ڪِم جونگ اُن ۽ سندس ڌيءَ: اتر ڪوريا ۾ جانشينيءَ جو نئون سوال
اتر ڪوريا ۾ قيادت هميشه مردن وٽ رهي آهي۔ پر جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪِم جونگ اُن جي ڌيءَ ڪِم جو اِي اڳواڻ بڻجي ٿي ته هوءَ تاريخ ۾ ملڪ جي پهرين عورت حڪمران جي حيثيت سان نئون باب کوليندي
اتر ڪوريا جي سياست ۾ جانشيني بابت بحث هاڻي عالمي سطح تي اهم موضوع بڻجي ويو آهي۔
مُشتاق ٽانوري
اتر ڪوريا، جيڪو پنهنجي بند معاشري ۽ سخت ضابطي واري نظام سبب دنيا جي نظرن ۾ هميشه پراسرار رهيو آهي، اھو وري بين الاقوامي ڌيان جو مرڪز بڻيو آهي۔ هن ڀيري ڌيان جو مرڪز اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪِم جونگ اُن نه، پر سندس ڌيءَ ڪِم جو اِي آهي، جيڪا لڳاتار منظرِ عام تي اچي رهي آهي۔ تازو ئي ڪِم جونگ اُن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ چين جي گادي واري شهر بيجنگ پهتو ھو، جتي هنن “وڪٽرِي ڊي” جي فوجي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي۔ پريڊ ۾ چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پوتن به موجود هئا۔ هي تاريخي لمحو هو، ڇاڪاڻتہ پهريون دفعو اتر ڪوريا جو اڳواڻ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ٻين عالمي اڳواڻن سان هڪ ئي پليٽ فارم تي نظر آيو۔ ان منظر کي ڪيترن مبصرن مستقبل جي جانشيني بابت علامتي اشارو قرار ڏنو آھي۔

اتر ڪوريا ۾ طاقت هميشه ڪِم خاندان وٽ رهي آهي، جيڪو دنيا ۾ هڪ منفرد مثال آھي. اتر ڪوريا جي باني ڪِم اِل سُنگ ملڪ کي سخت ڪنٽرول واري ڪميونسٽ رياست ۾ تبديل ڪيو. ھو 1948ع کان 1994ع ۾ وفات تائين اقتدار ۾ رهيو، اُتي کيس “ابدي اڳواڻ” جي حيثيت حاصل آهي . ڪِم اِل سُنگ جو پُٽ ڪِم جونگ اِل، جيڪو والد جي وفات کان پوءِ اقتدار تي ويٺو، سندس دور 2011ع تائين رھيو. ان دور ۾ اتر ڪوريا اقتصادي مشڪلاتن ۽ ڏڪار مان گذريو، پر فوجي طاقت ۽ ميزائل پروگرام وڌيڪ مضبوط ٿيو۔ ڪِم جونگ اِل جو ننڍو پٽ ڪِم جونگ اُن اوچتو 2011ع ۾ منظر تي آيو۔ ڪيترن کي شروعات ۾ سندس اقتدار ۾ قائم رهڻ تي شڪ هو، پر هن ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين طاقت مضبوط رکڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔ هاڻي بحث آهي ته سندس جانشين ڪير ٿيندو۔

ڪِم خاندان جي روايت مطابق، اڳواڻ جي زال ۽ ٻارن بابت تمام گهٽ ڄاڻ ڏني ويندي آهي۔ ڪِم جو اِي جو نالو پهريون ڀيرو 2013 ۾ سامهون آيو، جڏهن آمريڪي باسڪيٽ بال اسٽار ڊينس روڊمين اتر ڪوريا جي دوري دوران ٻڌايو ته هن ڪِم جونگ اُن جي ننڍڙي ڌيءَ کي ھنج ۾ کنيو هو۔ ڏکڻ ڪوريا جي خفيه ادارن موجب، کيس اسڪول ۾ داخل نه ڪيو ويو، پر گهر ۾ ئي خاص تعليم ڏني وئي آهي۔ هوءَ گهوڙي سواري، ترڻ ۽ اسڪِيئنگ ۾ ماهر آهي۔ رپورٽن موجب، سندس ٻه ڀائر به آهن، پر انهن بابت ڪا به تصديق ٿيل ڄاڻ موجود ناهي. ڪِم جو اِي کي پهريون ڀيرو نومبر 2022 ۾ پنهنجي والد سان گڏ هڪ ميزائل ٽيسٽ ۾ ڏٺو ويو۔ ان کان پوءِ هوءَ ڪيترن ئي فوجي ۽ ثقافتي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي نظر آئي۔ ڊسمبر 2023 ۾ هوءَ بين البراعظمي ميزائل ٽيسٽ ۽ جاسوس سيٽلائيٽ جي افتتاحي تقريب ۾ به شامل هئي۔ هاڻي اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا کيس قابلِ احترام ڌيءَ سڏي ٿي، جيڪو لقب اڳ ۾ صرف ملڪ جي اڳواڻ لاءِ مخصوص هوندو هو۔ اتر ڪوريا ۾ قيادت هميشه مردن وٽ رهي آهي۔ پر جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪِم جو اِي اڳواڻ بڻجي ٿي ته هوءَ نه رڳو ڪِم خاندان جي ورثي کي اڳتي وڌائيندي، پر تاريخ ۾ ملڪ جي پهرين عورت حڪمران جي حيثيت سان نئون باب کوليندي۔ تنهن هوندي به، هڪ ٻيو مضبوط نالو به موجود آهي ــ ڪِم جونگ اُن جي ڀيڻ ڪِم يو جونگ۔ هوءَ ورڪرز پارٽي ۾ وڏو اثر رکي ٿي ۽ ڪيترن ئي عالمي معاملن ۾ اڳ ئي ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔ مبصرن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ جانشيني جو اصل مقابلو شايد ڪِم جو اِي ۽ ڪِم يو جونگ جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو۔اتر ڪوريا جي تاريخ ۾ اقتدار جي منتقلي هميشه رازن ۾ ڍڪيل رهي آهي۔ جيئن ڪِم جونگ اُن اوچتو منظر تي اچي والد جي جاءِ والاري، اهڙي طرح ڪِم جو اِي جو مستقبل به اڃا تائين غير واضح آهي۔ پر سندس بار بار منظرِ عام تي اچڻ، عالمي اڳواڻن سان گڏ موجودگي ۽ سرڪاري لقب، سڀئي اشارا ڏئي رهيا آهن ته اتر ڪوريا جي سياست ۾ هڪ نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اهو ٿيو ته ڪِم جو اِي نه رڳو ڪِم خاندان جي تسلسل جي علامت هوندي، پر عالمي تاريخ ۾ به هڪ اهڙو نالو ٿيندي جيڪو بند معاشري مان نڪري دنيا جي سياست ۾ هڪ نئين رخ جي نشاندهي ڪندو۔
ڪِم جو اِي جو منظرِ عام تي اچڻ نه رڳو اتر ڪوريا لاءِ، پر پوري دنيا لاءِ دلچسپ موضوع بڻجي ويو آهي۔ مختلف ملڪن جا ماهر ۽ تجزئي نگار هن صورتحال بابت پنهنجا خيال پيش ڪري رهيا آهن. ڏکڻ ڪوريا جا خفيه ادارا چون ٿا ته ڪِم جونگ اُن شعوري طور پنهنجي ڌيءَ کي سامهون آڻي رهيو آهي، جيئن عوام کي ايندڙ قيادت لاءِ تيار ڪري۔ پر اهي به خبردار ڪن ٿا ته اتر ڪوريا ۾ اقتدار جي حتمي منتقلي اڪثر اوچتو ۽ غير متوقع ٿيندي آهي، تنهنڪري اڳڪٿيون ڪرڻ مشڪل آهي۔ آمريڪي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ڪِم جو اِي جو منظر تي اچڻ، اتر ڪوريا طرفان هڪ علامتي پيغام آهي ته ملڪ جو قيادت وارو سلسلو محفوظ هٿن ۾ آهي۔ پر آمريڪا لاءِ اصل ڳڻتي اها آهي ته ڪِم خاندان ميزائل ۽ نيوڪليئر پروگرام کي نئين نسل تائين به منتقل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو۔ اتر ڪوريا جو وڏو اتحادي چين هن صورتحال کي “استحڪام” جي علامت طور ڏسي ٿو۔ چين لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪِم خاندان ۾ قيادت جو تسلسل جاري رهي، جيئن سرحدن تي ڪنهن به قسم جي سياسي افراتفري پيدا نه ٿئي۔ ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ڪِم جو اِي کي منظر تي آڻڻ سان اتر ڪوريا جي سماج ۾ “عورتن جي قيادت” جو تصور به جنم وٺي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ عملي طور ملڪ ۾ عورتن لاءِ سياسي آزادي تقريبن نه هئڻ برابر آهي۔

ڪِم جو اِي جو منظرِ عام تي اچڻ اتر ڪوريا جي بند سياسي نظام ۾ وڏي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿو۔ في الحال اهو واضح ناهي ته هوءَ واقعي مستقبل جي اڳواڻ آهي يا صرف علامتي طور سامهون آندي پئي وڃي، پر هڪ ڳالهه يقيني آهي: اتر ڪوريا جي سياست ۾ جانشيني بابت بحث هاڻي عالمي سطح تي به اهم موضوع بڻجي ويو آهي۔
_____________