ڇا سنڌ جو صحافي پنهنجي ئي سماج ۾ محفوظ آهي؟
صحافت ڪنهن به مهذب ۽ جمهوري سماج جي اک ۽ ضمير جو درجو رکي ٿي. تازو مرزا پور ۾ صحافيءَ تي مبينا پوليس فائرنگ ۽ وڏا ماڇي لنڪ روڊ تي صحافين کان ٿيل ڦر جي واقعن هڪ بنيادي سوال اٿاريو آهي ته: ڇا اسان جي سماج ۾ صحافي محفوظ آهن؟

نسيم بخاري
صحافت ڪنهن به مهذب ۽ جمهوري سماج جي اک، ڪن ۽ ضمير جو ڪردار ادا ڪندي آهي. صحافي جو قلم رڳو خبرون شايع ڪرڻ لاءِ ناهي، پر اهو انهن ماڻهن جي آواز کي اڳتي وڌائڻ جو ذريعو پڻ آهي، جيڪي پنهنجي مسئلن، محرومين ۽ ناانصافين کي طاقتور ادارن ۽ اختيارين تائين سڌيءَ ريت پهچائڻ جي سگهه نٿا رکن. انهيءَ ڪري صحافيءَ جو تحفظ رڳو ڪنهن هڪ فرد جي ذاتي حفاظت جو مسئلو ناهي، پر عوام جي معلومات حاصل ڪرڻ، اظهار جي آزادي ۽ سماجي احتساب جي حق جو به مسئلو آهي.
پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 اظهار ۽ پريس جي آزاديءَ کي تسليم ڪري ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 19-A عوامي اهميت جي معاملن بابت معلومات تائين رسائيءَ جو حق ڏئي ٿو. ان کان علاوه Protection of Journalists and Media Professionals Act, 2021 صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي آزادي، سلامتي ۽ ڪم جي تحفظ لاءِ قانوني فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. سنڌ ۾ به Sindh Protection of Journalists and Other Media Practitioners Act, 2021 موجود آهي، جنهن جو مقصد صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي آزادي، اظهار ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
بين الاقوامي سطح تي به صحافين جي حفاظت کي انساني حقن، جمهوريت ۽ عوام جي معلومات تائين رسائيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي. يونيسڪو ۽ گڏيل قومن جي UN Plan of Action on the Safety of Journalists and the Issue of Impunity ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ روڪٿام، تحفظ ۽ قانوني ڪارروائيءَ کي بنيادي اهميت ڏني وئي آهي.
پر قانونن، آئيني ضمانتن ۽ عالمي اصولن کان پوءِ اصل سوال انهن جي عملي حيثيت جو آهي. اسان جي پنهنجي علائقي ۾ تازو سامهون آيل ٻه واقعا ان سوال کي وڌيڪ سنجيده بڻائين ٿا.
مرزا پور سان تعلق رکندڙ صحافي ذوالفقار جوڳي سان پيش آيل واقعي موجب، هڪ ڪٻاڙي پنهنجي مسئلي ۽ مبينا طور پوليس پاران تنگ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪرڻ چاهيو ۽ صحافي ان معاملي کي خبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. صحافي جي بيان موجب، جڏهن هن پوليس اهلڪارن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪڏهن ڪو شهري شڪايت کڻي پريس ڪلب اچي ٿو يا احتجاج ڪري ٿو ته ان واقعي کي رپورٽ ڪرڻ صحافي جو حق ۽ فرض آهي، ته هڪ پوليس اهلڪار مبينا طور ڪاوڙجي ويو ۽ فائرنگ ڪئي.
فائرنگ ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پر هن مبينا فائرنگ جا گولين جا خول گڏ ڪري پريس ڪلب پهچي معاملو صحافتي برادريءَ سامهون رکيو. مرزا پور سميت شڪارپور جي مختلف تعلقن ۽ علائقن جي صحافين پاران واقعي جي مذمت پڻ سامهون آئي آھي .
اهو معاملو اڃا صحافتي حلقن جي ذهنن ۾ موجود هو ته شڪارپور شهر جي صحافي عابد حسين سولنگي ۽ جان محمد سولنگي سان ڳوٺ وڏا ماڇي لنڪ روڊ وٽ هٿياربندن ھٿان هٿيارن جي زور تي ڦر جو واقعو پڻ سامهن آيو جنھن ۾ ٻنهي کي يرغمال بڻائي سندن موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري جوابدار فرار ٿي ويا.
ٻنهي واقعن جي نوعيت هڪجهڙي ناهي. پر ٻنهي واقعن کي گڏ رکي ڏسڻ سان هڪ بنيادي سوال ضرور اڀري ٿو:
ڇا اسان جي سماج ۾ صحافي پنهنجي ڪم دوران محفوظ آهن؟
هي سوال ڪنهن هڪ ڌر کي ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ نه، پر هڪ اهڙي ماحول جي جانچ لاءِ آهي، جنهن ۾ صحافي کي هڪ طرف اختيارين بابت سوال ڪرڻا پون ٿا ۽ ٻئي طرف عام ڏوهارين کان به پنهنجي جان، مال ۽ سامان جي حفاظت جو فڪر رهي ٿو.
عابد حسين سولنگي ڪنهن وڏي بنگلي جو ترجمان ناهي، نه ڪنهن بيوروڪريٽ جي مفادن جو محافظ ۽ نه ئي ڪنهن بااثر شخصيت جي درٻار سان لاڳاپيل صحافي آهي. هو پنهنجي وس آهر ڪيترن ئي سالن کان صحافت ڪندو رهيو آهي. سندس صحافتي مزاج پاپارازي ڪلچر ۽ ييلو جرنلزم کان پري رهيو آهي.
اهڙي صحافت، جيڪا ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ غيرضروري مداخلت بدران عام ماڻهوءَ جي مسئلن، ناانصافين، محرومين ۽ بنيادي حقن کي اجاگر ڪري ٿي، اها ڪنهن به سماج لاءِ اهم آهي. جڏهن اهڙو صحافي پنهنجي ڪم دوران ڪنهن واردات جو نشانو بڻجي ٿو ته ان واقعي کي رڳو ذاتي مالي نقصان سمجهي نظرانداز ڪرڻ سان مسئلو مڪمل طور سمجهڻ ۾ نٿو اچي.

صحافي جو موبائل فون عام شهري جي موبائل فون کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ رابطن سان گڏ خبرن جا ذريعا، تصويرون، وڊيوز، دستاويز ۽ عوامي مسئلن سان لاڳاپيل مواد موجود هوندو آهي. موٽرسائيڪل به ڪيترن ئي صحافين لاءِ روزاني صحافتي ڪم جو بنيادي وسيلو هوندي آهي. تنهن ڪري اهڙين شين جي ڦر سان صحافيءَ جي ذاتي نقصان سان گڏ سندس ڪم جي رفتار ۽ عوام سان رابطي جو هڪ اهم ذريعو پڻ متاثر ٿي ٿو.
پر ساڳئي وقت مرزا پور وارو واقعو اسان کي صحافتي ڪم جي هڪ ٻي حساس پاسي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. صحافي جو ڪم سوال ڪرڻ آهي، خبر رپورٽ ڪرڻ آهي ۽ عوامي معاملن کي سامهون آڻڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن شهري جو مسئلو پوليس يا انتظاميا سان آهي ۽ صحافي ان کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ اتي موجود آهي ته صحافي ۽ پوليس وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ به ان جو حل قانون، دليل ۽ اداري واري طريقي سان ٿيڻ گهرجي.
اختلاف کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سان صحافتي آزادي متاثر ٿيندي آهي، جڏهن ته صحافتي ڪم کي ذاتي دشمني يا بي بنياد الزام تراشيءَ ۾ تبديل ڪرڻ سان صحافت جو اعتماد متاثر ٿيندو آهي. ان ڪري ٻنهي پاسن کان قانون، ذميواري ۽ شفافيت ضروري آهن.
قانوني طور پوليس جو ڪم جرم کي روڪڻ، قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي، جڏهن ته صحافي جو ڪم جرم ۽ ناانصافيءَ جي نشاندهي ڪرڻ، عوام تائين معلومات پهچائڻ ۽ اختيارين کان سوال ڪرڻ آهي. ٻنهي جا طريقا مختلف آهن، پر هڪ قانون جي عملداريءَ لاءِ ۽ ٻيو عوامي معلومات ۽ احتساب لاءِ ڪم ڪري ٿو.
انهيءَ ڪري صورتحال کي اهڙي حد تائين نه پهچڻ گهرجي جو پوليس صحافي کي مخالف سمجهي ۽ صحافي پوليس کي پنهنجي جان جو دشمن سمجهڻ لڳي. پوليس کي به تنقيد ۽ سوالن جو جواب قانون، وضاحت ۽ شفافيت سان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته صحافيءَ کي به خبر ۽ راءِ ۾ فرق رکڻ، ذريعن جي تصديق ڪرڻ، الزام کي الزام طور پيش ڪرڻ ۽ متاثر ڌر جو موقف وٺڻ جهڙن بنيادي صحافتي اصولن جي پابندي ڪرڻ گهرجي.
صحافت آزاد هجي، پر بي بنياد نه؛ بيباڪ هجي، پر غيرذميوار نه؛ تنقيدي هجي، پر ذاتي انتقام جو ذريعو نه بڻجي.
ساڳئي طرح پوليس ۽ انتظامي ادارن کان به اهو ئي اخلاقي ۽ قانوني معيار گهربل آهي ته اهي تنقيد کي ذاتي دشمني نه سمجهن، سوال کي دشمنائي نه سمجهن ۽ خبر جو جواب طاقت بدران دليل، قانون ۽ شفافيت سان ڏين.
هن سڄي صورتحال ۾ صحافتي برادريءَ جو ڪردار به انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن مرزا پور ۾ ڪنهن صحافي طرفان مبينا فائرنگ جو الزام سامهون اچي ۽ ان جي شفاف تحقيق جو مطالبو نه ڪيو وڃي، يا وڏا ماڇي لنڪ روڊ تي صحافي کان هٿيارن جي زور تي ڦر ٿئي ۽ ان کي رڳو عام ڦر چئي وساري ڇڏجي، ته ٻنهي صورتن ۾ صحافتي تحفظ بابت بنيادي سوال سوال ئي رھندو
جيڪڏهن صحافيءَ جي غلطي ثابت ٿئي ته قانون ۽ اخلاقي اصولن مطابق ان کي به قبول ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن پوليس اهلڪار يا ڪو ٻيو بااثر قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو ذميوار ثابت ٿئي ته ان خلاف به قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اهڙي ئي طريقي سان صحافت جو وقار ۽ قانون جي بالادستي ٻئي محفوظ رهي سگهن ٿا.
عابد حسين سولنگي ۽ جان محمد سولنگي کان ٿيل ڦر ۾ پوليس کي جديد تحقيقاتي ذريعا استعمال ڪرڻ گهرجن. واقعي واري هنڌ جون حالتون، سي سي ٽي وي ڪيمرائون، موبائل ڊيٽا ۽ ٻيا دستياب فني وسيلا استعمال ڪري جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي. جوابدار گرفتار ٿين، قانوني ڪارروائي ٿئي ۽ ڦر ٿيل سامان جي واپسيءَ لاءِ به سنجيده قدم کنيا وڃن.
ساڳئي وقت مرزا پور واري واقعي ۾ آزاد ۽ غيرجانبدار تحقيق ٿيڻ گهرجي. موجود گولين جا خول، واقعي واري هنڌ جا ثبوت، شاهدن جا بيان ۽ ٻيو دستياب مواد جاچ جو حصو بڻايو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار کان قانون جي ڀڃڪڙي ثابت ٿئي ته قانون مطابق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن الزام غلط ثابت ٿئي ته اها حقيقت به عوام سامهون اچڻ گهرجي. ڇو ته شفافيت ڪنهن هڪ ڌر جي دشمن ناهي؛ شفافيت ئي سڀني لاءِ تحفظ آهي.
جيڪڏهن صحافي غلط آهي ته شفاف تحقيق ان کي ظاهر ڪندي، جيڪڏهن پوليس اهلڪار غلط آهي ته شفاف تحقيق ان کي به ظاهر ڪندي، ۽ جيڪڏهن هٿياربندن عام شهرين سان گڏ صحافين کي نشانو بڻايو آهي ته مضبوط پوليس تحقيق انهن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جو رستو کوليندي.
اصل ضرورت الزام وڌائڻ جي نه، حقيقت ڳولھڻ جي آهي.
صحافت جو ڪم ڪنهن کي مجرم بڻائڻ نه، سوال اٿارڻ ۽ حقيقت تائين پهچڻ آهي. پوليس جو ڪم ڪنهن سوال ڪندڙ کي خاموش ڪرائڻ نه، پر قانون جي حفاظت ڪرڻ آهي.
اڄ مرزا پور جو ذوالفقار جوڳي هجي يا وڏا ماڇي لنڪ روڊ تي عابد حسين سولنگي ۽ جان محمد سولنگي، ٻنهي واقعن مان اسان کي هڪ وڏي سماجي حقيقت ڏانهن ڏسڻ گهرجي: جيڪڏهن صحافي محفوظ نه هوندو ته عوام جي ڳالهه به غيرمحفوظ ٿيندي. صحافي جو قلم بندوق جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ناهي. قلم جو ڪم بندوق کڻڻ نه، سوال اٿارڻ آهي. پوليس جو ڪم قلم کي خاموش ڪرائڻ نه، قانون کي مضبوط ڪرڻ آهي. ۽ صحافتي برادريءَ جو ڪم هر صحافي جي هر ڳالهه کي درست قرار ڏيڻ نه، پر هر صحافي جي قانوني حق، تحفظ ۽ شفاف تحقيق جي حق لاءِ آواز بلند ڪرڻ آهي.
تنهن ڪري مرزا پور واري فائرنگ جي واقعي ۽ وڏا ماڇي لنڪ روڊ واري ڦر جي واقعي کي الڳ الڳ واقعا سمجهڻ بدران صحافتي تحفظ جي وسيع پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي معاملن جي شفاف ۽ غيرجانبدار تحقيق ٿيڻ گهرجي، ذميوارن جو تعين ثبوتن جي بنياد تي ڪيو وڃي ۽ قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي.
پوليس کان به اهو مطالبو هجڻ گهرجي ته وڏا ماڇي لنڪ روڊ واري ڦر جي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري صحافين ۽ عام شهرين کي اهو اعتماد ڏياري ته قانون جي نظر ۾ هر شهري جي جان، مال ۽ عزت محفوظ آهي.
۽ صحافتي ادارن کان به اها اميد هجڻن هرجي ته اهي صحافين جي تحفظ بابت رڳو واقعي کان پوءِ مذمتي بيان جاري ڪرڻ تائين محدود نه رهن، پر صحافتي تحفظ، قانوني ڄاڻ، هنگامي رابطن ۽ ادارن سان اثرائتي رابطي جو مستقل نظام جوڙڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪن.
سوال اهو آهي ته ڇا اسان اهڙو سماج ٺاهڻ چاهيون ٿا، جتي صحافي سوال ڪري سگهي، پوليس قانون موجب جواب ڏئي ۽ عام ماڻهو بنا خوف جي پنهنجي ڳالهه عوام تائين پهچائي سگهي؟
جيڪڏهن جواب ها آهي ته پوءِ صحافتي تحفظ کي رڳو بيانن ۽ مذمتي قراردادن تائين محدود نه رکڻو پوندو؛ ان کي قانون، ادارن، پوليس جي ڪارڪردگي، صحافتي اخلاق ۽ سماجي ذميواريءَ جي عملي نظام جو حصو بڻائڻو پوندو. صحافي محفوظ هوندو ته سوال محفوظ هوندا، سوال محفوظ هوندا ته عوام جي ڳالهه محفوظ هوندي، ۽ عوام جي ڳالهه محفوظ هوندي ته سماج ۾ احتساب ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو رستو به کليل رھندو.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



