Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

رولاڪيون روح جون: سکر ۾ سنڌ جي قومي ورثي جي ياترا

سنڌُو درياھ جي ھڪ ٻيٽ تي قائم تاريخي   ساڌ ٻيلو، سکر شھر ۾ معصوم ساھ جو مُنارو ۽ روھڙي پاسي سِنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ستين جو آستان  گھمڻ جھڙا ماڳ آھن

 الطاف صديقي  

سکر روھڙي  ڪيترا دفعا وڃڻ ٿيو آھي ، گھميو به اٿم پر ساڌ ٻيلي نه وڃي سگھيو آھيان. ھن دفعي بھاولپور کان واپسيءَ تي  سوچيم ته سکر ۾ ساڌ ٻيلي سميت ڪجھ ماڳ مڪان ڪجھ وقت ڪڍي ٻيھر گھمي ڏسبا. سو عبدالباري منگي، نيشنل بئنڪ ريجنل آفيس سکر، کان ڪجھ آگاھي وٺڻ لاء رابطو ڪيم ته محبت سان اچڻ ۽ گڏ گھمڻ جو چيائين.  منھنجي لاء اھو موقعو غنيمت ھيو جو منگي صاحب سکر جو بھترين سونھون آھي. اسان مقرر وقت تي روھڙيءَ ۾ گڏياسين.  

اسان جو پھريون ماڳ ھيو ساڌ ٻيلو. چوَن ٿا تہ ساڌ ٻيلي جو پراڻو نالو شاڌ ٻيلو ھيو. ھيءُ سنڌو درياه جو ھڪ ٻيٽ آھي جيڪو پھرين شاڌ ٻيلو سڏبو ھو ۽ ان جي ڀر ۾ دين ٻيلي جي نالي سان ھڪ ٻيو ٻيٽ مشھور ھو ، ھي ٻيٽ مير رستم خان شڪارپور جي دراني پٺاڻن کان فتح ڪيو ھيو. ھيءُ سال ھيو 1823ع جو. اڳي ھن ٻيٽ تي گھاٽا وڻ ۽ ڪجھ کجين جا وڻ ھئا. ھيءُ ٻيٽ خوبصورت جاء تي ھو ڇو ته ان وقت نه سکر بيراج ھئي نه سکر واريون پليون ھيون. ھڪ طرف روھڙي ته ٻئي پاسي ٻيٽ تي بکر وارو قلعو. ٿورو اڳتي درياه شاه جي ڪناري تي ستين جو آستان ، پري کان نظر ايندڙ معصوم شاہ جو منارو. ان تصور واري اک سان ڏسجي ته روح پر ور منظر ذھن ۾ سمائيندو. ميرن جي قبضي کان ڪجھ وقت اڳ ھندستان کان  ھڪ 58 سالن جو سيلاني ساڌو سوامي سڌارٿ جيڪو ھيو اصل ۾  نيپال ڄائو، ھتي آيو. مٿس نالو بن کنڊي پئجي  ويو ڇو ته جنھن جاء تي سندس آشرم آھي اتي  جھنگ ھيو، يعني بن ھيو، انھي ڪري  ان جي معني ٿي جھنگ وارو فقير. ھيءُ ساڌن جي اُداسي قبيلي سان تعلق رکندڙ ھو جيڪي شادي نه ڪندا آھن. ساڌو سائينءَ کي  ھي جاء پسند آئي سو ھتي دونھين دکائي ويھي رھيو ۽ پنھنجو آستان قائم ڪيائين. ھن کي ڏسي ڪجھ ٻيا به ساڌو اچي ھن ٻيٽ تي نڪتا ۽ پوء ھنن ھتي ھڪ آشرم ٺاھيو. ميرن جو وقت ھيو. مير رستم خان  پڻ درويشن جي خدمت ڪندو ھيو، تنھن به ھنن کي ڪجھ نه چيو. ايئن ھتي آشرم ۽  مندر بڻجي ويو. سال 1838ع ۾ جڏھن انگريزن افغانستان تي فوجي ڪاه ڪئي ھئي ته ھتي ھنن بيرڪون ٺاھيون ھيون. انھن جا ٺيڪا به مقامي ھندن کي ڏنا ھين ڇو تہ ھنن جا انگريزن سان تعلقات سٺا ھئا. اھڙي ريت مير جي درٻار ۾ به ھندن کي مرتبو مليل ھو. ٻئي پاسي شڪارپور جا ھندو واپاري به مالي طور تي  چوٽ چڙھيل ھيا. انھي ڪري ھن ٻيٽ تي کين ڏکيائي پيش نه آئي. فوجي  منزل گاه  جي ڀر ۾ مسجد ھئي جتي ھنن پتڻ قائم ڪيو. ھتان ياتري ٻيڙين ۾ چڙھي درشن ڪرڻ لاء ساڌ ٻيلي يعني ساڌو سنت فقير جي ٻيلي ۾ ايندا ھئا. ٻيلي جي جھنگ کي ختم ڪري خوبصورت باغيچا پوکيا ويا. منزل گاه جي ڀر واري مسجد  آڏو توڙي ٻيٽ کي به چوڌاري ديوار ڏياري ڇڏيائون. ھيءَ اُھائي مسجد آھي جنھن جي حوالي سان گھڻو پوء منزل مسجد گاھ جو ھندو مسلم فساد پڻ ٿيو ھو.

ساڌ ٻيلي سان گڏ ھڪ ننڍو ٻيٽ لڳو لڳ ھيو جنھن جو نالو  دين ٻيلو ھو، تنھن کي پڻ گڏائي ساڌ ٻيلي ۾ شامل ڪيو ويو. سال 1862ع ۾ سوامي بن کنڊي پرلوڪ پڌاريو ته سکر جي پنچائت 1893ع ۾ سکر جي ھڪ شخص ھرنامداس  کي گادي نشين بنايو ۽ سندس لاء بھترين محل نما جاء جوڙي ويئي، جنھن جو مين گيٽ سنگ مر مر سان جوڙيو ويو. انھيءَ جي ڀر ۾ سنگ مرمر پٿر  تي  نرڳ/دوزخ ۽ سرڳ/ جنت جو نقشو ٺاھيو ويو آھي ته سرڳ ۾ ڪيئن ٿو ماڻھن کي چڱائين جو لاڀ ملي ۽ نرڳ ۾ برائين جو بدلو ڪيئن ٿو ملي.

سال 1947ع ۾ پاڪستان ٺھيو ته گادي نشين بمبئي ھليو ويو. ھن وقت يارنھون گادي نشين آھي. جنھن ھال  ۾ ساڌو سائين بن کنڊي جي مورت رکيل آھي اتي تصوير ڪڍڻ جي منع ٿيل آھي. اندر سھڻي نقش نگاري ٿيل آھي.  ھن ٻيٽ کي 16 گھاٽ معني لنگھ ٺاھيا اٿن جيڪي مونکي لوڪل گائيڊ صاحب ٻڌايا جيڪي ڪجھ ياد اٿم: مين گيٽ ، راج گھاٽ ،ڪبير گھاٽ ،ڪشنا گھاٽ ،گئو گھاٽ ،گنگا گھاٽ ،شيوا گھاٽ وغيره آھن. اتي ھڪ وڏي لائبريري آھي جنھن ۾ ڌرمي پستڪ آھن جيڪي گھڻا سنسڪرت ۾ آھن. پنچائت جا ملازم پراپرٽيءَ جي سارسنڀال  لھن ٿا. ان کانسواءِ  ساڌ ٻيلي تي پوڄا لاء مندر پڻ آھي.

ساڌ ٻيلي ۾ پرسڪون ماحول مليو ، ياترين کي ٻيٽ تي کڻي وڃڻ لاء سرڪاري طور تي وڏي ٻيڙي بيٺل آھي جنھن جو ڀاڙو في ماڻھ ٽيھ روپيه ھو. اڄ انجي انجڻ مرمت ٿي رھي ھئي سو الڳ سان ھڪ ٻيڙي ڀاڙي تي ڪري وياسين. ھتي ٻيڙي جي سفر ۾ ياترين کي لائف جيڪيٽ ڏنيون وڃن ته جئين ڪنھن حادثي جو خدشو نه رھي. ھاڻي ھتي 1947ع کان اڳ واريون رونقون ناھن. ھتي ھر سال آرھڙ جي مھيني جي 12، 13 ۽ 14 تاريخ تي ميلو مچندو آھي . باقي ھُونئن ساڌ ٻيلي جون رونقون جھڪيون ٿي ويون آھن .

معصوم شاه جو مُنارو

بکر جي حاڪم سلطان محمود ۽ شھنشاھ جلال الدين اڪبر جي امير  مير معصوم شاه بکري (944ھ–1014ھ) پنھنجي يادگار جي طور تي سن 1003ھ ۾ ھن قديم عمارت جي اڏاوت شروع ڪرائي. سندس رحلت کان پوء سندس فرزند مير بزرگ 1027ھجري بمطابق 1618ع۾ ڪم مڪمل ڪرايو ، ھن مُناري جي ڊيگھ 84 فٽ آھي جڏھن ته مُناري ۾ ڏاڪا پڻ 84 آھن جيڪي ڦيريدار ترتيب سان آھن. مُنارو ھڪ پاسي ڪجھ جُھڪيل نظر ٿو اچي جنھن جي لاء اندازو آھي تہ1828ع واري زلزلي ۾ متان  جُھڪيو ھجي .

ستين جو آستان يا ڪوه ھفت دختر

روھڙيءَ واري پاسي درياه جي ڪناري اونچائيءَ تي ھڪ قبرستان نظر ايندو آھي. ھي لينسڊائون پُل تان بہ نظر ايندو آھي ، سکر يا روھڙي گھمڻ  وڃو ته ھتي ديدار لاء ضرور وڃجو. ھي آستان ستين جو آستان مشھور آھي جنھن جي لاء مختلف ڏند ڪٿائون مشھور آھن. ڪجھ روايتن موجب ھتي ھڪ غار ۾  ست بيبين جي رھائش ھئي. ھي بيبيون ڪڏھن ڪنھن غير مرد آڏو نه آيون ھيون. ھڪ ڏينھن اتي جي حاڪم کي دل ۾ آيو ته انھن  بيبين کي ڏسان، سو جڏھن بيبين کي خبر پئي ته حاڪم ڏسڻ ٿو اچي ته ھنن الله پاڪ جي حضور ٻاڏائڻ شروع ڪيو ۽ پوء زمين ڦاٽي ۽ ايئن بيبيون ان ۾ ھليون ويون. ڪي چون ٿا ته ست بزرگ ھتي چلو ڪري ويا ھئا. مگر ھن ٽڪريءَ کي آباد ڪندڙ مغلن جو امير مير ابوالقاسم نمڪين ھيو جيڪو بکر جو حاڪم ٿي آيو ھيو ۽ 1553کان 1583تائين حاڪم رھيو جيڪو ھن ٽڪريءَ کي سڌو ڪرائي ھتي چانڊوڪي راتين ۾ علمي ادبي محفلون مچائيندو ھيو. درياھ ڪناري ھي سھڻو مقام جنھن ٽڪريءَ تي آھي، جتي چؤڦير نظر ڪجي ٿي ته ھڪ پاسي بکر، روھڙي، درياه شاه غرض ته تمام بھترين پُر فضا جاء آھي. جڏھن مير ابوالقاسم نمڪين گزاري ويو ته سندس قبر ھتي ٺاھي ويئي پوء سندس خاندان مان جيڪو  گذاري ويندو ھو انھن جون  قبرون ٺاھيون وينديون ھيون ،

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button