سنڌ جي تاريخي ورثي پڪي قلعي کي خالي ڪرائڻ لاءِ عالمي مدد ورتي وڃي
ھن تاريخي ورثي جون ديوارون ڊهنديون وڃن ٿيون ۽ اڄ اُن جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي. جيڪڏهن پڪو قلعو ختم ٿي ويو ته حيدرآباد جي سڃاڻپ جو هڪ وڏو حصو هميشه لاءِ مٽجي ويندو
جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ورثي لاءِ نه اٿياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پڪو قلعو رڳو هڪ قلعو ناهي، پر اسان جي تاريخ جو اُھڃاڻ آهي.
نصير اعجاز
سال 1970 ۾ جڏھن اسان حيدرآباد ۾ رھڻ شروع ڪيو ته انھن ڏينھن ۾ نوشھري فيروز مان ناناڻڪي پاسي جو ھڪ مائٽ تاريخي پڪي قلعي اندر ھڪ ڪوارٽر ۾ فيملي سان گڏ رھندو ھو. اسان کيس مامو ڪوڙو ڪري سڏيندا ھئاسين. نوشھري ۾ سندس ھوٽل ھوندي ھئي پر پوءِ قسمت جي ڦيري سبب سڀ ڪجھ وڃائي پڪي قلعي اندر عجائب گھر جو چوڪيدار ٿي اچي نوڪري ڪرڻ لڳو ھو. اسان جو وٽن اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو ۽ انھيءَ ڪري مون ٽالپر حڪمرانن جي زماني جي درٻار ھال اندر قائم عجائب گھر بہ ڏسي ورتو هو.

قلعي اندر قديم گھر ھئا جن تي ماڻھن جا قبضا ھئا. اھڙي ئي ھڪ گھر ۾ منھنجو ھڪ ماسات به مسواڙ تي اچي ڪجھ وقت رھيو ھو. جلد ئي مامي ڪوڙي جي اتان بدلي ٿي وئي ته اسان به وڃڻ ڇڏي ڏنو. سال ٻن کانپوءِ نسلي ۽ لساني دھشتگردن ان عجائب گھر کي باھ ڏئي ڇڏي ھئي جنھن ۾ ٽالپر حڪمرانن جون بندوقون، تلوارون ۽ ٻيون نوادرات رکيل ھيون. عجائب گھر واري درٻار ھال جي ٻاھران ھڪ وڏو چبوترو ھوندو ھو جنھن لاءِ ٻڌايو ويو ھو ته ٽالپر امير ويھي درٻار هلائيندا ھئا. نسلي دھشتگردن ان تاريخي ورثي کي ڪيترو نقصان ڏنو تنھن جو اندازو ثقافت کاتي وارن کي ھوندو ڇو ته منھنجو وري اتي وڃڻ ڪونه ٿيو. پر پنج سال حيدرآباد ۾ رھڻ دوران توڙي بعد ۾ قلعي جي ٻاھران بسن ۾ لنگھندي ان جي ديوارن کي ڊھندي ۽ ڀُرندي ضرور ڏٺم، جن جي زبون حالت ڏسي اندر ئي اندر پيو ڪڙھندو ھيس.
تازو سوشل ميڊيا تي پڪي جي زبون حاليءَ جي تصوير ڏسي وري اُھي ساروڻيون ذھن تي تري آيون. افسوس ٿيو تہ سنڌ جو ھڪ تاريخي ورثو ايئن ميسارجي رھيو آھي پر سنڌ جي حڪمرانن ۾ ايتري ھمت ڪانھي جو اُن کي بچائي ۽ بحال ڪري سگھن.

حيدرآباد جو پڪو قلعو رڳو سِرن جو هڪ ڍير ناهي، پر هي سنڌ جي عظمت، سياسي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي جو هڪ زنده ثبوت آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اهو ورثو پنهنجي بقا جي آخري لڙائي وڙهي رهيو آهي يا ايئن چئجي تہ آخري پساھن ۾ آھي پر ڪير بہ سندس ڌڻي واھي ٿيڻ لاءِ تيار ڪونھي.
پڪو قلعو سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙي 1768ع ۾ تعمير ڪرايو هو. جڏهن هن حيدرآباد کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بنايو، ته هي قلعو رياست جي سياسي ۽ دفاعي طاقت جو مرڪز بڻجي ويو. هي قلعو پنهنجي مخصوص گولائي واري بناوت ۽ مضبوط ديوارن جي ڪري پوري خطي ۾ مشهور هو. ٽالپرن جي دور ۾ پڻ هن قلعي کي وڏي اهميت حاصل هئي، جتي حڪمرانن جا حرم ۽ درٻارون قائم هيون.
1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ قلعي جي دفاعي حيثيت ته ختم ٿي وئي، پر اصل تباهي 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿي.

ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پناهگيرن جي وڏي انگ کي هن تاريخي قلعي جي اندر عارضي طور تي وسايو ويو. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي عارضي گهر مستقل قبضي ۾ تبديل ٿي ويا. قلعي جي اندر پڪا گهر، دڪان ۽ گهٽيون ٺاهيون ويون، جنهن جي ڪري قلعي جي اندروني جوڙجڪ مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي.
1980 ۽ 1990 وارن ڏهاڪن ۾ قلعو لساني سياست جو ڳڙهه بڻجي ويو. مختلف وقتن تي ان کي سياسي ۽ لساني مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري انتظاميه پاران ورثي کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون. هٿياربند گروپن جي موجودگي ۽ سياسي اثر رسوخ سبب آثارِ قديمه جو کاتو قلعي جي مرمت يا قبضا ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو. محترما بينظير ڀٽو جي حڪومت جا اُھي ڏينھن شايد ئي ڪير وساري جڏھن پڪي قلعي ۾ ايم ڪيوايم جي دھشتگرديءَ واري اڏي خلاف آپريشن شروع ٿيڻ وارو ھو تہ ملڪ جي حساس اداري مداخلت ڪري آپريشن روڪرائي، دھشتگردن کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي ھئي.
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آھي، ھن تاريخي ورثي جون ديوارون ڊهنديون وڃن ٿيون ۽ اڄ پڪي قلعي جي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي.

هزارين ماڻهن جي رهائش سبب قلعي جي بنيادن ۾ گندو پاڻي وڃي ان کي تباھ ڪري رهيو آهي. قلعي جون قديم ديوارون، جيڪي ڪڏهن دشمن کي روڪڻ لاءِ هيون، اڄ سار سنڀال نه هجڻ ڪري ڀُرنديون وڃن پيون. اڪثر ديوارن جي مٿان گهر ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به وقت وڏي انساني حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. تاريخي عمارتن جي سِرن کي ڪڍي پنهنجي گهرن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن سان هن قومي اثاثي جو حليو بگڙجي چڪو آهي.
ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ان جي تاريخ ۽ ورثي سان هوندي آهي. تاريخي ماڳ اسان کي ٻڌائين ٿا ته اسان ڪير هئاسين ۽ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون عظيم ڪاميابيون حاصل ڪيون. جيڪڏهن پڪو قلعو ختم ٿي ويو ته حيدرآباد جي سڃاڻپ جو هڪ وڏو حصو هميشه لاءِ مٽجي ويندو. ورثو سنڀالڻ سان نه رڳو سياحت کي هٿي ملي ٿي پر ايندڙ نسلن جو پنهنجي زمين سان ناتو پڻ مضبوط رهي ٿو.
پڪي قلعي کي بچائڻ لاءِ هاڻي آخري وقت آهي. ان لاءِ هيٺيان قدم کنيا وڃن:
قبضا ختم ڪرائڻ: حڪومت کي گهرجي ته قلعي جي اندر رهندڙ آباديءَ کي متبادل جاءِ فراهم ڪري کين اتان فوري طور منتقل ڪري.
بين الاقوامي مدد: يونيسڪو ۽ ٻين ادارن جي مدد سان قلعي جي ديوارن کي سائنسي طريقي سان بحال ڪيو وڃي.
سياحتي ماڳ ۾ تبديلي: قلعي کي خالي ڪرائڻ کان پوءِ اتي ميوزيم، پارڪ ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ته جيئن هي ماڳ ٻيهر سنڌ جو فخر بڻجي سگهي.
سخت قانوني ڪارروائي: تاريخي ورثي کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪير به اهڙي جرئت نه ڪري سگهي.
جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي ورثي لاءِ نه اٿياسين ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پڪو قلعو رڳو هڪ قلعو ناهي، پر اسان جي غيرت ۽ تاريخ جو نشان آهي.
_____________



