پاڪستان ۾ سرڪاري پاليسيون سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ناهن
پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ختم ٿي چڪي آهي ۽ نئون نسل پنهنجي مادري ٻوليءَ کان پري ٿي رهيو آهي جنهن تي سوچڻ وقت جي ضرورت آهي
گھوٽڪي
مختلف اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن چيو آھي تہ ھن ملڪ جون سرڪاري پاليسيون سنڌي ٻوليءَ جي فائدي ۾ ناهن. سنڌي ٻولي شاندار طريقي سان ڊجيٽلائيز ٿي رهي آهي پر سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ختم ٿي چڪي آهي ۽ نئون نسل پنهنجي مادري ٻوليءَ کان پري ٿي رهيو آهي جنهن تي سوچڻ وقت جي ضرورت آهي.

سنڌي ادبي سنگت ضلعي گهوٽڪيءَ پاران سگا گهوٽڪي ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين گهوٽڪيءَ جي سهڪار سان ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جون ذميواريون“ جي عنوان سان سگا آفيس ڪوٺايل مذاڪري ۾ ڳالھائيندي ھنن چيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي معاملي تي سنڌي ماڻهو تمام گهڻا حساس آهن، اهڙو نصيب هر ٻولي کي ناهي ملندو.
ھنن چيو تہ ڪا بہ ٻولي وهندڙ دريا وانگر ھوندي آھي،ڪنهن بہ رڪاوٽ کي برداشت ڪري ناهي سگهندي.
اديبن ۽ شاعرن چيو بنگالين پنهنجي ٻوليءَ لاءِ شاندار قربانيون ڏنيون جنهن ڪري يونيسڪو طرفان 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن قرار ڏنو ويو،
ھنن چيو تہ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا کي گهرجي تہ سنڌي ٻوليءَ جي پاليسي سازي لاءِ ڪردار ادا ڪري. مذاڪري ۾ مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ جي سڀني آفيسن ۾ لکپڙهه سنڌي ۾ ڪئي وڃي، سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ سنڌي مضمون لازمي طور پڙهايو وڃي.
انهي موقعي تي مشاعري جي محفل ۾ ڊاڪٽر نثار شاهہ، اياز لطيف دايو، سڪندر مگسي، علي منصور، سعود ساگر، ضامن علي، اڪبر عارباڻي، نويد احمد ۽ ٻين نڪور شاعري پيش ڪئي، جڏهن تہ سارنگ ڪلادي ۽ پروفيسر اختيار ڪلهوڙي خوبصورت آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو.
مذاڪري جي صدارت شاعر سڪندر اوڳاهي ڪئي. سگا جي سي اي سي جي ميمبر سيد علي رضا شاهه، سگا گهوٽڪي جي صدر ڊاڪٽر محمد نواز ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ نور تنيو، ايڊووڪيٽ لال بخش گهوٽو، سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف دايو، فنانس سيڪريٽري رئوف پارس دايو، سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو، شاعر سڪند مگسي، انجمن ترقي پسند مصنفين گھوٽڪي جي سيڪريٽري پروفيسر وجيش ڪمار، پروفيسر عبدالحفيظ دايو، پروفيسر عبدالوحيد شيخ، انعام شاهاڻي ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو.
انهي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي اڳوڻي رابطا سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي جي لاءِ الوداعي ۽ نئين چونڊيل رابطا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو جي لاءِ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي وئي. سڀني مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. (پريس رليز)
____________




بھترين رپورٽ