Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مائوءَ جو ادب ۽ شعر جنھن ۾ سمورو چين ڄڻ ته ساهه کڻندي محسوس ٿئي ٿو

مائوءَ شاعري توڙي نثر بنيادي طور پنهنجي قوم سان رابطي جو وسيلو آهي. جنهن ۾ هن جهنگن، جبلن، راتين، شامن، وڻن، ٽڻن، آبشارن، ڪڪرن، ٽڪرن، سج، چنڊ، سمنڊ، ستارن ۽ هوائن جو ذڪر اهڃاڻي انداز سان ڪيو آهي

رياض شاهد دايو

”انسان جي سڀ کان پياري شئي سندس زندگي آهي ۽ کيس اها زندگي هڪ دفعو ئي ملي ٿي. ان ڪري انسان کي پنهنجي زندگي بي مقصد ۽ بزدليءَ سان نه گذارڻ کپي جو کيس بعد ۾اهڙي گذاريل حياتيءَ تي ندامت ٿئي، ان ڪري زندگي اهڙي نموني گذارجي جو مرڻ وقت چئي سگهجي ته اسان زندگي ڀر انسان ذات جي آجپي ۽ آزادي لاءَ ووڙيندا ۽ جاکوڙيندا رهيا آهيون.“

ڇھين سيپٽمبر 1945 ري مائوزينگ جو مشھور نظم ”برف“ شائع ٿيو ھو

لينن اهي سٽون جهڙوڪر چين جي عظيم انسان مائوزي تنگ لاءِ ئي چيون هيون. ڇاڪاڻ ته مائو هڪ اهڙو ذهين انقلابي ۽ ادبي ڏاهو هو جنهن پنهنجي سموري زندگي قوم کي ارپي ڇڏي، جنهن جون چٽيون شاهديون مون سميت هرڪو چين ويندڙ ماڻهو اتي ڏسي سگهي ٿو.

چين ۾ هڪ مهينو رهي اچڻ کانپوءِ چين جي تعليمي نظام، صنعتي ۽ ذرعي ترقي، خوشحالي، وڻج واپار ۽ ٻين شعبن بابت جيڪو تاثر مون وٽ قائم ٿيو آهي اهو تمام خوبصورت ۽ وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هڪ سڌريل قوم جون سڀيئي نشانيون موجود آهن. اڄ نه صرف چين جا ٻيا اثاثا يورپ کان وڌيڪ آهن پر ڪاٽيج انڊسٽري کان ويندي وڏين مشينرين جي صنعت تائين دنيا ۾ چين جو ڪو مثال ناهي. 

چين اها ايڏي بي پناه ترقي ڪيئن ڪئي آهي؟ ان سوال جو جواب هر چيني ماڻهو ڏئي سگهي ٿو ۽ ان جو جواب اهو ئي آهي ته چين کي معراج تي پهچائڻ جي پويان جنهن شخص جو وڏو هٿ آهي اهو صرف ۽ صرف مائوزي تنگ آهي. مائوزي تنگ  جي نظريي کي جمود ناهي. سندس ئي پيروي ۾ اڄ به چيني پنهنجي اقتصادي ماڊل ”چيني ساخت  سوشلزم“ ۾ واڌارا آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. توهان سوچيو ته جنهن سماج ۾ قابليت آهر ڪم ملي، فرد جي ذاتي تشخص جو مان رکيو وڃي، هرڪو ماڻهو روزي روٽي لاءِ هٿ پير هڻي ۽ ڏوهن جي شرح نه هئڻ برابر هجي ته پوءِ اهڙو سماج ٻين حوالن سان گڏ ڇونه جمالياتي حوالي سان اوج ۽ موج ماڻي. ان سماج ۾ ٿيٽر، سينيمائون، پارڪ، لائبريريون ۽ ٻيون تاريخي جايون ڇو نه آباد هونديون.

چيني ماڻهن جي اها خوبي آهي ته هو ڏاڍا کل مک، مزاحيه طبيعت رکندڙ ۽ يار ويس ٿين ٿا ۽ نتيجي طور هو ڪنهن به ماڻهوءَ جا جلد دوست ٿيو وڃن. چين ۾ رهڻ دوران اسانجون ڪچهريون، پروفيسرن، مينيجرن، اين جي اوز جي ماڻهن سميت يونيورسٽي ۾ اسان جي گائيڊز سان پڻ ٿيون. اسان محسوس ڪيو ته سياسي طور ڪميونسٽ ملڪ هئڻ جي باوجود هتي هرڪو ماڻهو اظهار جي آزادي تي يقين پيو رکي.

چين ۾ منهنجي دوستي زون چينگ نالي نوجوان سان ڏاڍي سٺي دوستي ٿي وئي. هو مائو جو ڳوٺائي هو. بيجنگ مان موڪلائڻ وقت هن هڪ ڪارڊ ۽ ڪتاب مونکي تحفي طور ڏنو ۽ چيو،

“توهان سان ڪچهرين دوران مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته توهان علم ۽ ادب ۾ وڌيڪ دلچسپي رکو ٿا. هيءُ ڪتاب چين جي جديد شاعري جو ڳٽڪو آهي، جنهن جهڙوڪر اسان جي روح کي گرمائي ڇڏيو آهي. توهان کي هيءُ ڪتاب يقينن سٺو لڳندو.”

مون سندس ٿورا مڃيا. ۽ مون ڪتاب کولي ڏٺو ته ان ۾ ٻين شاعرن سان گڏ مائو جي به شاعري هئي. مون کائنس پڇيو،

“مائو زي تنگ جديد شاعر آهي؟”

هن چيو،

”جديد ان ڪري آهي جو هن اسان کي ڪٿي جمود جو شڪار ٿيڻ ناهي ڏنو. هن جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ گس ۽ ڏس موجود آهن جيڪي اسانکي اڳتي وڌڻ ۾ اڄ به رهنمائي ڪن ٿا“

ڊاڪٽر بدر اڄڻ جوترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب، “مائو:سماج سڌارڪ ۽ شاعر” به مونکي ان ڪري جديد ٿو لڳي جو ان ۾ هر طرح جي جدت موجود آهي. اسان اڄ هڪ اهڙي سماج جو حصو آهيون، جتي استحصالي قوتن جو راڄ آهي. اڄ به هتي انسانيت بدران پرماريت کي فوقيت حاصل آهي. اڄ به هيءُ معاشرو بک، بدحالي، گهٽ ٻوسٽ ۽ مذهبي ڀونچال جو ڳڙه آهي. پوءِ اسان اهڙن گذري ويل ماڻهن کي ڇو نه جديد چئون جن آرٽ کي اهميت ڏني ۽ سماج لاءِ سٺو ڪم ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن توڙي فنڪارن جي ڳالهه ڪئي.

مائو چيو هو،

”اسان هڪٻئي سان اهڙا ويچار ونڊيون، علم، ادب، آرٽ، انقلاب ۽ ٻين مامرن تي هڪٻئي سان ڳالهايون ۽ آجپي لاءِ ڪو نئون دڳ ڪڍي سگهون. اسان صرف اهو ٿا چاهيون ته انقلابي ادب ۽ آرٽ پنهنجي تعميري گس تي هلن ۽ انقلاب کي هٿي وٺرائين ته جيئن اسان قومي دشمنن جا ڏند کٽا ڪري کيس ڀڄائي ڪڍون ۽ قومي آجپو ماڻي وٺون.“

مائو جي شاعري اصل ۾ سندس سياسي عقيدي جو اظهار آهي. سندس شاعري توڙي نثر بنيادي طور پنهنجي قوم سان رابطي جو وسيلو آهي. جنهن ۾ هن جهنگن، جبلن، راتين، شامن، وڻن، ٽڻن، آبشارن، ڪڪرن، ٽڪرن، سج، چنڊ، سمنڊ، ستارن ۽ هوائن جو ذڪر اهڃاڻي انداز سان ڪيو آهي. مائو جو 1936ع ۾ لکيل هڪ نظم جو عنوان “سِنو” يعني برف آهي. ان نظم تي چين ۾ ڪيترائي ٿيٽر ٿي چڪا آهن، اهڙي ئي هڪ ٿيٽر ۾ مونکي پڻ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هن نظم ۾ مائو جي جمالياتي ۽ انقلابي احساس هڪٻئي سان ٻٽ بيٺل نظر اچن ٿا.

مائو زي تنگ جي شخصيت تمام گهڻي گهڻ رخي آهي، هو هڪ ئي وقت انقلابي به آهي ته آدرشي پڻ آهي، قومپرست به آهي ته ڪميونسٽ پڻ، ويڙهاڪ به آهي ته نئين چين جو رهبر پڻ آهي، هو اهڙين ٻين ڪيترين ئي خاصيتن سان گڏ ڪمال جو شاعر ۽ ليکڪ پڻ آهي. ڊاڪٽر بدر اڄڻ جي هن ڪتاب ۾ مائوزي تنگ جي شخصيت ۽ سندس شاعراڻين توڙي دانشوراڻين خوبين کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪتاب ۾ مائو جا لکيل ٻه نثري ترجما آهن، جن ۾ “مائو جو اديبن ۽ فنڪارن کي خطاب” ۽ “ مائو جي سماج سڌارڻ لاءِ هدايت” شامل آهن. ٻنهي نثر پارن ۾ مائو جي انقلابي تخيل جو اجهل اظهار موجود آهي. شاعري جي حوالي سان ڊاڪٽر بدر صاحب ڪمال ڪاريگريء سان مائو جا 43 شعري شهپارا ترجمو ڪيا آهن.

هر شاعر جي شاعريءَ کي ڪو نه ڪو پس منظر ضرور هوندو آهي. مائو جي شاعريءَ ۾ سندس ڌرتيءَ جو ايڏو چٽو اظهار آهي جو ان ۾ سمورو چين ڄڻ ته ساهه کڻندي محسوس ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ ترجمو ڪيل نظم تمام گهڻا اهم آهن. انهن کي چيني ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت حاصل آهي. انهن نظمن ۾ Changsha (1925), The double ninth(1929), The long march(1935), Snow(1936), Reply to Lishyi(1957), Ode to the Plume Blossom(1961)  ۽ ٻيا شاهڪار نظم شامل آهن.

Changsha هنان صوبي جو هڪ علائقو آهي جيڪو سيانگ درياھ جي اورينج ٻيٽ ۾ آهي. مائو 1912 کان 1917 تائين ان ئي علائقي جي مشهور هنان يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. هن نظم ۾ اهو سڄو منظر نامو موجود آهي جيڪو ان دور دوران مائو محسوس ڪيو. نظم اڄ پنهنجي سياق و سباق سان به اسان جي روح کي تازگي بخشي وڃي ٿو.

  Mao, Marx & the market: capitalist adventures in Russia and China جهڙي مشهور ڪتاب جو ليکڪ ڊين ليبران ان ئي ڪتاب جي صفحي 250 تي مائو جي حوالي سان لکيو آهي ته،

 “There isn’t anything that is not mutually transformable. . . . Life and death are mutually transformable.”

يعني اهڙي ڪا به شئي ناهي جيڪا ڪنهن ٻي شئي سان نه ٿي مٽائي سگهجي، ايسيتائين جو زندگي ۽ موت جي وچ ۾ پڻ مٽا سٽا جو عمل جاري رهي ٿو. اها ئي سندس ڏاهپ آهي جيڪا ڪيترن دانشورن کي ڏانهس ڇڪڻ تي مجبور ڪري ٿي.

ڊاڪٽر بدر هن ڪتاب ۾ مائو جي جيڪا شاعري شامل ڪئي آهي يا ترجمي جي لاءِ چونڊي آهي، ان مان سندس ذهني پهچ ۽ ذهني آسودگيءَ جو اندازو بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب هڪ اصول پرست ڪامورو ته رهيو ئي آهي، پر هو علم ۽ ادب جو تمام وڏو پارکو ۽ چاهيندڙ پڻ آهي. عملي طرح پڻ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر جون ذميواريون تمام بهترين نموني نڀائي رهيو آهي. هو مختلف يونيورسٽين ۾ پڻ پنهنجي علم جي ترسيل جو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن مان سندس علمي سخاوت جي خبر پوي ٿي ته هو علم صرف پاڻ تائين محدود نٿو ڪرڻ گهري بلڪه سندس اهو ئي وڙ آهي ته هو علم کي ڪامريڊ مائو جي ان ڳالهه ته “هرشئي ڪنهن ٻي شئي سان مٽائي سگهجي ٿي” تي  عمل پيرا آهي ۽ علم کي مسلسل شاگردن تائين پهچائي موٽ ۾ شاگردن کان عزت، وقار ۽ مان مرتبي جهڙا قدر وٺي رهيو آهي.

ڊاڪٽر بدر جي هن ترجمي منجهان سندس ترقي پسند ادب ڏانهن سچي ۽ کري ڪمٽمينٽ جي خبر پوي ٿي. ڊاڪٽر صاحب اهڙي ترقي پسند ادب سان ڪميٽيڊ آهي جيڪو عوام جو شعور ۽ نظرياتي سطح بلند ڪري رهيو آهي. سندس اهڙيون ڪوششون جس لهڻن.

________________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ، ڪراچي ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

2 رايا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button