌ جي جاگرفيائي ايڪائي کي ختم ڪرڻ ڪڏهن ڪونہ ڏيندا ڇو تہ اهو هنن جي لاء موت جي برابر هوندو۔ سنڌي عوام اسي سالن کان هن ملڪ جي معاشي استحصال جو شڪار رهيو آهي. هاڻي هن جاگرفيائي تبديليءَ منصوبو سنڌين کي پنهنجي آخري مزاحمت تي وٺي ايندو جيڪو پاڪستان جي سڪيورٽي کي ڀيانڪ صورتحال ڏي وٺي ويندو۔ پاڪستان ۽ سڪيورٽي اسٽبلشميٽ کي گهرجي ته پنهنجي سڪيورٽي ڊزائين تي نظر ثاني ڪري۔ اهو عمل پاڪستان ۽ ان جي سڪيورٽي کي اندروني وڌيڪ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ئي پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ سڪيورٽي حالتون بدترين آهن. وري ان عمل ڪرڻ سان ويتر سنڌ جون سياسي حالتون به بلوچستان وارين حالتن ڏانهن هليون وينديون جتي هن وقت پاڪستان جي سڪيورٽي جي بلڪل رٽ ڪونهي رهي۔ ايم ڪيو ايم ڪالھ به پاڪستان جي لاء سڪيورٽي رِسڪ رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به پاڪستان لاء سيڪيورٽي خطرو آهي۔
_______________

ڊاڪٽر شھبان سھتو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي



