Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پِيرو لاشاري: 121 سال پُراڻي ريلوي اسٽيشن جنھن کي پاڪستان ريلوي برباد ڪري ڇڏيو

2008 ۾ بدين جي ايم اين اي ھن رُوٽ جي عمارتن جي ڪجھ مرمت ڪرائي ريل رستو کولرايو پر 2021 کان ھي ريل رستو بند آھي. ڄڻ ته سرد خاني ۾ رکيل لاش آھي جنھنجو ڪو واھي وارث ناھي  

الطاف صديقي

حيدرآباد کان بدين ڪيترائي دفعا روڊ رستي  وڃڻ ٿيو آھي. بدين کان 11 ڪلوميٽر اورتي پِيرُو لاشاري ڳوٺ جي ريلوي اسٽيشن جي عمارت روڊ کي ويجھي ھجڻ سبب ايندي ويندي نظر ايندي آھي. اھا عمارت مونکي ٻين ريلوي اسٽيشنن جي عمارت کان مختلف نظر ايندي آھي. ايئن لڳندو ته ڄڻ ڪائو بواء طرز جي انگريزي فلمن واري ريلوي اسٽيشن ھجي. منھنجي لاء ريل جو سفر ۽ ريل جو ماحول ڪشش رکندو آھي. ڪيترائي ڀيرا سوچيو ھيم ته پيرو لاشاريءَ جي ھن وقت ويران پيل اسٽيشن تي وڃان، اُن کي ڏسان، اُن جي ڀتين سان ڳالھايان ، ان جي پليٽ فارم تي بيھي ان منظر کي خيال ۾ آڻيان جڏھن انگريزن اُھا ريلوي لائين وڇائي يا انھن ڏينھن جو تصور ڪريان جڏھن ھيءَ ريلوي اسٽيشن اوج تي ھئي ۽ ان لائين تي ھلندڙ ٽرينون ھن اسٽيشن تي بہ بيھنديون ھيون.

 15آگسٽ 1904ع جو ڏينھن آھي. حيدرآباد کان افتتاحي ريل بدين ڏانھن وڃڻ لاء کٿڙ ، ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ تلھار اسٽيشنن تي بيهندي پنھنجو آڌرڀاءُ ڪرائيندي اچي پئي. پليٽ فارم تي سنگل مٿي آھي. ريل گاڏي جا پنج گاڏا ڪاري انجڻ ڇڪيندي ڪُوڪُون ڪندي دونھون اُڏاريندي اچي پئي. ڄڻ ته پيرو لاشاري اسٽيشن جي عمارت جو ھن ريل سان پرڻو ھجي ۽ مسافر سندس ڄاڃي ھجن . عمارت جي سونھن ريل جي اچڻ سان ٻھڪي ٿي پوي. ڄڻ ڪو فوجي ورھين جي وڇوڙي  کان پوء  پنھنجي زال سان مليو ھجي.  

عمارت مون اجنبيءَ کي  سرگوشين ۾ ٻڌائي پئي ته جڏھن ريل ايندي ھئي ته ڇا ته رونق ھوندي ھئي. زالين مڙسين ٻار ٻچا سفر لاء گڏ ٿيندا ھئا، ھاري ناري ڀاڄيون ۽ اناج مارڪيٽ لاء وڪرو ڪرڻ ويندا ھئا ۽ مونکي تڏھن خراب لڳندو ھو جڏھن بابُو سيٽي وڃائيندو ھو ۽ سائي جھنڊي ڏيکاريندو ھو. سگنل ھيٺ ٿي ريل کي الوداع ڪندو ھيو ته ڄڻ منھنجو ساه نڪرندو ھيو.

پوء ايئن اسي نوي سال اھو جھان ھلندو رھيو. مان پاڻ کي سدائين جوان محسوس ڪندي ھيس پر پوء ھن روٽ جي بدقسمتي تڏھن شروع ٿي جڏھن منھنجي پھاڄ روڊ رستا وڌيا. 

 ميمڻن ۽ خواجن جون لاريون ھلڻ لڳيون ته ان ماحول سبب ڄڻ ته ريل کاتو بيمار ٿي پيو. مسافرن بي وفائي شروع ڪئي ۽ مون ڏي اچڻ گھٽائي ڇڏيو. ڄڻ ڪوٺي جي رقاصہ پوڙھي ٿي ھجي. منھنجي سونھن ته انھن مسافرن سان ئي ھوندي ھئي. پوءِ منھنجو سرير اجڙڻ شروع ٿيو ۽ منھنجي عمارت جي  سِرن کي  ڪلر کائڻ لڳو.

 مونکي ياد آھي ته 2008 ۾ فھميدہ مرزا اسان جي سنڀال ڪئي ۽ ھن روٽ جي عمارتن جي ڪجھ مرمت ڪرائي ريل رستو کولرايو پر 2021 کان ھي ريل رستو بند آھي. ڄڻ ته سرد خاني ۾ رکيل لاش آھي جنھنجو ڪو واھي وارث ناھي.      ائين چئي پيرو لاشاري اسٽيشن  واري عمارت خاموش ٿي ويئي جنھن مونسان گھڻو نٿي ڳالھائڻ چاھيو.  

مان  ساڻس اکين ملائڻ جي ھمت نه ساري سگھيس. پنھنجي نظرن کي ريل جي پٽڙي  تي ڊورائڻ لڳس. ان پٽڙيءَ کي زنگ ۽ اوڏوھي ختم ڪري رھيا ھئا. مونکي ھي ريل رستو آئي سي يو ۾ پيل ھڪ اھڙو مريض نظر آيو جنھن جي بچڻ جي ڪا اميد نه ھجي .

ليکڪ پيرو لاشاري ريلوي اسٽيشن جي تباھ عمارت وٽ

واپس اچڻ وقت ذھن ۾ سوال اڀري رھيو ھيو ته رياست جو ڪم صرف پئسا ڪمائڻ نه پر بنيادي سھوليتون ڏيڻ به  آھي ، جيئن تعليم ، صحت وغيره لاء اسڪول اسپتالون موجود آھن، جھڙي به حال ۾ آھن، ايئن ريلوي جي بند پيل روٽن کي بہ کوليو وڃي .

________________

الطاف صديقي رٽائرڊ بينڪر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button