انڊور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪويل ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ياد ۾ ادبي پروگرام
سنڌي ساهتيه ساگر (انڊور چيپٽر) پاران نامياري سنڌي ڳائڻي ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي خميس، 22 آڪٽوبر 2026 تي هڪ خاص سنڌي ادبي پروگرام ڪوٺايو ويو آهي.

انڊور، هندستان: سنڌي ساهتيه ساگر (انڊور چيپٽر) پاران نامياري سنڌي ڳائڻي ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي خميس، 22 آڪٽوبر 2026 تي هڪ خاص سنڌي ادبي پروگرام ڪوٺايو ويو آهي.
هي ادبي شام انڊور جي سنڌي ڪالونيءَ ۾ واقع “سوامي پريتم داس سڀاڳرھ” (پهرين ماڙ) ۾ منعقد ٿيندي. پروگرام جي شروعات شام 5:30 وڳي چانهه پاڻيءَ سان ٿيندي، جنهن کانپوءِ مکيه ادبي ۽ موسيقيءَ جو پروگرام شام 6:00 بجي کان 7:30 بجي تائين جاري رهندو.
هي تقريب آل انڊيا سرپرست، نامياري ليکڪ ۽ ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر ونود آسواڻي جي موجودگيءَ ۽ آشيرواد سان منعقد ڪئي پئي وڃي.
ھڪ پڌرائيءَ موجب اسٽيج تي پنهنجو فن پيش ڪندڙن ۾ ڀوپال کان آيل مشهور ڪلاڪار ۽ شاعر سائين ناري لڇواڻي نمايان هوندو. پروگرام ۾ پنهنجي فن ۽ ڪلام سان شرڪت ڪندڙن ۾ راجيندر سچديو، دليپ ڀاوناڻي، هريش شيواڻي، ڪرن پرياڻي ”انمول“ ، ريما رجواڻي، تاراچند لعلواڻي، سنيتا نولاڻي، ڪيرتي جسواڻي، هيما مانڊواڻي، نرملا راڄاڻي، ڪومل رجواڻي، ڪومل واسواڻي شامل ھوندا.
تقريب جي ميزبانيءَ جا فرض ڀارتي کٽواڻي سرانجام ڏيندي، جڏهن ته ڪملا راڄاڻي آيل مهمانن جو رسمي طور شڪريو ادا ڪندي . هن سڄي پروگرام کي ترتيب ڏيڻ ۽ ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪنچن گدواڻي، مڌو گيرڊاڻي، نمرتا ويراڻي، راجڪماري پنجواڻي، سنيتا آهوجا، ڪانتي کيتپال، مهڪ راهيجا ۽ ڪاجل ڪارڊا جون ڪوششون شامل آهن.
____________



