سنڌي ادب: اُڏار کان رهجي ويل آس (آزاد نظم)
شاعر: ساڀيان سانگي
شاعر ۽ ليکڪ ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن. ھتي سندس ٽي آزاد نظم پڙھندڙن لاءِ پيش آھن.

اُڏار کان رهجي ويل آس
-تون اچين جي ته ساعتون ٻھڪن
تون جَي مرڪين سُڳنڌڙيون مھڪن
ماٺ تنھنجي آ ساھ مٺ ۾ ڄڻ
پر جي ٻولين ته بلبلون چھڪن.
تون ته ميلن جو مور آن راڻا!
مان ڊنل ڊيل هان پهاڙن جي
وقت جا پر ڇڻي ويا مون مان
هاڻ مون ۾ اڏار ناهي ڪا
انتظارن جي ڇپ آ جيون
آس تنھنجي صدين کان ساھن ۾
اڄ به آليون اکيون ھي راھن ۾
ديد تنھنجي رڳو ئي سارن ٿيون
پير تنهنجا پيون پڪارن ٿيون
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
توسان ئي بس واڳي آهيان
دل ٿي چئي چپ چاپ رھان
گونگائپ جو ويس ڍَڪي
راھ به ڪنھن جي ڪين تڪيان
نيڻن کان ھر ديد کسي
دل ٿي چئي نابين ھجان.
لھجو ڪنھن جو ڪين ڏنگي
ڪن ۾ ڪو شيھو اوتيان.
من- مُڙھيءَ مَروڙي ڏئي
ويسر جي ھڪ ڳنڍ ٻڌان.
ساھئون سڀ ڪا سار پَٽَي
جيڪر تن جي تند ڇنان.
انڌي ٻوڙي گونگي رنگ جي
تن من تي چادر چاڙھيان
دل ٿي چئي چپ چاپ رھان
مردي جھڙو جيءُ ٿيان
ها پر تنهنجي سار او سائين
سارا رنگ سهيڙي ٿي ۽
سارا ڏنگ به ٺاري ٿي جو
تون ئي منهنجي وصل ڪهاڻي
تون ئي منهنجو هجر جو الڪو
توسان مان جو واڳي آهيان
تنهنجي ورھ وڍي آهيان پر
ڪيڏي هاڻ سڀاڳي آهيان
توسان ئي بس واڳي آهيان۔
………..
ڌرتيءَ جا ناسور
لفظ
منھن مٿو
پٽي پٽي،
ٿڪجي،
ساڻا ٿي،
ماٺيڪا ٿي ويا،
پر
مون
هنن کي ڪاغذن جي هانءَ تي نه پيٽيو,
نه ته
هر اک
هڪ ٻرندڙ آڙاهه ٿي پوي ها
۽
هر دل
ڳوڙهن جي ڪنهن اٿاه سمنڊ ۾
غرق ٿي وڃي ها!
…………..
_________

ساڀيان سانگي



