Editor's pickMain Slideڪالم

لِساني تنظيم پاران سنڌ ۾ ٽڪراءَ، ڇڪتاڻ ۽ جهيڙن جي سازش

جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت، سڃاڻپ ۽ بقا بابت هڪ حساس سياسي ۽ سماجي ماحول موجود هجي، تڏهن ڪراچيءَ ۾ الڳ صوبي جي حمايت ۾ مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. ڇا ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ لاءِ ڪو ٻيو ڏينهن ۽ هنڌ نه ملي سگهيو يا ان اعلان جو مقصد ڄاڻي واڻي اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ آهي، جنهن مان سياسي ٽڪراءَ ۽ بدامنيءَ جا رستا کلي سگهن؟

نسيم بخاري

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان پاران 29 نومبر تي ڪراچيءَ جي شاهراهه فيصل تي نون صوبن جي قيام ۽ ڪراچي صوبي جي حمايت ۾ ريلي ۽ جلسو ڪرڻ جو اعلان، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ماحول ۾ غيرضروري ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.

ايم ڪيو ايم اهڙو وقت چونڊيو آهي، جڏهن جسقم سنڌ جي وحدت ۽ ورهاڱي خلاف ساڳي تاريخ تي ڪراچيءَ ۾ ريليءَ جو پروگرام رکي چڪي آهي. اهڙي حساس ماحول ۾ ان اعلان پُٺيان ڪا چڱي نيت نظر نٿي اچي.

ايم ڪيو ايم کي جيڪڏهن پنهنجي سياسي موقف جي اظهار جو جمهوري حق حاصل آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي به پنهنجي تاريخي وطن جي وحدت ۽ بقا لاءِ آواز اٿارڻ جو مڪمل جمهوري حق حاصل آهي. پر جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت، سڃاڻپ ۽ بقا بابت هڪ حساس سياسي ۽ سماجي ماحول موجود هجي، تڏهن ڪراچيءَ ۾ الڳ صوبي جي حمايت ۾ مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. ڇا ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ لاءِ ڪو ٻيو ڏينهن ۽ هنڌ نه ملي سگهيو؟ يا ان اعلان جو مقصد ڄاڻي واڻي اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ آهي، جنهن مان سياسي ٽڪراءَ ۽ بدامنيءَ جا رستا کلي سگهن؟

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو اهو بيان ته ايم ڪيو ايم کي شاهراهه فيصل تي ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪنهن به پارٽيءَ کي شهر جو امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. هن صورتحال کي سنڌ ۾ ٽڪراءَ، ڇڪتاڻ ۽ جهيڙن جي سازش پڻ قرار ڏنو آهي. پر رڳو بيان ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. سنڌ حڪومت کي عملي طور ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ ڪنهن به اهڙي سرگرميءَ کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻا پوندا، جيڪا شهر جي امن ۽ سياسي هم آهنگيءَ لاءِ خطرو بڻجي سگهي.

سنڌ جي ورهاڱي جو سوال ڪو معمولي انتظامي معاملو ناهي، جنهن کي سياسي ضرورتن تحت اٿاري، وري وساري ڇڏجي. سنڌ هڪ تاريخي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ سياسي وحدت آهي. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ معاشي شهه رڳ آهي. ان جي حيثيت سنڌ کان الڳ ڪري نٿي سگهجي. نون صوبن جي قيام جي نالي ۾ ڪراچي صوبي جو مطالبو دراصل سنڌ جي وحدت بابت هڪ انتهائي حساس ۽ تڪراري بحث کي ٻيهر هوا ڏيڻ آهي. ملڪ جي آئين ۾ صوبن جي حدبندين بابت واضح طريقيڪار موجود آهي، پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪنهن صوبي جي تاريخي وحدت ۽ عوامي خواهشن کي نظرانداز ڪري سياسي مطالبن ذريعي نوان تڪرار پيدا ڪيا وڃن.

هتي هڪ ٻيو اهم پاسو به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڊسمبر ۾ سڄي سنڌ اندر ثقافتي سرگرميون عروج تي هونديون آهن. سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ رڳو ڊسمبر جي مخصوص تاريخ جو انتظار ناهي ڪيو ويندو، پر ان کان اڳ ئي مختلف شهرن، ڳوٺن، تعليمي ادارن، ادبي تنظيمن ۽ سماجي حلقن ۾ ثقافتي پروگرام شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي جنوريءَ تائين مختلف صورتن ۾ جاري رهندا آهن.

ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ثقافتي سرگرميون رڳو تفريح يا رنگن ۽ راڳن جو اظهار ناهن، پر اهي سڄي دنيا کي سنڌ جي وجود، تاريخي سڃاڻپ، وحدت ۽ بقا جو واضح پيغام ڏين ٿيون. انهن سرگرمين وسيلي سنڌي ماڻهو هڪ ٻئي سان محبت، اتحاد، يڪجهتي، خلوص، سنجيدگي ۽ ثابت قدميءَ جو اظهار ڪن ٿا. اهي پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ٻولي، پنهنجي سماج ۽ پنهنجي تهذيب سان محبت جو عملي ثبوت ڏين ٿا.

ڪراچيءَ جون ثقافتي تقريبون خاص اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هي شهر سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ هجڻ سان گڏ مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ قوميتن جو گڏيل مرڪز پڻ آهي. هتي سنڌي ثقافت جو اظهار ڪنهن جي خلاف نفرت جو اعلان ناهي، پر پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ ڌرتيءَ سان وابستگيءَ جو اظهار آهي. اهڙين سرگرمين سان سنڌي سماج ۾ محبت ۽ اتحاد جو جذبو مضبوط ٿئي ٿو ۽ دنيا آڏو اهو پيغام وڃي ٿو ته سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ سان گڏ زندهه ۽ متحرڪ سماج آهي.

اهڙي ماحول ۾ هڪ لساني تنظيم پاران ڪراچيءَ ۾ الڳ صوبي جي حمايت ۾ مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو انتشار ۽ تخريبڪاريءَ جي امڪانن کي وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو مثبت تاثر نٿو ڇڏي. ان فيصلي ۾ مثبت سياسي پهلو نظر اچڻ بدران منفي نتيجن جا خدشا وڌيڪ نمايان آهن. سياست جو مقصد ماڻهن کي ورهائڻ، هڪ ٻئي جي سامهون بيهارڻ ۽ سماجي اعتماد کي ڪمزور ڪرڻ نه، پر اختلافن باوجود گڏ رهڻ جا رستا ڳولڻ هجڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم هجي يا پاڻ کي ترقي پسند ۽ عوام دوست سياست جي دعويدار پيپلز پارٽيءَ جي بي ٽيم طور سڃاڻپ رکندڙ ڪا ٻي سياسي ڌر، انهن جي ماضيءَ ۽ حال جي سياسي ڪردار بابت سنڌ جي عوام وٽ ڪيترائي سوال موجود آهن. انهن جماعتن جي قيام کان وٺي سياسي عروج، اقتدار سان لاڳاپن ۽ موجوده سرگرمين تائين مختلف موقعن تي اهڙا فيصلا، رويا ۽ سياسي عمل سامهون ايندا رهيا آهن، جن سندن دعوائن ۽ عملي ڪردار وچ ۾ تضاد بابت بحث کي جنم ڏنو آهي. مختلف سياسي فورمن، صحافتي رپورٽن ۽ عوامي بحثن ۾ به سندن ڪردار تي سوال اٿندا رهيا آهن. اهڙي پسمنظر ۾ جڏهن سنڌ جي وحدت ۽ ڪراچيءَ جي سياسي حيثيت بابت حساس بحث ٻيهر اٿاريو وڃي ٿو ته انهن جماعتن جي نيت، سياسي حڪمت عملي ۽ عملي ڪردار بابت شڪ شبها وڌيڪ شدت اختيار ڪن ٿا. سياسي جماعتن کي پنهنجي دعوائن جي سچائي رڳو تقريرن سان نه، پر پنهنجي عمل، فيصلن ۽ عوام آڏو جوابدهيءَ سان ثابت ڪرڻي پوندي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو حق حاصل آهي ته هو هر سياسي ڌر کان پڇن ته سندس سياست سنڌ جي وحدت، عوامي مفادن ۽ سماجي امن لاءِ ڪهڙو عملي ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ سياسي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جون ڪوششون اهڙي وقت ٿي رهيون آهن، جڏهن ملڪ اڳ ئي سياسي عدم استحڪام، معاشي بحران ۽ وفاقي توڙي صوبائي سطح تي اعتماد جي کوٽ جو شڪار آهي. جيڪڏهن ڪنهن سياسي ڌر جي سرگرميءَ سبب اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، جنهن سان امن امان جو مسئلو شدت اختيار ڪري ۽ معاملا ڪنهن غيرمعمولي آئيني يا انتظامي بحران ڏانهن وڌن، ته ان جا نقصان رڳو هڪ جماعت يا هڪ سياسي ڌر تائين محدود نه رهندا، پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ کي ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا.

هتي سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ جي ذميواري به غيرمعمولي آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي وحدت بابت ٺهراءَ منظور ڪرائڻ ڪافي ناهي؛ حڪومت کي عملي طور ثابت ڪرڻو پوندو ته اها صوبي جي وحدت، امن ۽ سياسي استحڪام جي تحفظ لاءِ سنجيده آهي. پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي سياسي ۽ حڪومتي طاقت استعمال ڪندي سڀني ڌرين سان ڳالهائڻ، انتظامي سطح تي اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ ۽ ڪنهن به امڪاني ٽڪراءَ کي روڪڻ گهرجي. ساڳئي وقت وفاقي حڪومت کي به سنڌ جي آئيني ۽ تاريخي حيثيت بابت غيرضروري مونجهارا پيدا ڪندڙ بيانن ۽ سياسي سرگرمين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ايم ڪيو ايم کي اڃا وقت آهي ته اها پنهنجي فيصلي جي سياسي، سماجي ۽ تاريخي نتيجن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪري ۽ 29 نومبر واري ريليءَ جي پروگرام تي نظرثاني ڪري. جمهوري سياست ۾ پنهنجي موقف جي اظهار جو حق ضرور آهي، پر ان حق سان گڏ ٻين جي احساسن، تاريخي وابستگين ۽ اجتماعي امن جو احترام ڪرڻ به لازمي آهي.

سنڌ ڪنهن به سياسي جماعت جي ضد، انا يا طاقت جي مظاهري جو ميدان نه بڻجڻ گهرجي. ڪراچيءَ جي امن، سنڌ جي وحدت ۽ مختلف ٻولين ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گڏيل مستقبل کي سياسي مقابلي جي ور چاڙهڻ دانشمندي ناهي. جيڪڏهن هن وقت پيدا ٿيل خدشن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ويو ۽ فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي وئي ته ان جا خطرناڪ نتيجا نه رڳو ايم ڪيو ايم پر مجموعي طور سنڌي سماج، ڪراچيءَ جي رهواسين ۽ پوري ملڪ کي ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا.

اختلاف رکو، پر انتشار نه پکيڙيو؛ سياست ڪريو، پر سنڌ جي امن ۽ وحدت کي داءَ تي نه لڳايو.

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button