سائبر مافيا جي لڏپلاڻ: بين الاقوامي سائبر ڪرائم سنڊيڪيٽس سريلنڪا ۾ داخل
ڪمبوڊيا ۽ ميانمار جهڙن روايتي ڳڙهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت دٻاءُ ۽ ڪريڪ ڊائون جي ڪري اربين ڊالرن جا عالمي سائبر ڪرائيم نيٽ ورڪ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ڪمزور ملڪن ڏانهن پنهنجون سرگرميون منتقل ڪري رهيا آهن.

ليو نيروشا درشن وٽان
ڪولمبو: اڄوڪي انڊو-پيسفڪ منظرنامي ۾، مختلف ملڪن وچ ۾ پکڙيل منظم ڏوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ معمولي مسئلي مان وڌي هڪ وڏو جيوپوليٽيڪل خطرو ۽ اسٽريٽجڪ چيلنج بڻجي چڪا آهن، جيڪو علائقائي سيڪيورٽي، سفارتي توازن ۽ معاشي نظام کي درهم برهم ڪري رهيو آهي.
ڪمبوڊيا ۽ ميانمار جهڙن روايتي ڳڙهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سخت دٻاءُ ۽ ڪريڪ ڊائون جو مقابلو ڪندي، ملٽي بلين ڊالرن جا عالمي سائبر اسڪيم نيٽ ورڪ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ڪمزور ملڪن ڏانهن پنهنجون سرگرميون منتقل ڪري رهيا آهن.
تازو سيڪيورٽي ڊيٽا ۽ اعليٰ سطحي گرفتارين جو هڪ سلسلو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته اهي عالمي سائبر فراڊ سنڊيڪيٽس هاڻي نون ميدانن، خاص طور تي ويٽنام ۽ سريلنڪا ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن.
سالن تائين، سائبر اسڪيم انڊسٽري ڪمبوڊيا ۾ هڪ وڏي شيڊو اڪانومي (متوازي معيشت) جي طور تي ترقي ڪئي، جيڪا مقامي جوئا خانن، ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبارن ۽ سياسي طور تي بااثر مقامي اشرافيا جي مڪمل سرپرستي هيٺ هلي رهي هئي.
پنهنجي عروج تي، ان غير قانوني صنعت انساني سمگلنگ کي هڪ صنعتي شڪل ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن کي زبردستيءَ مزدوري لاءِ قلعي نما مرڪزن ۾ قيد ڪيو ويو. ان ڪاري بازار جي معيشت ڪمبوڊيا جي جي ڊي پي (GDP) جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو جي برابر منافعو پيدا ڪيو. صرف گذريل ٻن سالن دوران، چينين جي قيادت ۾ هلندڙ سائبر سنڊيڪيٽس سڄي دنيا جي متاثرن کان اندازي مطابق 75 بلين ڊالر لٽيا آهن.
واشنگٽن ۽ بيجنگ جي وڌندڙ دٻاءُ ۽ ان سان گڏ عالمي سطح تي سخت بدناميءَ ڪمبوڊيا جي حڪومت کي مجبور ڪيو ته هو انهن سوين مرڪزن کي ختم ڪري، اھو ڌنڌو ڪندڙن جي مُک ماڻھن کي گرفتار ڪري ۽ هزارين غير ملڪي شهرين کي ملڪ بدر ڪري. صرف 2023 ۽ 2024 ۾، ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن سائبر ڏوهن سان لاڳاپيل 100,000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي ملڪ بدر يا گرفتار ڪيو. انهن ڪريڪ ڊائونز مان بي گهر ٿيڻ ۽ فائنينشل ائڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) پاران نشانو بڻجڻ کانپوءِ، هي مجرماڻي دنيا هاڻي وڏي پيماني تي ويٽنام ۽ سريلنڪا ۾ پکڙجي رهي آهي.
ويٽنام، سائبر سنڊيڪيٽ جي مداخلت خلاف پنهنجو بچاءُ ڪري ٿو
ويٽنام، جيڪو تاريخي طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڪمبوڊيا ۽ ميانمار جي ڀيٽ ۾ صنعتي سطح جي سائبر ڪرائم کان محفوظ رهيو هو، تازو ئي فرار ٿيندڙ سنڊيڪيٽس لاءِ هڪ اهم ترين منزل طور سامهون آيو آهي. ويٽنامي اختيارين ملڪ جي اترين علائقن ۾ اڏا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ بين الاقوامي گروھن کي ڪاميابيءَ سان روڪيو ۽ تباهه ڪيو آهي.
هڪ تازي آپريشن ۾، ويٽنامي پوليس چين جي سرحد ويجهو لاو ڪائي (Lao Cai) صوبي جي هڪ مقامي هوٽل تي چاپو هڻي 19 چيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي ڪمبوڊيا جي موڪ بائي (Moc Bai) بارڊر گيٽ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيا هئا. وانگ شيانگ شينگ (Wang Xiangsheng) نالي هڪ گروھي اڳواڻ جي ماتحت ڪم ڪندڙ هي سنڊيڪيٽ جعلي لون ايپليڪيشنن ذريعي چيني شهرين کي نشانو بڻائيندي سامهون آئي. اختيارين 23 ليپ ٽاپ، 26 سمارٽ فون ۽ 8 جديد 5G سگنل براڊڪاسٽنگ ڊوائيسز ضبط ڪري ورتيون.
ان کان علاوه، ويٽنام جي قومي دفاع واري وزارت هڪ وسيع بين الاقوامي سنڊيڪيٽ کي پڻ تباهه ڪيو جيڪو فو ٿو (Phu Tho)، هنوئي ۽ لاو ڪائي ۾ لگزري ريزورٽس ۽ ولاز مسواڙ تي وٺي ڊگهي مدت جا سائبر اڏا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ان ڇاپي جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري، زاو ويزونگ (Zhao Weizhong)، ۽ سندس ٽن ويٽنامي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ 73 ڪمپيوٽر ۽ 134 موبائل فون ضبط ڪيا ويا. هو چي منهه سٽي ۽ بيڪ نن صوبي ۾ پڻ اهڙي ئي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ترتيبوار 83 ۽ 43 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جيڪي هنوئي جي ان ڏوهه خلاف زيرو-ٽالرنس واري موقف کي ظاهر ڪن ٿا.
سريلنڪا: سائبر مافياز لاءِ ڏکڻ ايشيا جو نئون مرڪز
ھڪ پاسي ويٽنام ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ان يلغار جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ٻئي پاسي سريلنڪا، جيڪو هندي وڏي سمنڊ جو هڪ اسٽريٽجڪ بحري مرڪز آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ جهڙي ئي نازڪ سيڪيورٽي چيلنج کي منهن ڏئي رهيو آهي. بين الاقوامي مافياز پنهنجا نيٽ ورڪ سڌو سنئون ڪولمبو ۾ ڦهلائي رهيا آهن، هڪ اهڙو شهر جنهن کي گهڻي وقت کان سيڙپڪارن جي جنت طور پيش ڪيو ويو آهي، ۽ اهي هاڻي الٽرا ماڊرن ڪولمبو پورٽ سٽي اسپيشل اڪنامڪ زون کي پنهنجي مکيه آپريشنل مرڪز طور نشانو بڻائي رهيا آهن.
صورتحال جي سنگيني سريلنڪا جي ڪرمنل انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ (CID) جي تازي ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿي. ڪڊوگناوا (Kadugannawa)، الٿگاما (Aluthgama) ۽ ڪولمبو ۾ لگزري رهائشي ڪمپليڪس تي ڇاپن دوران صرف هن سال 1,000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ماهر ان اسٽريٽجڪ ۽ سماجي-معاشي ڪمزورين ڏانهن اشارو ڪن ٿا جيڪي انهن سنڊيڪيٽس کي هن ٻيٽ واري ملڪ ڏانهن راغب ڪري رهيون آهن.
جيئن ته سريلنڪا پنهنجي تازي تباهه ڪندڙ معاشي بحران مان آهستي آهستي ٻاهر نڪري رهيو آهي، ريئل اسٽيٽ جا مالڪ ۽ مقامي بروڪرز غير ملڪي سڌي سيڙپ جي نالي تي ايندڙ ڪنهن به غير ملڪي سرمائي کي خوش آمديد چئي رهيا آهن. وڏي پيماني تي مسواڙ ملڻ جي ڪري، تمام گهٽ ماڻهو پنهنجن مسواڙين جي پس منظر بابت سوال ڪن ٿا.
ان کان علاوه، ڪولمبو پورٽ سٽي هڪ منفرد قانوني فريم ورڪ تحت ڪم ڪري ٿي جنهن ۾ ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري رعايتون شامل آهن. جيتوڻيڪ اهو جائز عالمي ڪاروبار کي راغب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، پر اهي نرم نگراني وارا نظام ڏوهاري نيٽ ورڪن لاءِ غير قانوني مالي معاهدن کي لڪائڻ لاءِ هڪ آسان رستو فراهم ڪن ٿا.
سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين انٽرنيٽ آرڪيٽيڪچر جي دعويٰ پڻ ڪري ٿو، جيڪو انهن سنڊيڪيٽس کي يورپي ۽ آمريڪي بئنڪنگ سسٽم کي هيڪ ڪرڻ ۽ عالمي فشنگ اسڪيمز کي هلائڻ لاءِ گهربل هاءِ اسپيڊ ڪنيڪشن فراهم ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته سريلنڪا جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ غير ملڪي سياحن پاران پراپرٽيز مسواڙ تي وٺڻ جا عادي آهن، ان ڪري اهي سنڊيڪيٽس لگزري ولاز ۽ هاءِ رائز اپارٽمنٽ مسواڙ تي وٺي مقامي برادرين ۾ آسانيءَ سان گڏجي وڃن ٿيون.
انڊيال سسٽم (Undiyal system) جو گهڻي وقت کان استعمال ، جيڪو رسمي بئنڪنگ سيڪٽر کان ٻاهر هلندڙ هڪ روايتي، غير رسمي اعتماد تي ٻڌل پئسن جي منتقلي جو نظام آهي ، انهن سائبر ڏوهارين کي پنهنجي غير قانوني دولت کي بغير ڪنهن ڪاغذي ثبوت جي عالمي سطح تي لانڊر ڪرڻ ۽ منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.
FATF جي”گري لسٽ“جو خطرو
سخت جاچ پڙتال کان اڳ بين الاقوامي سنڊيڪيٽس لاءِ دروازا کولڻ سان مقامي، جائز آئي ٽي (IT) ادارن کي تباهه ڪرڻ ۽ سريلنڪا جي عالمي شهرت کي سخت ڊگهي مدي وارو نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. معاشي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سائبر اسڪينڊلن مان حاصل ٿيندڙ اربين ڊالر ملڪي بئنڪنگ سسٽم ۾ داخل ٿي ويا ته فائنينشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) سريلنڪا کي ٻيهر پنهنجي “گري لسٽ” ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، جيڪا ملڪ جي وسيع مالي ساک کي متاثر ڪندي.
ان کان علاوه، جيڪڏهن هن ٻيٽ کي سائبر ڏوهارين لاءِ محفوظ پناهگاهه جي شهرت ملي ٿي، ته گوگل ۽ مائڪروسافٽ جهڙيون عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پنهنجي سيڙپ واپس وٺي سگهن ٿيون. نتيجي طور، سريلنڪا جي تعليم يافته نوجوانن لاءِ جيڪي ڊجيٽل روزگار جا موقعا ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مستقبل جو جيڪو خواب ڏٺو ويو هو، اهو مڪمل طور تي برباد ٿي سگهي ٿو.
انٽيليجنس رپورٽن مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته اهي اڏا صرف مالي فراڊ تائين محدود ناهن هوندا؛ اهي اڪثر ڪري انساني سمگلنگ ۽ منشيات جي سمگلنگ جي گروھن لاءِ انڪريپٽڊ ڪميونيڪيشن ڪمانڊ سينٽرن جي طور تي پڻ ڪم ڪندا آهن.
بچاءُ وارن قدمن لاءِ حڪمت عملي
قومي سلامتي جي هن وڌندڙ بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ، سريلنڪا کي ھڪدم منظم قدم کڻڻا پوندا. ڪولمبو پورٽ سٽي ۾ رجسٽر ٿيل تمام غير ملڪي ۽ چيني ادارن جو فوري طور تي جامع فارنزڪ آڊٽ ڪيو وڃي، جنهن ۾ سندن حقيقي مالڪي (beneficial ownership)، ملازمن جا دستاويز ۽ سرمائي جي ذريعن جي مڪمل تصديق شامل هجي.
ان سان گڏ، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي واري وزارت، ٽيلي ڪميونيڪيشن ريگيوليٽري ڪميشن (TRCSL)، ۽ اميگريشن ۽ ايميگريشن کاتي کي هڪ گڏيل ريئل ٽائيم ٽريڪنگ سسٽم جوڙڻو پوندو ته جيئن ڪاروباري ۽ تجارتي ويزا تي ايندڙ غير ملڪي شهرين جي نگراني ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي اعلان ڪيل سرگرمين تي عمل ڪري رهيا آهن يا نه.
پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، سريلنڪا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چيني حڪومت، انٽرپول ۽ علائقائي ڀائيوارن سان انٽيليجنس شيئرنگ وڌائڻي پوندي ته جيئن ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي بليڪ لسٽ ۽ ملڪ بدر ڪيو وڃي.
سريلنڪا وٽ ان بحران کي شروعات ۾ ئي ختم ڪرڻ جو هڪ بهترين ۽ محدود موقعو آهي، ان کان اڳ جو اهي سنڊيڪيٽس مقامي سياسي ۽ ڪارپوريٽ منظرنامي ۾ داخل ٿي وڃن، هڪ اهڙو اتحاد جيڪو هن وقت ڪمبوڊيا ۾ صفائي جي ڪوششن کي مفلوج ڪري چڪو آهي.
موجوده نيشنل پيپلز پاور (NPP) انتظاميا تحت، اهڙن ڏوهاري سنڊيڪيٽس کي سياسي تحفظ تمام گهٽ حاصل آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو اختيار مليل هجڻ ڪري، سريلنڪا وٽ ان علائقائي خطري کي مستقل طور تي پاڙئون پٽڻ لاءِ هڪ واضح اسٽريٽجڪ فائدو موجود آهي.
___________________

ليو نيروشا درشن سريلنڪا جي ايڪسپريس اخبار جو نيوزايڊيٽر ۽ ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو نائب صدر آھي
The AsiaN جي ٿورن سان



