Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گل پلازا سانحو: باھ جي ڀڀڙن ۾ گم ٿيل حياتيون، انتظامي نااهليءَ جو سڙندڙ ثبوت

هيءَ باهه ڪا اوچتي قدرتي آفت نه هئي، بلڪ سالن جي غفلت، ڪرپشن، نااهلي ۽ مجرمانه لاپرواهيءَ جو نتيجو هئي، جنهن جا ذميوار اهي سڀ ادارا آهن، جيڪي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جا ٺيڪيدار بڻيل آهن

گُل پلازا جو واقعو رڳو هڪ پلازا تائين محدود ناهي، بلڪه اها انهن هزارين عمارتن لاءِ هڪ چتاءُ آهي، جيڪي سنڌ جي شهرن ۾ بغير ڪنهن فائر سيفٽي نظام جي موجود آهن.

مُشتاق ٽانوري

ڪراچيءَ جي دل ايم اي جناح روڊ تي گُل پلازا ۾ ڀڙڪندڙ خوفناڪ باهه رڳو ڪنڪريٽ ۽ سرن سان ٺهيل هڪ عمارت کي نه ساڙيو، پر سنڌ جي حڪومتي نظام، ميونسپل ادارن، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ نام نھاد فائر سيفٽي انتظامن جي کوکلي دعوائن کي به ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو. هي باهه ڪا اوچتي قدرتي آفت نه هئي، بلڪه اها سالن جي غفلت، ڪرپشن، نااهلي ۽ مجرمانه لاپرواهيءَ جو نتيجو هئي، جنهن جا ذميوار اهي سڀ ادارا آهن، جيڪي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جا ٺيڪيدار بڻيل آهن. اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ روح کي لوڏيندڙ منظر هو، جڏهن ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ هڪ وڏي ڪمرشل پلازا کي باهه وڪوڙي وئي ۽ 33 ڪلاڪن بعد ان باھ تي ضابطو آندو ويو. 14 انساني زندگيون دونهين ۽ باهه جي لپيٽ ۾ سڙي ويون، خاندان اجڙي ويا، خواب خاڪ ٿي ويا ۽ شهر هڪ ڀيرو ٻيهر رياستي نااهليءَ جو ماتم ڪندو رهيو. سوال اهو آهي ته آخر گُل پلازا جهڙي وڏي عمارت ۾ فائر الارم سسٽم ڇو نه هو؟ اسپرنڪلر ڇو نصب نه هئا؟ ايمرجنسيءَ ۾ نڪرڻ جا رستا ڇو بند هئا؟ فائر فائٽنگ جو بنيادي انتظام ڇو موجود نه هو؟ ڇا اهڙي عمارت کي بغير فائر سيفٽي سرٽيفڪيٽ جي تعمير جي اجازت ڏني وئي؟ ۽ جيڪڏهن ڏني وئي ته ان جا ذميوار ڪير آهن؟

گُل پلازا ۾ لڳندڙ باهه رڳو دڪانن ۽ گدامن کي نه ساڙيو، پر شهر جي انتظامي نااهلي، قانون جي بي قدري ۽ انساني جانن جي بي توقيري کي به وائکو ڪري ڇڏيو. 14 قيمتي جانيون، جن ۾ هڪ فائر فائٽر به شامل آهي، باهه جي لپيٽ ۾ اچي هميشه لاءِ خاموش ٿي ويون. 22 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ڪيترائي اڃا تائين لاپتا آهن ۽ درجنين خاندان اهڙي اذيت مان گذري رهيا آهن، جنهن جو تدارڪ لفظن ۾ ممڪن ئي ناهي. 17 نومبر جي رات دير سان لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو. عمارت جا ٻه حصا ڪري پيا، پٺئين حصي جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ فائر فائٽر ملبي هيٺان دٻجي شهيد ٿي ويو. گرائونڊ فلور جا سمورا دڪان ۽ گدام باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا. باهه ٽئين ماڙ تائين پهچي وئي، جڏهن ته عمارت ۾ بيسمينٽ مارڪيٽ به موجود هو، جنهن صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو. فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122، واٽر ڪارپوريشن ۽ پوءِ سنڌ رينجرز به آپريشن ۾ شامل ٿيا، پر ان سڀ جي باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين باهه مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهي. جڏهن شروعاتي طور باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عمارت جا ٿنڀ ٽٽڻ لڳا ۽ ريسڪيو عملدارن لاءِ اندر داخل ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويو. ڊي سي سائوٿ موجب گل پلازا جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو ڪري پيو آهي، ڪيترائي ماڻهو اڃا به گم آهن. متاثر واپارين جو چوڻ آهي ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو اندر ڦاٿل هئا، جڏهن ته گل پلازا ٽريڊر ايسوسيئيشن جو اندازو آهي ته 80 کان 100 ماڻهو عمارت اندر موجود ٿي سگهن ٿا، شادي جي خريداري لاءِ آيل ڇهه عورتون به لاپتا آهن.

هي واقعو دراصل انتظاميا جي مڪمل ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهي. اها انتظاميا جيڪا عمارتن جي تعمير کان اڳ فائر سيفٽي پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. جيڪا بيسمينٽ مارڪيٽن، غيرقانوني گدامن ۽ اوور لوڊ ٿيل عمارتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان ڊڄي ٿي. جيڪا هر حادثي کان پوءِ جاچ ڪميٽيون ته ٺاهي ٿي، پر انهن جي رپورٽن کي فائلن ۾ دفن ڪري ڇڏي ٿي. جيڪڏهن بلڊيا ٽائون سانحي کان پوءِ سخت قدم کنيا وڃن ها، جيڪڏهن ان وقت ذميوارن کي سزا ملي ها، جيڪڏهن شهر ۾ فائر سيفٽي قانونن تي بنا ڪنهن رعايت جي عمل ٿئي ها ته شايد اڄ گل پلازا ۾ اهڙا دردناڪ منظر ڏسڻا نه پون ها.

ڪراچيءَ جي واپاري مرڪزن ۾ اڪثر عمارتون پراڻيون آهن، جن جي برقي وائرنگ زبون حال آهي، ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا يا ته بند آهن يا موجود ئي ناهن، فائر الارم سسٽم لڳل ناهي. حڪومت، بلدياتي ادارا، فائر برگيڊ، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واپاري تنظيمون سڀ هڪٻئي تي ذميواري وجهڻ ۾ ماهر آهن، پر ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ انساني زندگيءَ کي سڀ کان وڏي اهميت ڏني ويندي آهي. اتي باهه وسائڻ کان وڌيڪ باهه لڳڻ کان اڳ بچاءُ تي زور ڏنو ويندو آهي. خودڪار اسپرنڪلر سسٽم، اسموڪ ڪنٽرول، ايمرجنسي ايگزاسٽ فين، ايمرجنسي لائيٽنگ ۽ جديد فائر فائٽنگ نظام لازمي هوندا آهن. پر اسان وٽ ميونسپل ادارا صرف ٽيڪس وٺڻ لاءِ آهن، عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نه.

گُل پلازا جو واقعو رڳو هڪ پلازا تائين محدود ناهي، بلڪه اها انهن هزارين عمارتن لاءِ هڪ وارننگ آهي، جيڪي سنڌ جي شهرن ۾ بغير ڪنهن فائر سيفٽي نظام جي موجود آهن. جيڪڏهن اڄ به حڪومت نه جاڳي، جيڪڏهن اڄ به ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سڀاڻي اهڙا سانحا معمول بڻجي ويندا. گل پلازا جو سانحو به شايد ڪجهه ڏينهن تائين بحث هيٺ رهندو، پوءِ ڪا نئين خبر، ڪا نئين سياسي ڇڪتاڻ ۽ هي الميو به وساري ڇڏيو ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان هر ڀيري اهڙي ئي وسارڻ جي عادت سان اڳتي وڌنداسين؟

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گل پلازا جي واقعي کي هڪ ”حادثو“ سمجهي فائيل بند نه ڪيو وڃي، پر ان کي هڪ وارننگ سمجهي حقيقي قدم کنيا وڃن. فائر سيفٽي قانونن تي بنا ڪنهن فرق جي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، سڀني عمارتن جي فوري جاچ ڪئي وڃي، فائر بريگيڊ کي جديد مشينري سان ليس ڪيو وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. گل پلازا جي انتظاميا کي به قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي، جيڪي انتظام ۽ حفاظتي اپائن جي نالي تي وڏي رقم وٺن ٿا پر بھتر انتظامن لاءِ خرچ نٿا ڪن. ڇاڪاڻ تہ قومون حادثن سان نه، پر حادثن مان سبق نه سکڻ سان تباهه ٿينديون آهن.

________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button