Editor's pickMain Slideآئي ٽي ۽ سائنسڏکڻ ايشيا

سوشل ميڊيا: شعور جي روشني يا بي لغام آزادي ۽ انتشار جو ذريعو؟

هن بي لغام آزاديءَ جتي شعور جا دروازا کوليا آهن، اتي اخلاقي زوال، گارگند ۽ نفرت جو هڪ اهڙو طوفان پڻ برپا ڪيو آهي، جنهن اسان جي سماجي ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو آهي.

بدقسمتيءَ سان اسان وٽ سوشل ميڊيا تي اختلاف جو مطلب ’دشمني‘ ورتو وڃي ٿو. اسان وساري ويٺا آهيون ته سچ چوڻ جو انداز به سچ وانگر ئي اجرو ۽ شفاف هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان ڪنهن جي نظرئي يا سوچ سان اختلاف رکون ٿا، ته اسان جو فرض آهي ته اسان دليل سان پنهنجو موقف پيش ڪريون

نادر مائري

اڄ جو دور معلوماتي انقلاب ۽ تيز ترين ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اسان هڪ اهڙي عالمي ڳوٺ (Global Village) ۾ رهون ٿا جتي فاصلن جي ڪا به اهميت ناهي رهي. سوشل ميڊيا، جيڪا ڪنهن وقت صرف تفريح جو ذريعو سمجهي ويندي هئي، اڄ انسان جي سوچ، اظهار ۽ رابطي جو سڀ کان طاقتور هٿيار بڻجي چڪي آهي. فيس بڪ، ايڪس (Twitter)، انسٽاگرام ۽ يوٽيوب جهڙن پليٽ فارمن عام ماڻهوءَ کي اهو اختيار ڏنو آهي ته هو پنهنجو آواز ڪنهن به ميڊيا هائوس جي مدد کانسواءِ سڄي دنيا تائين پهچائي سگهي. پر هن بي لغام آزاديءَ جتي شعور جا دروازا کوليا آهن، اتي اخلاقي زوال، گارگند ۽ نفرت جو هڪ اهڙو طوفان پڻ برپا ڪيو آهي، جنهن اسان جي سماجي ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان هن جديد اوزار کي سماجي سڌاري ۽ شعور جي روشنيءَ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيون يا هي معاشري ۾ انتشار ۽ ويڙهه جو ذريعو بڻجي رهيو آهي؟ ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ جو معيار صرف بلند و بالا عمارتون، ڪشادا رستا ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي ناهي هوندي. حقيقي ترقيءَ جو بنياد انساني اخلاق، برداشت، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي احترام تي رکيل هوندي آهي. جڏهن اسان جي بحثن جو محور دليل جي بدران گار گند ۽ ذاتي حملا بڻجي وڃن، ته سمجهڻ گهرجي ته معاشرو پنهنجو توازن وڃائي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو پنهنجي ذاتي ناڪامين، سياسي وابستگين يا سماجي ناانصافين جو ردعمل انتهائي غير اخلاقي ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا. اها ٻولي نه صرف استعمال ڪندڙ جي پنهنجي شخصيت کي نقصان رسائي ٿي، پر سماج ۾ نفرت جو زهر پکيڙڻ جو ڪارڻ به بڻجي ٿي.

راءِ جو اختلاف زندگيءَ جي خوبصورتي ۽ جمهوريت جو روح آهي. هڪ زنده سماج ڪڏهن به اختلافن کان ناهي ڊڄندو، پر انهن کي کليل دل سان قبول ڪري اڳتي وڌندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ سوشل ميڊيا تي اختلاف جو مطلب ’دشمني‘ ورتو وڃي ٿو. اسان وساري ويٺا آهيون ته سچ چوڻ جو انداز به سچ وانگر ئي اجرو ۽ شفاف هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان ڪنهن جي نظرئي يا سوچ سان اختلاف رکون ٿا، ته اسان جو فرض آهي ته اسان دليل سان پنهنجو موقف پيش ڪريون. ڪنهن جي شخصيت کي نشانو بنائڻ يا ان جي پٽڪي لاهڻ سان اسان پنهنجو ڪيس مضبوط نه، پر ڪمزور ڪندا آهيون. هڪ ٻيو سنگين مسئلو جعلي خبرن (Fake News) جو آهي، جيڪي ڪنهن وبائي مرض وانگر تيزي سان پکڙجي رهيي آهي. سوشل ميڊيا تي بنا ڪنهن تصديق جي خبر شيئر ڪرڻ اڄڪلهه جو عام دستور بڻجي ويو آهي. هڪ ڪوڙي خبر يا فوٽو شاپ ڪيل تصوير ملڪ ۾ بدامني، مذهبي ڇڪتاڻ يا ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ کي تباهه ڪري سگهي ٿي. اسلامي تعليمات کان وٺي دنيا جي صحافتي اصولن تائين، هر جڳهه ’تصديق‘ تي زور ڏنو ويو آهي. اسان جي ذميواري آهي ته اسان سچ جي حفاظت ائين ڪريون جيئن پنهنجي عزت جي ڪندا آهيون. تصديق کانسواءِ ڪلڪ ڪرڻ جو مطلب ڪوڙ جي گناهه ۾ برابر جو شريڪ ٿيڻ آهي. هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ هڪ مثبت قدم پنهنجي ذهني صحت جي حفاظت پڻ آهي. جيڪڏهن توهان جي ٽائم لائن تي ڪو شخص مسلسل بدتميزي، نفرت يا بداخلاقي پکيڙي رهيو آهي، ته ان کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ يعني ’بلاڪ‘ ڪرڻ هڪ انتهائي ذميواراڻو ۽ عقلمنداڻو فيصلو آهي. سوشل ميڊيا تي ڪنهن بدتميز ماڻهوءَ کي بلاڪ ڪرڻ بزدلي ناهي، پر پنهنجي ذهني سڪون ۽ پنهنجي ٻارن جي اخلاقي تربيت جي حفاظت آهي.

اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته سوشل ميڊيا اسان جي ضرورت ٿي سگهي ٿي، پر اها اسان جي سوچ ۽ زندگيءَ جي مالڪ هرگز ناهي. خاص طور تي سياست، سماج ۽ مذهب جهڙن حساس موضوعن تي ڳالهائڻ وقت اسان کي نهايت ئي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. جذباتي ۽ اشتعال انگيز گفتگو وقتي طور تي ته واه واه ڪرائي سگهي ٿي ۽ ڪجهه لائڪس (Likes) ڏياري سگهي ٿي، پر ڊگهي عرصي ۾ اها سماجي ورهاست ۽ ويڙهه جو ٻارڻ بڻجي ٿي. حقيقي سياسي شعور اهو ناهي ته توهان پنهنجي مخالف کي گاريون ڏيو، پر حقيقي شعور اهو آهي ته توهان دليل سان ثابت ڪريو ته توهان جي سوچ سماج لاءِ ڪيتري فائديمند آهي. نتيجي طور، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا صرف وقت گذارڻ يا تفريح جو ذريعو ناهي، پر هي هڪ تمام وڏي سماجي ذميواري آهي. اسان جي هر پوسٽ، هر ڪمينٽ ۽ هر شيئر اسان جي خانداني تربيت ۽ اسان جي ذهني معيار جي عڪاسي ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان گڏجي مثبت مواد، علمي بحثن ۽ محبت کي هٿي ڏينداسين، ته اها آن لائن دنيا اسان لاءِ هڪ نعمت ثابت ٿيندي. اچو ته اڄ پاڻ سان ۽ پنهنجي سماج سان اهو وچن ڪريون ته اسان سوشل ميڊيا کي صرف سچ، شعور ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين. گارين ۽ بداخلاقيءَ جي گند کي ادب، دليل ۽ مثبت سوچ جي گلن سان مات ڏينداسين. ياد رکو، اصل طاقت نفرت پکيڙڻ ۾ ناهي، پر سچائي ۽ اعليٰ اخلاق کي اپنائڻ ۾ آهي.

________________  

Nadir Mairi-TheAsiaN

نادر مائري صحافي آھي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button