سال 2025ع : جنگ، سياست، آفتن، مزاحمت ۽ انساني خواھشن جو سال
جنگين، سياسي ٽڪراءَ، معاشي بيچيني، موسمي تبديلي ۽ انساني حقن جي جدوجهد هن سال کي تاريخي بڻائي ڇڏيو. اهو هڪ اهڙو سال بڻجي ويو، جنهن عالمي نظام، رياستن جي طاقت، انساني سلامتي ۽ مستقبل بابت ڪيترن بنيادي سوالن کي جنم ڏنو.
مُشتاق ٽانوري
سال 2025 دنيا لاءِ رڳو هڪ وقتي دور نه رهيو، پر اهو هڪ اهڙو سال بڻجي ويو، جنهن عالمي نظام، رياستن جي طاقت، انساني سلامتي ۽ مستقبل بابت ڪيترن بنيادي سوالن کي جنم ڏنو. جنگين، سياسي ٽڪراءَ، معاشي بيچيني، موسمي تبديلي ۽ انساني حقن جي جدوجهد هن سال کي تاريخي بڻائي ڇڏيو.

عالمي جنگيون ۽ جيو پوليٽڪس
پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۽ جنگ: سال جي سڀ کان خطرناڪ تڪرارن مان هڪ پاڪ – ڀارت جنگ رهي. ڪشمير ۾ سياحن تي حملي کانپوءِ ڀارت پاڪستان تي الزام هڻي سنڌ طاس معاهدو ختم ڪيو. پاڪستان جواب ۾ ڀارتي هوائي حدون بند ڪيون، جنهن سان ڀارتي هوابازي شعبي کي وڏو معاشي ڌڪ لڳو. جلد ئي سڌي جنگ شروع ٿي، جنهن دوران پاڪستان ڀارت جا ڇهه جديد رافيل جهاز تباهه ڪيا. جنگبندي کانپوءِ به ڀارت پاران آبي دهشتگردي جا الزام سامهون آيا، جنهن سان پنجاب جا علائقا ٻوڏ جو شڪار ٿيا. جنگ کانپوءِ لال قلعي ڀرسان ڌماڪو ۽ چيمپيئن ٽرافي جو هائبرڊ ماڊل به ڇڪتاڻ جي علامت بڻيا.
وچ اوڀر: فلسطين، اسرائيل ۽ ايران: غزه جنگ انساني الميي جي بدترين شڪل اختيار ڪئي. لڳ ڀڳ 70 هزار فلسطيني شهيد ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي دٻاءَ هيٺ حماس ۽ اسرائيل ۾ جنگبندي ٿي. قيدين جي آزادي باوجود اسرائيلي حملا جاري رهيا. ايران ۽ اسرائيل تڪرار ۾ آمريڪا سڌي طرح ايران تي حملو ڪري جنگ ۾ شامل ٿيو، جنهن سان خطي ۾ غير يقيني صورتحال وڌي وئي.
روس – يوڪرين جنگ: 2022 کان جاري يوڪرين جنگ 2025 ۾ به ختم نه ٿي سگهي. صدر ٽرمپ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ثالثي جون ڪوششون ڪيون، پر ڳالهيون بي نتيجا رهيون. يورپ ۾ توانائي، دفاع ۽ پناهگيرن جا مسئلا وڌيڪ سنگين بڻيا.
آمريڪا ۽ عالمي سياست
ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو آمريڪا جو 47هون صدر بڻيو. اڳوڻي صدر جمي ڪارٽر جي وفات سبب حلف برداري دوران قومي جهنڊو جهڪيل رهيو، جڏهن ته ٽرمپ تاريخ جو پهريون سزا يافته صدر بڻيو. هن ٽيرف جنگ، سخت اميگريشن پاليسين، چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن تي ڳرا ٽيڪس لڳايا. معاشي دٻاءَ ۽ مڪاني چونڊن ۾ شڪست سندس سياسي پوزيشن کي ڪمزور ڪيو.
آفريقا، ايشيا ۽ علائقائي تڪرار
سوڊان جي گهرو ويڙهه لکين ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو. پاڪ – افغان ڇڪتاڻ کانپوءِ افغان حڪومت جي درخواست تي جنگبندي ٿي. آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ ترڪي جي ٽياڪڙي سان تڪرار ختم ٿيو. وينزويلا تي آمريڪي حملن سبب لاطيني آمريڪا ۾ نئون بحران پيدا ٿيو.
نئون پوپ، چوري ۽ ڪجھ اهم واقعا
8 مئي تي 69 ورهين جي ڄمار وارو آمريڪي شهري فرانسس پريوسٽ عيسائين جو مذهبي پيشوا پوپ چونڊيو ويو. هُن غريبن، پناھ گھرندڙن ۽ ماحولياتي بچاءُ تي ڌيان ڏنو ۽ عورتن کي ڊيڪن بڻائڻ يا هم جنس شادي کي مڃڻ جي حوالي سان عارضي پابنديون جاري رکيون.
19 آڪٽوبر تي پيرس جي مشهور لوور ميوزيم مان چورن 88 ملين يورو ماليت جا زيور چورايا. سڄي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ ان چوري ۾ ملوث 3 شڪي گرفتار ٿيا پر چوري ٿيل شيون اڃا تائين وپس ناهن ٿي سگھيون. آسٽريليا جي گادي ھنڌ سڊني ۾ يھودين جي تقريب تي فائرنگ جو الزام ڀارتي مسلمان انتھاپسندن تي مڙهيو ويو. ڪيناڊا ۾ عام چونڊن ۾ چوٿون ڀيرو لبرل پارٽي کي فتح حاصل ٿي.
هن سال، جيتوڻيڪ پاڪستاني سوشل ميڊيا تي سياسي بيانن ۽ ٽرينڊن جو راڄ رهيو، پر ڪي اهڙيون خبرون به سامهون آيون، جن شايد ڪيتريون ئي زندگيون هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيون۔ انهن واقعن تي هزارين ماڻهن پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪيو۔
سڀ کان پهرين ذڪر ڪيون ٿا سوات ۾ پيش آيل هڪ اهڙي سانحي جو، جنهن ڪجهه ڏينهن لاءِ پوري پاڪستاني قوم جي ذهنن تي مڪمل قبضي ڪري ڇڏيو۔ سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو مون سون دوران سوات گهمڻ آيا هئا۔ هو هڪ ٽڪريءَ تي بيٺل هئا ته اوچتو هڪ زوردار سيلابي وهڪرو اچي ويو، جنهن انهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو۔ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي انتظار، رڙين، مدد جي فريادن ۽ بي وسيءَ باوجود، هڪ هڪ ڪري 13 ماڻهو سيلابي وهڪري سان وهندي هليا ويا۔ آخر ۾ رڳو هڪ تصوير بچي. ڪراچيءَ جي هڪ فليٽ مان هٿ آيل لاش جو معاملو به مين اسٽريم ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا تي ڇانيل رهيو۔ اهو لاش اداڪارا ۽ ماڊل حميـرا اصغر جو هو۔ پوليس ۽ بعد ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ مان اهو انڪشاف ٿيو ته حميـرا اصغر جو لاش ڪيترن ئي مهينن تائين فليٽ ۾ ئي موجود رهيو ۽ سال 2025 ۾ پاڙيسرين طرفان بدبوءِ جي شڪايت ٿيڻ بعد ئي اهو معاملو سامهون اچي سگهيو۔ هن واقعي سماج کي جهوري ڇڏيو ۽ ماڻهن ۾ اڪيلا رهندڙ مائٽن ۽ دوستن سان رابطي ۾ رهڻ بابت گهڻي بحث مباحثي کي جنم ڏنو۔ اسلام آباد ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار ثنا يوسف جو قتل به هن سال جي انهن اهم واقعن مان هو، جنهن سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ ان سان لاڳاپيل نقصانن کي هر گهر ۾ بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو۔ ثنا يوسف جي قتل ۾ ملوث جوابدار تي عدالت ۾ فرد جرم عائد ٿي چڪي آهي، پر سوشل ميڊيا جي منفي استعمال بابت بحث اڃا تائين عام آهي۔ ڪراچي جي علائقي نيپا چورنگي وٽ مين هول ۾ ڪري جان وڃائڻ واري ٻار ابراهيم جو واقعو به سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي توجھ جو مرڪز بڻيو۔ ان حوالي سان شهري ۽ صوبائي حڪومتن کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو۔ بعد ۾ ميئر ڪراچي فوت ٿيل ٻار جي والدين کان معافي ورتي، پر اها معافي متاثر والدين جي دلين کي ڪيتري حد تائين سڪون ڏئي سگهي، ان جو جواب شايد ڪنهن وٽ به نه هجي۔ يوٽيوبـر ڊڪي ڀائي جي گرفتاري، قيد ۽ پوءِ آزادي به هن سال پاڪستاني سوشل ميڊيا تي گهڻي بحث هيٺ آيل اهم موضوعن مان هڪ رهيو۔ سعدالرحمان عرف ڊڪي ڀائي کي هن سال ملائيشيا ويندي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو۔ سو ڏينهن جي خاموشي ۽ پوءِ آزادي کانپوءِ ڊڪي ڀائي ٻيهر يوٽيوب وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، پر سندس گرفتاري ۽ آزادي بابت بحث اڄ تائين جاري آهي۔
نوجوان تحريڪون ۽ سياسي تبديليون
2025 جنريشن زي جي بغاوتن جو سال پڻ سڏيو ويو. ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ نوجوانن بدعنواني، بيروزگاري ۽ سياسي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيا. نيپال ۽ مڊغاسڪر ۾ حڪومتون مستعفي ٿيون، جڏهن ته ڪيتري هنڌن تي رياستي سختي سان مظاهرا چيڀاٽيا ويا. بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف عدالتي فيصلا عالمي بحث جو موضوع بڻيا.
ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت
سال 2025 ۾ اي آءِ عالمي معيشت جو مرڪز بڻجي وئي. چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيڪنالاجي مقابلو تيز رهيو. لڳ ڀڳ ڏيڍ کرب ڊالر سيڙپڪاري سان نوان اوزار متعارف ٿيا، پر ساڳئي وقت نوڪرين ۾ گهٽتائي، ڊيٽا سيڪيورٽي ۽ اخلاقي سوال به اڀريا.
موسمي تبديلي ۽ قدرتي آفتون

موسمي تبديلي 2025 کي وڌيڪ خطرناڪ بڻايو. ڪيريبين ۽ فلپائن ۾ طوفان، ويٽنام ۾ ٻوڏ، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٻيلن جون باهيون، افغانستان ۾ زلزلو ۽ ڀارت ۾ هوائي حادثا هزارين زندگيون ڳڙڪائي ويا. سائنسدانن خبردار ڪيو ته مستقبل ۾ اهڙيون آفتون وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿيون. ڀارتي شهر احمد آباد ۾ مسافر جھاز ڪري تباھ ٿيو سوار 242 مسافر فوت ٿي ويا. دبئي ايئر شو ۾ ڀارت جو تيجس فوجي جھاز ڪري تباھ ٿيو. ڀارت جي ڪنڀ ميلي ۾ ڀاڄ سبب چاليھ کان مٿي ماڻھو مري ويا. افغانستان ۾ زلزلي سبب لڳ ڀڳ پندرھن سئو ماڻهو مري ويا.
پاڪستان: سياست، عدالتون ۽ سماج
پاڪستان ۾ سياسي بحران، عدالتي فيصلا ۽ سماجي تحريڪون نمايان رهيون. پي ٽي آءِ قيادت خلاف سزائون، جنرل فيض جو ڪورٽ مارشل، وفاقي آئيني عدالت جو قيام ۽ سپريم ڪورٽ جا تاريخي فيصلا سال جا اهم واقعا رهيا. بلوچستان ۾ احتجاج، يرغمالي واقعا، بم ڌماڪا ۽ سنڌ ۾ ڪينالن خلاف عوامي تحريڪ ملڪي سياست تي گهرو اثر ڇڏيو. سينٽ چونڊون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون. اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيئرمين چونڊجي ويو. ڪي پي ڪي ۾ وزيراعليٰ تبديل ٿيو. پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عھدو مليو ۽ سندس مدو وڌايو ويو. شڪارپور ۾ قبيلائي دهشتگردي ڪندي ڄڃ تي حملو ڪري گھوٽ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.
ثقافت، ادب ۽ اهم لاڏاڻا
سال دوران سنڌ ۽ دنيا ڪيترين اهم شخصيتن کان محروم ٿي. آڪاش انصاري، نسرين الطاف، بينا مسرور، ادريس راجپوت، شمشاد اختر، خالده ضياء ۽ ٻيا نالا پنهنجي شعبن ۾ وڏو خال ڇڏي ويا.
سال 2025 جنگين، احتجاجن، آفتن ۽ تبديليءَ جي خواهشن جو سال رهيو. هي سال دنيا کي اهو سبق ڏئي ويو ته طاقت، وسيلن ۽ سياست کان وڌيڪ اهم انساني زندگي، انصاف ۽ ماحولياتي تحفظ آهن. 2025 پنهنجي گهرن اثرن ۽ تلخ تجربن سبب تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.
________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو



