Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

ضلعي انتظاميا حيدرآباد ۾ سگريٽ نوشيءَ تي سخت پابندي ھڻي ڇڏي

سرڪاري ۽ خانگي آفيسن،  تعليمي ادارن، ريسٽورنٽس، شاپنگ مالز، اسپتالن، تفريحي ماڳن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي سگريٽ پيئڻ تي بندش. سموڪنگ ايريا بہ ختم، ايش ٽري رکڻ جي اجازت بہ نہ ھوندي

حيدرآباد، سنڌ

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس مان جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن موجب حيدرآباد ضلعي ۾ ” تماڪ نوشيءَ خلاف ۽ غير تماڪ نوش ماڻهن جي تحفظ آرڊيننس 2002″ تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن. اهڙو فيصلو ڊسٽرڪٽ امپليمينٽينشن ۽ مانيٽرنگ ڪميٽي (DIMC) براءِ تماڪ ڪنٽرول جي هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن بعد سموري ضلعي ۾ ھڪفم هيٺ ڄاڻايل قدم لاڳو هوندا:

نوسموڪنگ بورڊز ھڻڻ

سمورين سرڪاري ۽ خانگي آفيسن،  تعليمي ادارن، ريسٽورنٽس، شاپنگ مالز، اسپتالن، تفريحي ماڳن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي واضح طور تي نوسموڪنگ جا بورڊ نمايان ڪرڻ لازمي هوندا. ڪنھن به عوامي يا ڪاروباري ھنڌ تي ايش ٽري يا ڪنهن به قسم جي سگريٽ نوشيءَ جو سامان رکڻ تي پابندي هوندي.

مخصوص سموڪنگ علائقن جو خاتمو

سڀني آفيسن، هوٽلن ۽ عوامي هنڌن تي ٺاهيل مخصوص سموڪنگ علائقن کي فوري طور تي ختم ڪيو ويندو.

سخت نفاذ ۽ ڪارروائي

اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، پوليس، سنڌ فوڊ اٿارٽي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن، مڪاني ۽ ضلعي ادارن ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ کي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڀڃڪڙي جي حالت ۾ لاڳاپيل قانون تحت سخت  ڪارروائي ڪئي ويندي.

بندش جو دائرو 

اها پابندي سمورن سرڪاري ۽ خانگي آفيسن، تعليمي ادارن، اسپتالن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، پارڪن، تفريحي ماڳن، هوٽلن، ريسٽورنٽس، اسٽيڊيم، راندين ۽ سنوڪر ڪلبن، سينيما گھرن، ڪانفرنس هالن، بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن ۽ هر ان ھنڌ تي لاڳو ٿيندي جيڪي عوام لاءِ کليل آهن.

ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جي مطابق اهي حڪم فوري طور تي لاڳو آهن ۽ ٻئي حڪم تائين لاڳو رهندا. عوام ۽ ادارن کي درخواست ڪئي وئي آھي ته اهي تماڪ نوشي کان پاڪ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ انتظاميا سان سهڪار ڪن. (پريس رليز)

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button