Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

نئين دهليءَ جي اڏاوت ۾ سنڌي بلڊرن ۽ ڪاريگرن جو پئسو ۽ پورھيو بہ شامل آھي

جڏھن انگريز سرڪار ڪلڪتي بدران دھليءَ کي انڊيا جو گاديءَ جو ھنڌ بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو تہ ان وڏي منصوبي لاءِ سڄي هندستان مان ماهر ۽ تجربيڪار ٺيڪيدار گهرايا ويا. ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هئي. سنڌي واپاري توڙي ٺيڪيدار پنهنجي محنت ۽ تعميراتي مهارت جي ڪري ننڍي کنڊ ۾ مشهور هئا.

خشونت سنگھ لکي ٿو ته جڏهن نئين دهليءَ جا وڏا تعميراتي ٺيڪا ڏنا ويا، ته سنڌ مان آيل ڪيترن ئي سنڌي هندو ۽ مسلمان ٺيڪيدارن کي اهي اهم ڪم مليا، ڇاڪاڻ ته وٽن پٿر جي ڪٽائي، گچ جي ڪم ۽ وڏين عمارتن اڏڻ جو وسيع تجربو هو. خشونت سنگھ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان ڳالهه جو خاص ذڪر ڪيو آهي ته نئين دهليءَ جي تعمير ۾ سنڌي ٺيڪيدارن ڪيڏو نه اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

نصير اعجاز

خُشونت سنگھ انڊيا جي انھن ليکڪن مان ھو جنھن کي ماڻھو وڏي چاھ سان پڙھندا رھيا آھن. ھُُو لکڻ مھل ڪو رَک رَکاءُ ڪونہ ڪندو ھو ۽ انھيءَ ڪري ئي سندس فحش ڀوڳن کان ويندي ھر ڪتاب جام پڙھيو ويو. ھُن پنھنجي ڪتابن ۾ زندگيءَ جي دلچسپ تجربن ۽ شخصيتن جو گھڻو ذڪيو آھي. ڪجھ ڪتابن ۾ تہ ھُن سنڌين جو بہ ذڪر ڪيو آھي. مونکي ياد ٿو اچي تہ سندس ھڪ ڪتاب ۾ خوشونت سنگھ هڪ سنڌي ٺيڪيدار جو قصو بيان ڪيو آهي، جنھن پنهنجي اميريءَ جي نمائش ڪندي، پنهنجي بنگلي جي ڊرائنگ روم جي ڇت کي شيشي جي سوئمنگ پُول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ته جيئن هيٺ ويٺل مهمان مٿان ترندڙ بِڪنيون پاتل ڇوڪرين کي ڏسي سگهن.

خوشونت سنگھ اهڙي قسم جا قصا اڪثر پنهنجي آٽو بائيوگرافي Truth, Love and a Little Malice ۾ به لکيا آهن، پر خاص طور تي اهڙا واقعا سندس مضمونن ۽ Women and Men in My Life جهڙن ڪتابن جو حصو رهيا آهن، جتي هن بمبئي (ممبئي) جي سنڌي واپارين جي شاهوڪاريءَ جا ڪجهه عجيب غريب مثال پيش ڪيا آهن.

سندس مٿي ڄاڻايل آتم ڪٿا ۾ سنڌين بابت ٻي اھم ڳالھ ھيءَ بہ ملي ٿي تہ نئين دھليءَ جي اڏاوت ۾ بہ سنڌين جو ھڪ اھم ڪردار رھيو آھي. نئين دهليءَ جي شاندار عمارتن، ويڪرن رستن ۽ تاريخي سرڪاري آفيسن جي تاريخ کولبي ته برطانوي معمارن ايڊون لوٽينس (Edwin Lutyens) ۽ هربرٽ بيڪر (Herbert Baker) جا نالا ضرور ملندا. پر ان شهر جي اڏاوت جي پٺيان جن مقامي بلڊرن ۽ ٺيڪيدارن پنهنجو رت ۽ پگهر وهايو، انهن ۾ سنڌ جي ٺيڪيدارن ۽ ڪاريگرن جو هڪ تمام وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. خشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان ڳالهه جو خاص ذڪر ڪيو آهي ته نئين دهليءَ جي تعمير ۾ سنڌي ٺيڪيدارن ڪيڏو نه اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

سال 1911ع ۾ جارج پنجين جي دهلي درٻار دوران برطانوي سرڪار اهو فيصلو ڪيو ته هندستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتي مان مٽائي دهلي ڪيو وڃي. ان وڏي منصوبي لاءِ سڄي هندستان مان ماهر، تجربيڪار ۽ جاکوڙي ٺيڪيدار گهرايا ويا. ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو هئي. سنڌي واپاري توڙي ٺيڪيدار پنهنجي محنت ۽ تعميراتي مهارت جي ڪري سڄي برصغير ۾ مشهور هئا. خشونت سنگھ لکي ٿو ته جڏهن نئين دهليءَ جا وڏا تعميراتي ٺيڪا ڏنا ويا، ته سنڌ مان آيل ڪيترن ئي سنڌي هندو ۽ مسلمان ٺيڪيدارن کي اهي اهم ڪم مليا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پٿر جي ڪٽائي، گچ جي ڪم ۽ وڏين عمارتن اڏڻ جو وسيع تجربو هو.

خشونت سنگھ جو والد سوڀا سنگھ نئين دهليءَ جي تعمير ڪندڙ وڏن پنجن سکن ٺيڪيدارن مان هڪ هو. خشونت سنگھ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”نئين دهليءَ کي اڏڻ لاءِ جيڪي ٺيڪيدار دهليءَ ۾ گڏ ٿيا هئا، انهن ۾ سکن سان گڏ سنڌ مان آيل سنڌي ٺيڪيدار پڻ نمايان هئا. انهن ٺيڪيدارن وٽ نه صرف سرمايو هو، پر اهي پنهنجي محنتي ڪاريگرن ۽ سنڌي سنگتراشن (پٿر تراشيندڙن) سان گڏ آيا هئا.”

”انهن سنڌي ٺيڪيدارن دهليءَ جي سخت اونهاري ۽ سرديءَ ۾ ڏينهن رات محنت ڪري، پٿرن کي ڪٽي، برطانوي راڄ جي وڏين سرڪاري عمارتن کي شڪل ڏني.“

نئين دهليءَ جي تعمير ۾ جتي سوڀا سنگھ جهڙن مقامي بلڊرن جو نالو آهي، اتي سنڌ جي ڪجهه خاندانن ۽ ڪاريگرن جو به وڏو حصو هو. سنڌ جي شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه وڏن خاندانن پنهنجو پيسو نئين دهليءَ جي اڏاوت ۾ سيڙايو هو. اهي ٺيڪيدار اڪثر برطانوي سرڪار سان سڌيءَ ريت واڳيل هئا. نئين دهليءَ جي ڪيترن ئي رستن ۽ رهائشي بنگلن جي اڏاوت ۾ سنڌي معمارن پنهنجي سنڌي تعميراتي گهڙاوت جو فن به استعمال ڪيو.

خشونت سنگھ جي لکڻين موجب، پارليامينٽ هائوس ۽ وائسراءِ هائوس (اڄوڪو راشٽرپتي ڀَوَن) جي پٿرن جي فراهمي ۽ اڏاوت جي ڪجهه حصن جا ٺيڪا انهن سنڌي معمارن وٽ هئا جن وٽ پٿر جي گهڙائيءَ جو صدين پراڻو تجربو هو.

آتم ڪٿا ۾ خشونت سنگھ دهليءَ جي اڏاوت جا اکين ڏٺا احوال بيان ڪيا آهن ۽ پنهنجي پيءُ جي ساٿي ٺيڪيدارن جو ذڪر ڪندي سنڌي بلڊرن جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ پراڻي دهليءَ کان نئين دهليءَ تائين جي سفر ۾ مختلف رياستن جي ڪاريگرن جي جاکوڙ جو ذڪر آهي. ھڪ ٻئي ڪتاب  The Making of New Delhi ۽ مختلف تاريخي دستاويزن مان بہ معلوم ٿئي ٿو ته نئين دهليءَ ۾ ريلوي لائينون، نوان روڊ رستا ۽ پاڻيءَ جو نظام تيار ڪرڻ لاءِ بمبئي ۽ سنڌ مان وڏي انگ ۾ ماهر انجنيئر ۽ ٺيڪيدار گهرايا ويا هئا.

انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو تہ نئين دهليءَ جي اڏاوت رڳو انگريز معمارن جي نقشن تائين محدود نه هئي، پر ان ۾ سنڌ جي محنتي ٺيڪيدارن ۽ ڪاريگرن جو به رت ۽ پگهر شامل هو. خشونت سنگهه جي اها شاهدي سنڌين جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته سنڌي قوم رڳو واپار ۾ اڳڀري نه هئي، پر برصغير جي عظيم شهرن کي جوڙڻ ۽ سينگارڻ ۾ به انهن جو وڏو هٿ هو. هيءَ تاريخي سچائي اڄ به نئين دهليءَ جي عمارتن جي پٿرن ۾ دفن آهي، جنهن کي ياد رکڻ جي ضرورت آهي. انڊيا ۾ آباد سنڌين، خاص ڪري اديبن ۽ محققن کي گھرجي تہ انڊيا جي تعمير ۾ سنڌين جي ڪردار تي بہ ريسرچ ڪري ان تاريخ کي محفوظ ڪن.

_______________  

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

​نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button