ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ فائنل: پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ راند کان وڌيڪ سياست
ايشيا ڪپ جهڙي ٽورنامينٽ، جيڪا ماضيءَ ۾ پاڪستان ۽ انڊيا لاءِ سفارتي رستو به بڻبي رهي آهي، هاڻي پاڻ هڪ تڪراري باب بڻجي وئي آهي.
ڇا مستقبل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ڪرڪيٽ کي سفارتڪاري جو ذريعو بڻائيندا يا وري هر ڀيري راند کي سياست جو ميدان بڻائيندا؟
مُشتاق ٽانوري
ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ رڳو هڪ ڪرڪيٽ مقابلو نه پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سالن کان جاري سياسي ڇڪتاڻ، قومي جذبن ۽ سفارتي لاڳاپن جو عڪس بڻجي وئي. ميدان ۾ بال ۽ بيٽ جي ٽڪر سان گڏ، اسٽينڊز ۾ تماشائين جي جوش ۽ سوشل ميڊيا تي تبصرن جي طوفان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته پاڪستان-ڀارت ڪرڪيٽ هميشه رڳو راند نه هوندي آهي. ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل بہ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ رڳو هڪ راند نه رهي، پر سياست، ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جو عڪس بڻجي وئي.
ٽاس کان پوءِ پاڪستان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. فائنل ۾ پاڪستاني بيٽنگ لاءِ شروعات بهتر رهي. منصوبو اهو هو ته پهرين ڏهه اوورن ۾ اوپنرز وڪيٽون بچائين ۽ آخر تائين وڏو اسڪور ٺاهجي. صاحبزادي فرحان جارحاڻو انداز اختيار ڪيو، فخر زمان پنهنجي روايتي انداز ۾ محتاط راند کي اڳتي وڌايو. اننگز جي اڌ تائين پاڪستان نو وڪيٽون بچائي ويو پر حقيقي آزمائش تڏهن شروع ٿي جڏهن بال پراڻو ٿيو ۽ ڀارتي اسپنرز ميدان ۾ اچي ويا. جڏهن پچ ۽ بال جي حقيقتن کي ڏسڻ جو وقت آيو ته پاڪستان ڪاغذي منصوبو تبديل نه ڪيو ۽ بيٽرن اسٽريٽجي تبديل ڪرڻ بدران بائونڊري کان بال ٻاهر پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش جاري رکي، پراڻي بال تي ڀارتي اسپنرز خلاف ڇڪا هڻڻ جو خواب ٽٽي پيو. جڏهن ته حالتن جي گهرج هئي ته سنگل ڊبل ذريعي اسٽرائيڪ روٽيشن ڪيو وڃي. نتيجي ۾ هڪ اهڙو اسڪور بيٺو، جيڪو بنگلاديش يا افغانستان خلاف ته فائدي وارو هجي ها، پر ڀارت جي مضبوط بيٽنگ لائن لاءِ اهو رڳو هڪ آسان حدف هو.

بالنگ جي بهتر ڪوشش جي باوجود پاڪستان کي آخر ۾ ساڳئي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو، ڊيٿ اوورن ۾ بال ريورس نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ماڪ پوڻ سبب بالر پنهنجا حربا آزمائڻ ۾ ناڪام رهيا. ڀارتي بيٽرن خاص طور تي تلڪ ورما اعتماد سان اننگز کي اڳتي وڌايو ۽ آخري اوور ۾ ٽيم کي ٽارگيٽ تائين پهچايو.
جيڪڏهن ميچ ۾ پاڪستان جو بيٽنگ پلان ناڪام رهيو ته ميچ کانپوءِ پڄاڻي واري تقريب ۾ ڀارت جو سياسي رويو بحث جوڳو بڻجي ويو. ڀارتي ٽيم ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته اها ٽرافي پاڪستاني وزير داخلا محسن نقوي جي هٿ مان وٺڻي هئي، جيڪو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو سربراهه آهي. ان عمل سبب تقريب هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿي ۽ نيٺ بنا ٽرافي ڏيڻ جي ختم ٿي وئي. اهو شايد دنيا جي راندين جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو موقعو هو، جتي فائنل ٽيم کي ٽرافي ئي نه ملي.
راند ۽ پڄاڻي واري تقريب بعد ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي لکيو ”راند جي ميدان ۾ آپريشن سندور، نتيجو ساڳيو ـ ڀارت کٽي ويو!“ هن بيان کي جتي ڀارت اندر ڪجهه حلقن جي حمايت ملي، اتي ئي ڪيترن ماڻهن ان کي فوجي قربانين جي توهين قرار ڏنو. پاڪستاني وزير داخلا محسن نقويءَ جواب ۾ چيو ته ”جنگ کي ڪرڪيٽ سان ڳنڍڻ مايوسي ۽ راند جي بي عزتي آهي.“ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ڀارتي ٽيم جي رويي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو ۽ چيائين ته ”هينڊشيڪ نه ڪرڻ ۽ ٽرافي نه وٺڻ حقيقت ۾ ڪرڪيٽ جي بي عزتي آهي.“ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو صحافين کي چيو ”اسان جي ٽرافي ڊريسنگ روم آهي، جتي رانديگر ۽ اسٽاف گڏ آهن.“
راند کٽڻ يا هارائڻ کان وڌيڪ، هي فائنل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ سياسي ڇڪتاڻ کي اجاگر ڪري وئي. هي فائنل ثابت ڪري وئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرڪيٽ رڳو راند ناهي. اها ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن، سياسي بيانن ۽ قومي جذبن جي عڪاس بڻجي چڪي آهي. ايشيا ڪپ جهڙي ٽورنامينٽ، جيڪا ماضي ۾ ٻنهي ملڪن لاءِ سفارتي رستو به بڻبي رهي آهي، هاڻي پاڻ هڪ تڪراري باب بڻجي وئي آهي. ايشيا ڪپ 2025 جو فائنل تاريخ ۾ رڳو هڪ راند نه پر هڪ سياسي واقعي طور ياد رکيو ويندو جنهن کي بال جي گهماوٽ ۽ بائونڊري جي شور کان وڌيڪ، ٽرافي جي غيرموجودگي ۽ سياسي بيانن هن مقابلي کي هڪ نئون رخ ڏئي ڇڏيو. سوال اهو آهي ته ڇا مستقبل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ڪرڪيٽ کي سفارتڪاري جو ذريعو بڻائيندا يا وري هر ڀيري راند کي سياست جو ميدان بڻائيندا؟

________________
مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو