سنڌيءَ سميت پاڪستان جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي
اسان ڪنھن به ٻوليءَ خلاف تعصب نٿا رکون بلڪ ھر مادري ٻوليء کي قومي ٻولي تسيلم ڪرڻ جي حق ۾ آھيون. سنڌي ادبي سنگت سکر ضلعي جو مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن تي مظاھرو
سکر
سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر طرفان ٻولين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سکر پريس ڪلب اڳيان ھڪ احتججي مظاھرو ڪيو ويو ـ مظاھرين ان موقعي تي سنڌي ٻوليء کي قومي ٻوليء جو درجو ڏيڻ جي مطالبي جي حوالي سان زوردار نعري بازي ڪئي ـ

انھيء موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر جي نئين چڻڊجي آيل رابطا سيڪريٽري ارشاد پيرزادي، سچل ڀٽي مجيد نواز مغل، ضياءڀٽي نذير وڌو، حڪيم زنگيجي، ستار زنگيجي، شفاعت گھانگھري، خالد فاروقي، گل جوڻيجي، گل مھر بيخود بلوچ، امداد جسڪاڻي، قربان مھر ۽ ٻين چيو ته ٻولين جي عالمي ڏينھن تي سنڌ جي قديم ۽ عظيم ثقافت رکندڙ ٻولي سنڌيء کي قومي ٻوليء جو درجو ڏيارڻ لاء جاکوڙ ڪيثي پئي وڃي ـ
ھنن چيو ته اسان ڪنھن به ٻوليء خلاف تعصب نٿا رکون بلڪ ھر مادري ٻوليء کي قومي ٻولي تسيلم ڪرڻ جي حق ۾ آھيون جنھن لاء اديبن ۽ ساڃان وندن ھر قدم تي جدوجھد جاري رکي آھي ـ
ھنن چيو ته سنڌيءَ جيان سرائيڪي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ ھر مادري ٻوليء کي قومي ٻولي ھجڻ کپي جيڪو عالمي قانون پڻ آھن ـ اھڙي ريت پاڪستان ۾ رھندڙ قومن جي سمورين ٻولين کي اھڙو درجو ڏيارڻ وقتائتو مطالبو آھي ـ
ھنن چيو ته سنڌي ٻولي ۾ شاھڪار ادب موجود آھي ـ سنڌي ايتري قديم ٻولي آھي جو ان ۾ قرآن جو پھريون ترجمو پڻ سنڌيء ۾ ئي ٿيو ھو ـ تاريخي حقيقتن پٽاندڙ سنڌيء ٻوليء کي ھڪدم قومي ٻوليء جو رتبو ملڻ کپي ـ ان لاء اسان جي جدوجھفد جاري رھندي ـ
(رپورٽ: ارشاد پيرزادو، رابطه سيڪريٽري ، سنڌي ادبي سنگت ضلعو سکر)
______________



