جيون ڪاڳر تي پنڊ پھڻ ٿي ويل هٺ هٺيلا، نيڻ نشيلا: ڪتاب ”پنڊ پھڻ“ جو اڀياس
شڪيل پريالويءَ جي شاعري ڪنھن ڪاڳر تي مس ڪُپڙيءَ مان ڪريل مس نه آهي، هن پنھنجي مڪمل سچائيءَ سان رت جي راند ڪندي اهي شعر سرجيا آهن. سندس شاعريءَ جي مڌ ۾ انقلابي ارغواني لالاڻ آهي، جيڪا ڪنھن به ملول من کي زندگيءَ جي حقيقتن سان مھاڏو سيکارڻ جي سگهه ڏئي ٿي.

نياز مسرور بدوي
ڪشور ڪمار جو ڳايل ھڪ مشھورگيت آھي ”ميرا جيون ڪورا ڪاغذ، ڪورا هي رهه گيا“، پر حقيقت بنھه ان جي ابتڙ آهي ته، جيون جو ڪتاب ڪڏهن به ڪورو نه رهندو آھي. ان ۾ وقت سان گڏوگڏ زندگيءَ جون مسرتون ۽ نفرتون شامل ٿينديون رهنديون آهن. ڪن انسانن جي خوشين جا خانا شادمانين سان سرشار هوندا آهن ته ڪن جا آشيانا غمن جي گرد غبار سان اٽيل هوندا آهن. ڪن کي زندگيءَ جي لذتن جو اڻ ميو ميوو ميسر ٿيندو آهي ته وري ڪن کي ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان رهڻو پوندو آهي. زندگيءَ جي ورقن جا اهي سلسلا سدائين لکبا رهبا آهن. اهي يادگيريون انسان جي جياپي جو ڪارڻ به هونديون آهن. انھن يادن ۾ سندن ذاتي تجربا، مشاهدا، دلي وارداتون، ڀوڳنائون، جفائون، وفائون، دغائون مطلب ته هر اهو ستم تحرير هوندو آهي، جيڪو دل جي دنيا تي وارد ٿيندو آهي. اهو نزول حساس انسان جي دل جي ڌڙڪڻ بڻجي کيس شاعر يا ڪھاڻيڪار بڻائي ڇڏيندو آهي يا وري هن آباد گلشن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري مجذوب ۽ مجنون بڻجي ويندو آهي.
شڪيل پريالويءَ جي شخصيت به اهڙي هڪ اهڙي ذي شعور اڏول مجنون واري هئي، جيڪو پنھنجي اصولن ۽ آدرشن تي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ثابت قدم رهيو. ان اڏولتا ۽ مڙسيءَ واري ماڻهپي جي ڪري دنيا جي سختين ۽ شدتن کي ٽھڪن جي گونجار ۾ اڏائيندو رهيو. ان بظاهر پنڊ پھڻ جھڙي انسان جي دل ۾ جيڪا انسانيت جي ڪوملتا وديعت ٿيل هئي، ان کيس يارن جو يار بڻائي ڇڏيو، هُو اهڙو يار هو جنھن جي وڇوڙي جو ڏک اڄ به سندس دوستن جي دلين ۾ جاڳندو رهي ٿو.
سميع سجاد لکي ٿو ته ”مشاعري ۾ شعر پڙهندو هو ته لفظ سندس زبان مان رقص ڪندا نڪرندا هئا. مسئلن جا ڄار سندس ذهن کي ايئن وڪوڙيندا ويا، جيئن وڻ ويڙهي وڻ کي وڪوڙيندي آهي. پر هو آزاد خيال ماڻهو هو ان ڪري نو ٽينشن.“
ادل سومرو لکي ٿو ته ”سگريٽ جو ڪش هڻي جڏهن دونھون اڇلائيندو هو ته سندس چھري جي ڪيفيت تبديل ٿي ويندي هئي. کرو ماڻهو هو وٽس چوڻ جو هنر ۽ حوصلو هو.“

شڪيل پريالوي هڪ چتر ڪار، جيڪو مون کي لڳي ٿو ته پنھنجي ان هنر ۾ به ڪمال رکندو هوندو، ان ڪري کيس جمال سان، مرڪ ۽ معصوميت سان تمام گهڻو پيار هو. هُو فنڪار هو، ان ڪري هن زماني جي ستم ظريفيءَ کي ڪنھن خالي ڪمري۾ ويھي، پنھنجي ايزل تي رکيل خالي ڪينواس تي رنگ ۽ برش جي رنگن سان ضرور چٽيو هوندو، پر اهي دلڪش پورٽريٽ، لينڊ اسڪيپ، ڪولاج، وغيره منظر عام تي نه اچي سگهيا آهن، پر شڪيل پريالويءَ جا خوبصورت غزلن جھڙا احساس، نظم جھڙن لفظن جون اڌارون، ڌڪاريل انسانن سان محبت واريون ڪيفيتون، جيڪي اڃا تائين سندس دوستن جي دلين تي نقش آهن، اهو هن بيوفا دنيا ۾ هڪ اهڙو معجزو آهي، جيڪو صاف ۽ نيڪ دل انسان کي وراثت ۾ ملندو آهي.
شڪيل پريالوي پنھنجي احساس جي دنيا ۾ پاڻ سان جهيڙيندو رهيو. ھُن پنھنجي محسوسات شاعريءَ جي روپ ۾ پلٽائي، پنھنجي همت جو اظھار ڪيو آهي. سندس شاعريءَ بابت ابراهيم کرل لکي ٿو : ”شڪيل پريالوي به اهڙي حس ۽ جوهر جو شاعر هو، جنھن جي غزل ۾ هرڻين جون ڇالون ۽ ٽيڙو ڪتين جو جهرمٽ شامل هو.“
غزل جي سر زمين حُسن جي جلوي سان سر سبز ۽ شاداب رهندي آهي، حُسن جي ڪج ادائي جون ترارون هنيانءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏينديون آهن. اکين نڪتل نيش، ڀالا ۽ تبرون من اندر گلاب پوکينديون آهن جيڪي عاشق جي رت سان لال بڻجي ويندا آهن ۽ حسن جي خوشبو سان جڳ کي مھڪائيندا آهن. شڪيل پريالويءَ جي شاعريءَ ۾ به عشق ۽ حسن جو پرچار ملي ٿو.
سھڻيون ۽ ميھار هجن، درشن ۽ ديدار هجن،
من جي مُنڊيءَ مٿان پيار جي ڪا ٽِڪ هجي.
حسن ڪار ساز آهي، جنھن جي مئه سان من سيراب رهندو آهي، اهو شراب طھورا آهي، جيڪو شاعر جي احساس کي پاڪائي بخشيندو آهي ۽ ان جي ثناخواني ڪرڻ ثواب سمجهندو آهي.
اکين ۾ چنڊ چوڏهينءَ جو تري پيو،
هينئون هر هر الائي ڇو هُري پيو.
جتي سھڻي صورت کُپي وئي اکين ۾،
جَهڪي ٿي وئي پنھنجي رفتار سائين.
مرڻ ۽ جيئڻ آ حسينن سان پنھنجو،
شڪيل آهيون ڏاڍا گنھار سائين.
شڪيل پريالويءَ جي غزلن ۾ فقط حسن جي حاڪميت نظر نه ٿي اچي، پر سندس غزلن ۾ عالمگيريت جا احسان واضح نظر اچن. دنيا جي ڪروڌي نظام کي نندي ٿو. سندس لاءِ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو لکي ٿو ته :
”هو ان جي لامحدويت جو حامي آهي، هن لاءِ جنگ جوکو آهي. هو خوفزده آهي، ان ائٽمي تباهيءَ کان جنھن جي دنيا جي مٿان تلوار لٽڪيل آهي. هو آفريقي قيدين جي نڪن ۾ پيل ناڪيلين کي پنھنجي عضون ۾ پيوست محسوس ڪري ٿو.“
هي آفريڪا جو جهوريندڙ جياپو،
هي بک جو بک ٿي جيون جُهري پيو.
هي آمريڪا ۽ اتحادي، عراقي،
مھت ۽ مانُ انساني ڀُري پيو.
ڳچين ۾ ڳٽ، ناڪيليون نڪن ۾،
جياپو ڦَٽَ ٺريل جيان ڪُري پيو.
شڪيل پريالويءَ جو غزل سندس من جي مونجهارن جو به آئينه دار آهي. هڪ باشعور انسان، جيڪو فرض شناس هئڻ سان گڏ اصول پرست به هجي اهو گهڻو لوڙي ۽ ڀوڳي ٿو. اها پيڙا اسان کي، سندس شاعريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر آس ۽ اميد جو دامن به هٿان ڪو نه ٿو ڇڏي.
ڦڙ ڦڙ جي تسلسل سان ته پٿر به پون ٽڙڪي،
لفظن جا ابابيل هي ڊاهيندا نه ڇا هاٿي؟
ٻئي هنڌ جي دل جي وارتا هن طرح بيان ڪئي آهي.
کوکلي جسم تي ‘شڪيل’ پِيرَ جيان،
جرڪندڙ پَڙَ به پائڻا ٿا پون.
عزتون شھرتون ‘شڪيل’ شرمايون،
منھنجيون زاريون ۽ خواريون نه ويون.
شڪيل پريالوي جي شاعري ڪنھن ڪاڳر تي مس ڪُپڙيءَ مان ڪريل مس نه آهي، هن پنھنجي مڪمل سچائيءَ سان رت جي راند ڪندي اهي شعر سرجيا آهن. سندس شاعريءَ جي مڌ ۾ انقلابي ارغواني لالاڻ آهي، جيڪا ڪنھن به ملول من کي زندگيءَ جي حقيقتن سان مھاڏو سيکارڻ جي سگهه ڏئي ٿي.
سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي خوشبوءِ آهي، هو گلابن جي شھر جو رهواسي هو ان ڪري، سندس شاعريءَ جي گلشن ۾ نج ٻھراڙي جي لفظن ۽ اصلاحن جي پوک واضح نموني نظر اچي ٿي جھڙوڪ : ڦوٽھڙو بکن جو، نڙي تي ننھن، هينيون مٺ ۾، کير ۾ کنڊ، ڪمند رس، ڪک رکڻ، رڃ جيون ۾ کنڀيون ڦٽيون، (اميد جي آشا)، وڌوا جي جواني وغيره.
شڪيل پريالوي نظم’ليکا چوکا لاهيندي هي ڌرتي توتي دانھيندي’ جي شاعر کان ٿورڙو متاثر نظر اچي ٿو. اها اڻ لکي ڪيفيت سندس شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي، پر ان جي باوجود سندس ٻوليءَ جو اسلوب نج پنھنجو آهي، هن ڪنھن جي اسلوب ۾ پنھنجي ڪوتا رس ۾ شامل نه ڪيو آهي، اهائي سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي آهي. اظھار جو پيرايو نھايت سادو ۽ عام فھم آهي، جيڪو کيس وڌيڪ ملھائتو بڻائي ٿو. سندس آزاد نظمن ۾ وڌيڪ گھرائي ۽ حسناڪي آهي.
‘چلولايون’
جڏهن جوانيءَ جي،
هوا لڳندي آهي،
ته ويجهڙا بيٺل،
خوبصورت گل،
هڪ ٻئي سان،
چلولايون
۽ کيچل ڪرڻ لڳندا آهن.
ساڻن گڏ بيٺل ڪنڊن ۽
اڌ پِيلن پنن تي،
ڇا وهندو واپرندو آهي،
اهو تمام گهٽ ماڻهو،
محسوس ڪري سگهن ٿا.
شڪيل پريالويءَ ڪيترو لوڙيو ۽ ڀوڳيو هو، ان کي منظور ‘بيدار’ جي لفظن ۾ محسوس ڪري سگهون ٿا. سندس مرتيي بابت لکي ٿو ته :
”روئندڙ اکين ۽ جهڄندڙ دل سان هن بھادر، نرم ۽ لطيف جذبن واري انسان کي مٽي ماءُ حوالي ڪيوسين. “
شڪيل پريالوي جي شاعري انساني جذباتي جي عڪاسي ڪندڙ آهي، سندس شاعري پڙهي اکيون آلاڻ سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ نيڻن جا بند ڀڄي پون ٿا.
هي ڏڪڻيون سيسراٽيون ۽ اڀي لونءَ،
دڙو موهن جو ٻيھر ٿي رهيو هان.
_________________

نياز مسرور بدوي شڪارپور ۾ رھي ٿو




سائين شڪيل پريالوي سنڌي ٻوليءَ جو بھترين شاعر ھيو، سائين منظور بيدار کي جس ھجي جو سندس وڇوڙي کان پوءِ شاعري جو مجموعو پنڊ پھڻ شايع ڪرايو..