Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

حفيظ شيخ: سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نوان لاڙا آڻيندڙ ڪھاڻيڪار 

حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي، ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. ”ساگر جي لھرن تي“حفيظ شيخ جي ڪھاڻين جو هڪ مشھور مجموعو آهي، جيڪو 1976ع ۾ ڇپيو هو

پروفيسر ساجده چنہ

حفيظ شيخ هڪ ناليوارو سنڌي ڪھاڻيڪار ۽ صحافي هو. سندس ڪھاڻين ۾ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن کي چٽيو ويو آهي. سندس جنم 1 ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ ٿيو ۽ ھُو 9 نومبر 1971ع تي وفات ڪري ويو. سندس والد غلام رسول نومسلم هو. جڏهن سندس عمر 15 سال ھئي تہ والد وفات ڪري ويس ۽ امڙ 1959ع تي وفات ڪئي. کيس 6 ڀائر ۽ 2 ڀينرون هيون. هن پھرين جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي پر شاديءَ جي ڏهن  مھينن بعد ئي دنيا ۾ نہ رهيو. سنڌ جي مشھور تعليمي ماهر دادي ليلاوتي هرچنداڻي، سندن والد جي سڳي سوٽ هئي. پاڻ پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم اي ڪئي هئائون.

حفيظ شيخ جي زندگي ڏاڍي سخت ۽ پر مشقت هئي. هن هڪ عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاري، جنھن ۾ کيس مختلف لاهن چاڙهن کي منھن ڏيڻو پيو ۽ بوٽ پالش ڪرڻ کان ويندي کٽمٺڙن جي دڪان کولڻ تائين پورھيو ڪري زندگي گذاريائين.

حفيظ شيخ نواءِ سنڌ اخبار ۾ 1956ع  کان  1957ع  تائين  نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. تنوير عباسيءَ جي سنگ ۾ شاگرد رسالي جا 2 پرچا مرتب ڪيائين جن مان هڪ روشن آرا مغل نمبر هو. جڏهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر 30 ۾ ٿينديون هيون تڏهن پاڻ انھيءَ دور جي بنيادي ميمبرن مان هئا.

پاڻ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نوان لاڙا آڻيندڙن مان هڪ هو. جمال ابڙو، غلام رباني آگرو ۽ حفيظ شيخ سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪھاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. سندس ادبي لاڙا ڏاڍا مضبوط ۽ اثرائتا هئا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي، ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو، جنهن سان سندس ادبي لاڙا ڏاڍا مضبوط ٿيا.

سندس لکڻيون ڏاڍيون مشهور آهن،  سندس ادبي ڪمن کي هڪ خاص مقام مليو آھي.

Hafeez Shaikh-Book-TheAsiaN

ھُن خيرپور ۾ وفات ڪئي پر کيس حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان به مٽجي ويو آهي ڇو ته سندس دوست نياز همايوني ۽ ٻيا حال حيات نہ رهيا آهن جن کيس اتي دفن ڪرايو.

”ساگر جي لھرن تي“حفيظ شيخ جي ڪھاڻين جو هڪ مشھور مجموعو آهي، جيڪو 1976ع ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جو ٽائيٽل ع ق شيخ جو ٺھيل آهي جيڪو مايا ناز مصور هو. هن ڪتاب ۾ سندس ٻارهن ڪھاڻيون شامل آهن، جيڪي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن کي چٽين ٿيون.

”ساگر جي لھرن تي“ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي عوام جي زندگيءَ کي پيش ڪيو آهي. ڪھاڻين ۾ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن کي چٽيو ويو آهي، جنهن سان پڙهندڙن کي سنڌ جي انهيءَ وقت جي حالتن جي سمجھ  اچي ٿي.

سندس ڪھاڻين جو اسلوب ڏاڍو سادو ۽ عام فهم آهي. هن پنهنجي قلم ذريعي سنڌ جي عوام جي زندگيءَ کي پيش ڪيو آهي، جنھن سان پڙهندڙن کي سنڌ جي حالتن جي ڀلي ڀت سمجھ اچي ٿي. ڪھاڻين ۾ سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن کي چٽيو ويو آهي، جن کي پڙهڻ سان هر دور جو پڙهندڙن  سوچڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو.

ساگر جي لهرن تي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. هن ڪتاب کي سنڌ جي ادبي دنيا ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو آهي، جنھن سان ليکڪ جي ڪھاڻين جو اثر سنڌ جي ادبي حلقن تي پيو ، هن ڪتاب ۾  قلم ذريعي سنڌ جي عوام جي زندگيءَ کي پيش ڪيو آهي، اهڙي زندگي جيڪا مسلسل جدوجهد ۾ آهي.

سندس هڪ ڪھاڻيءَ جو نالو ”ٽہ واٽو“ مان کنيل هڪ ٽڪرو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريان ٿي:

 پوڙهي سان گڏ آءُ به هن ٽِوَاٽي تي بيهي رهيو آهيان. ڪيستائين بيهندس؟ سوبه هڪ سوال آهي، جيڪو ويڙھو بڻجي هن هڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي. زندگيءَ جي راه ۾، چپي چپي تي انسان کي هڪ ٽِوَاٽو سامهون ٿو پوي. آءُ الائي ڪيترا ٽِواٽا اورانگھي آيو آهيان، پر هر بار جڏهن ڪو نئون ٽِواٽو آڏو اچي ويندو اٿم، تہ مونکي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ آءُ اڃا ساڳي هنڌ بيٺو آهيان، ۽ ساڳي ڳالھ نبيرڻي اٿم. ايترو نہ بلڪ هاڻي تہ اهو محسوس ٿيندو اٿم تہ هر ٽِوَاٽي تي ازلي وجود بيٺل آهي.

ھي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اھم جاءِ والاري ٿو. ان کان سواءِ نصير مرزا پڻ سندس لکڻيون ۽ ان متعلق لکيل مختلف اديبن جي راءِ گڏ ڪري ”اڇو پکي واءَ ۾“ نالي سان ڪتاب شايع ڪرايو آهي جيڪو ھن وقت مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهي.  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اھو ڪتاب واڌارن سان ٻيھر شايع ڪيو وڃي. پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي به س ب کوسي جو لکيل ڪتاب سي نه ووڻ وڻن ۾ شايع ڪيو آهي.جيڪو پڻ حفيظ شيخ جي فن ۽ شخصيت جو احاطو ڪري ٿو.

______________

Sajida Channa-TheAsiaN

ساجدہ شيخ پروفيسر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button