سائين جي ايم سيد: سنڌ جي فڪر، سياست ۽ سڃاڻپ جو اڻ مٽ اُھڃاڻ
سائين جي ايم سيد هڪ اھڙي عظيم ۽ لازوال شخصيت آهي، جنهن پنهنجي فڪر، جدوجهد، سياست ۽ قلم وسيلي سنڌ کي پنهنجي سڃاڻپ جو شعور ڏنو، سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو
مُشتاق ٽانوري
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون آهن، جيڪي رڳو پنهنجي دور جون علامتون ناهن ، پر صدين تائين قوم جي فڪر، سياست ۽ سڃاڻپ جو حصو بڻجي ويون آهن. سائين جي ايم سيد اهڙي ئي هڪ عظيم ۽ لازوال شخصيت آهي، جنهن پنهنجي فڪر، جدوجهد، سياست ۽ قلم وسيلي سنڌ کي پنهنجي سڃاڻپ جو شعور ڏنو، سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو. هو رڳو سياستدان نه هو، پر هڪ تحريڪ هو. هو رڳو ليکڪ نه هو پر هڪ فڪر هو. هو رڳو اڳواڻ نه هو، پر سنڌ جي روح جو آواز هو. سائين جي ايم سيد جو قوم پرستي وارو فڪر حب الوطني ۽ انسان دوستي تي ٻڌل آهي. جنهن سنڌي ماڻهن کي الڳ سماجي، سياسي، قوم ۽ معاشي قومي اڪائي جو وارث ۽ مالڪ ڄاڻايو. جنهن کي سنڌ جي نوجوانن سائين جو لقب ڏنو. سائين جي ايم سيد جو اهو وڏو قومي ڪارنامو آهي ته هن پنهنجي دور جي نئين نسل کي سنڌ وطن جي ڪلچر، روايتن ۽ تاريخ کان واقف ڪيو ۽ سنڌي ماڻهن کي قومي سڃاڻپ برقرار رکڻ جو عظيم درس ڏنو. سائين جي ايم سيد اهو قوم پرست، سيڪيولر ۽ صوفي سياستدان هو. جنهن سنڌ کي قومي وطن ۽ شاهه ڀٽائي کي قومي شاعر طور نئين سر دريافت ڪيو. اڄ به سنڌ وارا ان جي ڏنل قومي شعور ۽ علمي پورهئي سبب پنهنجو قومي ڪيس وڙهندا پيا اچن. سائين جي ايم سيد 17 جنوري 1904ع تي اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري جي شهر سن ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو غلام مرتضيٰ شاهه هو. سندس والد سيد حيدر شاهه جلد وفات ڪري ويو، جنهن سبب ننڍپڻ کان ئي زندگيءَ جي سختين سان منهن ڏنائين. يتيمي، سماجي ناانصافين ۽ جاگيرداراڻي نظام جي ظلم سندس ذهن تي گهرو اثر ڇڏيو. جي. ايم. سيد کي 01 جولاءِ 1910ع تي پرائمري اسڪول سن ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي ٻاراڻو پڙهيو. ان کان پوءِ سن جي ملا مڪتب ۾، ٿوري وقت بعد جنوري 1913ع ۾ ٻيهر سنڌي اسڪول سن ۾ ماستر ڌرمداس ڀاڳو مل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ان بعد ماستر ريواچند وٽ پڙهيو، جتان چار درجا پاس ڪرڻ بعد هيڊماستر وسڻ مل ٻالچند وٽ پنج درجا پاس ڪري ڇهين ۾ آيو. شهر ۾ وڌيڪ تعليم جو انتظام نه هئڻ ڪري آخوند ميان سمن ولد محبوب ميمڻ وٽ قرآن شريف ناظره پڙهڻ ويٺو. ان سان گڏ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي محمد هاشم احمد ميمڻ سن واري وٽ ورتائين. ميان حامد علي ميمڻ هالاڻيءَ واري وٽ سن ۾ ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو ۽ ڪجهه وقت ماستر نارائڻ داس وٽ به انگريزي پڙهيو. ان بعد مولوي الهه بخش دادوءَ واري کي گهرائي، وٽس وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪيائين. ان ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي جي. ايم. سيد ڳوٺ ۾ عربي فارسي مدرسي جو بنياد وجهرايو ته جيئن سندس ساٿي به ساڻس گڏجي پڙهي سگهن. مدرسي ۾ مولوي محمد سيال دادوءَ واري وٽ پڙهيو ۽ پوءِ ڪوشش ڪري سن ۾ ٽي درجا انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪرايائين. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ۾ ننڍپڻ کان وٺي سماجي خدمت ۽ تعليم لاءِ وڏو چاهه هو. ڪتابن سان سندس رشتو رڳو علم حاصل ڪرڻ تائين محدود نه هو، پر فڪر کي جنم ڏيڻ وارو هو.

سائين جي. ايم. سيد 15 سالن جي عمر ۾، 1919ع کان پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. خلافت تحريڪ ۽ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. مهاتما گانڌي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙن اڳواڻن سان لاڳاپا قائم ٿيا. پهرين جون 1925ع تي جي. ايم. سيد تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ 4 جون 1925ع تي ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي 26 آڪٽوبر 1925ع تي ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو نائب صدر ۽ 29 نومبر تي تعلقي لوڪلبورڊ مانجهند جو صدر به چونڊيو. نومبر 1928ع ۾ هو ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو چيئرمين چونڊيو1928ع کان ئي سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته سيد ان ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان حصو ورتو. 1931ع ۾ بابو سباش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگهه جي يوٿ ليگ جو ميمبر ٿيو. سائين جي . ايم سيد جون 1934ع ۾ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪرائي، ان جو ليڊر سر شاهنواز ڀُٽو ۽ جنرل سيڪريٽري حاتم علوي کي ڪرائي، جوائنٽ سيڪريٽري پاڻ ٿيو. 1936ع ۾ جي. ايم. سيد، حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، ”اتحاد پارٽي“ قائم ڪئي، جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو، حاجي عبدالله هارون ۽ ان جي ساٿين شرڪت ڪئي. آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن جي ڪوٺائڻ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ جي. ايم. سيد جو وڏو هٿ هو. مير بنده علي خان وزارت ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم. سيد ۽ خانبهادر ايوب کهڙو وزير ٿيا. جي. ايم. سيد کي تعليم، انڊسٽري، ليبر ۽ ٻيلي کاتي جا کاتا مليا. اٺن مهينن جي وزارت دوران جي. ايم. سيد سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام لاءِ سيد ميران محمد شاهه، علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻين ميمبرن تي مشتمل ڪميشن ٺهرائي، سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪرايو (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ بڻيو)، سيڪنڊري تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرائي (جنهن اڳتي هلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي صورت اختيار ڪئي)، سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي مضمون پڙهائڻ جو حڪم جاري ڪرايائين، راڳ ۽ ڳوٺاڻي رقص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪرايائين، سنڌي ڊڪشنري تيار ڪرڻ لاءِ عالمن جي هڪ ڪميٽي ٺاهرايائين، جن الف. ب جي ابتدائي ٽن اکرن تي ڪم ڪيو،ڪراچي ريڊيو اسٽيشن قـائـم ڪــرڻ لاءِ ڪـوشـش ڪـيائيـن، ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين پڪو رستو ٺهرايائين، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين (جنهن اڳتي هلي قيام پاڪستان بعد پيرزادي عبدالستار جي دور ۾ عملي روپ ورتو) ۽ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کي ڪاليج جي حيثيت ڏياريائين. وزيرن جون بدعنوانيون ڏسي، جي. ايم. سيد ڪجهه مهينن کان پوءِ وزارت تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. 1942ع ۾ حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ صوبائي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو ۽ 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايو ۽ هڪ يادگار تقرير ڪيائين، جنهن ۾ پاڪستان اندر سنڌ لاءِ هڪ خودمختيار رياست جو تصور ڏنو ويو. سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪرائڻ سندس سياسي زندگيءَ جو اهم سنگ ميل هو.
1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ سان ناانصافيون وڌڻ لڳيون، ون يونٽ لاڳو ٿيو، سنڌي ٻوليءَ کي دٻايو ويو ۽ وسيلن تي مرڪز جو قبضو وڌيو ويو، تڏهن سائين جي ايم سيد جو شعور نئين موڙ تي پهتو.هو سمجهي ويو ته سياسي آزاديءَ کانسواءِ قومي آزادي ممڪن ناهي. پاڪستان اندر سنڌ هڪ صوبو نه، پر هڪ غلام قوم بڻجي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن سنڌ جي قومي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. سائين جي ايم سيد سنڌي قومي تحريڪ جو باني ۽ فڪري رهنما هو. هن سنڌ جي آجپي جو تصور پيش ڪيو. سندس خيال موجب سنڌ هڪ تاريخي ملڪ آهي، جنهن جي پنهنجي تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ سياسي سڃاڻپ آهي. هو چوندو هوته ”جيستائين ڪا قوم پنهنجي تاريخ نه سڃاڻيندي، تيستائين اها پنهنجي مستقبل جو فيصلو نٿي ڪري سگهي.“ سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي ٻڌايو ته قومون هٿيارن سان نه، پر فڪر سان زنده رهنديون آهن. سائين جي ايم سيد جي سياسي زندگي جيلن، نظر بندين ۽ پابندين سان ڀريل رهي. کيس ڪيترائي ڀيرا قيد ڪيو ويو. سن ۾ سندس گهر عملي طور جيل بڻايو ويو، جتي هو سالن تائين نظر بند رهيو. اهو قيد سندس قلم کي روڪي نه سگهيو. هو قيد دوران لکندو رهيو، پڙهندو رهيو ۽ فڪري جنگ جاري رکندو رهيو. سندس نظر بندي دراصل سندس فڪر جي آزاديءَ جي شاهدي بڻجي وئي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي فڪري تاريخ جو اهم حوالو آهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر جو بنياد تصوف ۽ انسان دوستي هو.

هو نفرت، تعصب ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف هو. سندس سياست به محبت، امن ۽ رواداريءَ تي ٻڌل هئي. پهرين مئي 1988ع تي نظربنديءَ دوران جي. ايم. سيد سن ۾ ”سنڌ قومي اتحاد“ جوڙايو، جنهن جو صدر رئيس عبدالحميد خان جتوئي مقرر ٿيو. 17 جنوري 1992ع تي جي. ايم. سيد نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي 89هين سالگرهه جي موقعي تي نيو ورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ اقوام متحده کي دنيا جي ملڪن جي نئين سر جوڙجڪ جو مشورو ڏنو ۽ ان ۾ سنڌ جي آزاديءَ جو ڪيس به پيش ڪيو. 19 جنوري 1992ع تي کيس نظربند ڪيو ويو، جيڪا نظربندي سندس زندگيءَ جي آخري لمحن تائين قائم رهي. سائين جي .ايم سيد پنهنجي ڄمار جا 30 ورهيه جيل ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا. 17 مارچ 1995ع کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي. 18 مارچ کان وٺي جناح اسپتال ۾ نظربنديءَ دوران زير علاج رهيو ۽ 25 اپريل 1995ع جو رات جو دير سان جي. ايم. سيد دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. صبح تائين لکين ماڻهو سن پهچي ويا. 25 اپريل تي لکين سوڳوارن جي موجودگيءَ ۾ سيد کي سن جي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد دفن ڪيو ويو. سندس تدفين وقت قرآن پاڪ، انجيل، توريت، زبور، گيتا ۽ شاهه جي رسالي جو ورد ٿيندو رهيو ۽ ان ورد دوران سنڌ جي تاريخ جي هن عظيم شخصيت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جي. ايم. سيد کي ٽن ڌيئرن ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. سندس ڌيءَ درشهوار ”شاهه لطيف جي عالمي پيغام“ تي ايڊنبرا يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي ۽ ڪيترا سال شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر رهي. سندس وڏو پٽ امير حيدر شاهه قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر رهيو. سندس ٻئي فرزند سيد امداد شاهه سياست ۽ سماجي خدمتن ۾ وڏو نالو ڪڍيو، صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. 25 اپريل 1995ع تي سائين جي ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس فڪر سنڌ جي شعور ۾ زنده رهيو. اڄ به سنڌ جي هر قومي تحريڪ ۾ سندس نالو نظريي طور موجود آهي. سن جو شهر اڄ به سندس فڪر جو مرڪز آهي. سائين جي ايم سيد رڳو هڪ انسان نه هو، پر هڪ فڪر هو، هڪ تحريڪ هو ۽ هڪ سڏ هو، آزاديءَ جو، سچ جو ۽ سڃاڻپ جو. هو سنڌ کي ٻڌائي ويو ته غلامي قسمت ناهي، پر قبوليت جو نالو آهي ۽ آزادي خواب ناهي، پر جدوجهد جو نتيجو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو هميشه ان مفڪر طور لکيو ويندو، جنهن قوم کي سوچڻ سيکاريو، سوال ڪرڻ سيکاريو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ سيکاريو.
______________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو
mushtaqtanwari@gmail.com



