Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

جلال چانڊيو: عوامي موسيقيءَ جو بي تاج بادشاهه، محبت، مزاحمت ۽ احساسن جو ترجمان

جلال چانڊيو رڳو هڪ ڳائڻو نه پر سنڌي عوامي موسيقيءَ جو هڪ مڪمل دور هو، اهڙو دور، جيڪو وقت سان گڏ ختم ته ٿيو، پر وسريو ڪڏهن به ناهي.

هڪ هٿ ۾ سنڌ جو ازلي ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون جهلي جڏهن جلال چانڊيو ڳائيندو هو، تڏهن اهو رڳو ڳائڻ نه هوندو هو، اهو سنڌ جي روح جو اظهار هوندو هو.

مُشتاق ٽانوري

سنڌ جي موسيقي جي اتهاس ۾ جلال چانڊيو رڳو ڳائڻو نه، پر سنڌ جي ٻهراڙيءَ، محبت، مزاحمت ۽ عوامي احساسن جو ترجمان هو. سندس آواز ۾ نه فقط سُر هئا، پر ڌرتيءَ جي خوشبو، ماڻهن جو ڏک، عشق جي تڙپ ۽ سچ جي جرئت شامل هئي. جڏهن اسٽيج تي قدآور جسم، ڀريل بت، ويڪري سهڻي چهري تي ڪارا ڀنڀور ۽ وڏا شهپر کڻي، مٿي تي هيرن سان جڙيل سنڌي ٽوپي سجايو، ڳچيءَ ۾ سوني زنجير جي چمڪ، ٻانهن ۾ ٽڪ ٽڪ وسيلي وقت کي مات ڏيندڙ گهڙي، هڪ هٿ ۾ سنڌ جو ازلي ساز يڪتارو ۽ ٻئي هٿ ۾ چپڙيون جهلي جڏهن جلال چانڊيو ڳائيندو هو، تڏهن اهو رڳو ڳائڻ نه هوندو هو، اهو سنڌ جي روح جو اظهار هوندو هو. سندس آواز جڏهن هوا ۾ تحليل ٿيندو هو ته ماڻهو فقط ٻڌندا نه هئا، پر جهومندا، ساهه کڻندا، روئندا ۽ کلندا هئا. جلال چانڊيو، ٺيٺ سنڌي موسيقيءَ جو اهو راڳي هو، جنهن راڳ کي ماڻهن جي موھ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.

مشهور عوامي راڳي جلال چانڊيو 1948ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦُل ڀرسان ڳوٺ ”هڙپال جي هٽ“ ۾ جنم ورتو. سندس والد حاجي فيض محمد چانڊيو مالوند ماڻهو هو. جلال جو جنم ڪنهن فنڪاري گهراڻي ۾ نه ٿيو، نه ئي کيس رسمي تعليم نصيب ٿي. ننڍپڻ ۾ اسڪول موڪليو ويو، پر ڪتابن کان وڌيڪ سندس دل سُرن ڏانهن مائل هئي. مال چاريندي هو جهونگاريندو رهيو ۽ اهي چراگاهه ئي سندس پهريون موسيقيءَ جو اسڪول بڻيا، جتي هو پنهنجي منهن جهونگاريندو ۽ سُر تخليق ڪندو هو. مائٽن، تعليم ۾ سندس عدم دلچسپي ڏسي، کيس نوان جتوئي ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو، پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. انهيءَ وقت جلال کي عشق جي اهڙي چوٽ لڳي، جو سندس دل ۽ دماغ تي موسيقيءَ جو جُنون سَوار ٿي ويو. شروعات ۾ سندس پيءُ کي پٽ جو ڳائڻ نه وڻيو، پر جڏهن ماڻهن سندس آواز جي واکاڻ ڪئي، تڏهن هوءَ به راضي ٿي ويو. ڦُل ۾ هڪ درگاهه تي لڳندڙ ميلي دوران جلال جڏهن ڳايو، ته ٻڌندڙن کيس هٿون هٿ کنيو. ميلي مان واپس اچڻ کان اڳ ئي سندس والد تائين خبر پهچي وئي ته جلال ڪو عام آواز نه، پر غيرمعمولي ڏات کڻي آيو آهي.

جلال موسيقيءَ جي شروعاتي سکيا سائينداد چانڊيو کان ورتي، پوءِ هُن فقير احسان عليءَ وٽان فيض حاصل ڪيو ۽ آخرڪار صوفي راڳي فقير علي گل مهر وٽ باقاعده تربيت حاصل ڪيائين. فقير علي گل مهر يڪتاري ۽ چپڙيءَ وڄائڻ جو ماهر هو ۽ جلال نه رڳو ڳائڻ پر انهن سازن کي وڄائڻ جو هنر به سکيو. استاد سان گڏ ڳائيندي  1973ع کان استاد جي اجازت سان هن الڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سندس نرالي انداز ماڻهن کي موهي وڌو. هو نه ڪنهن ڳائڻ واري گهراڻي سان لاڳاپيل هو، نه ئي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي روايتي زنجيرن ۾ جڪڙيل، هو ڌرتيءَ جو سڌو سنئون آواز هو. سندس ڳائڻ خالص سنڌي، سادو ۽ سڌو سنئون ماڻهن جي دلين سان ڳنڍيل هو. اُن وقت سنڌ ۾ ميلن دوران ٿيٽر لڳندا هئا، جتي ٽڪيٽ وٺي محفل ٻڌي ويندي هئي. ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائڻن جو راڄ هو ۽ پنجاب جا وڏا نالا به سنڌ ۾ اچي ڳائيندا هئا. پر جلال چانڊيو جي اچڻ سان منظرنامو بدلجي ويو. سندس ڳائڻ انهن غير سنڌي فنڪارن جي مقبوليت کي پوئتي ڇڏي ڏنو. پوءِ شهرت، عزت ۽ دولت جلال جي قدمن ۾ اچي ويون، ۽ هو سنڌي موسيقيءَ جو “بي تاج بادشاهه” سڏجڻ لڳو.گراموفون جي محدود دور کان پوءِ جڏهن آڊيو ڪيسٽون عام ٿيون، تڏهن جلال جو آواز هر گهر، هر هوٽل، هر بس ۽ هر ٽرڪ تائين پهچي ويو. شروعات ۾ ڪيسٽ ڪمپنيون کيس رڪارڊ ڪرڻ کان لنوائينديون رهيون، پر عوام جي محبت کين مجبور ڪري ڇڏيو. جلال چانڊئي 10 هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا،اهڙو رڪارڊ جيڪو اڄ به حيرت ۾ وجهي ٿو. سندس ڪيسٽون اهي به ٻڌندا هئا، جيڪي سنڌي ٻولي پوري طرح سمجهندا به نه هئا. پاڪستان جي چئن صوبن کان وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين، جتي جتي سنڌي رهيا، اتي جلال جو آواز گونجندو رهيو. جلال جي مادري ٻولي سرائيڪي هئي، پر هن سنڌي، بلوچي، براهوئي، اردو ۽ پنجابي ۾ به ڳايو. شاهه لطيف، سچل سرمست، قلندر شهباز ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام سندس آواز ۾ نئون روح ماڻي ويو. اڻ پڙهيل هجڻ باوجود هزارين بيت، ڪافيون، گيت ۽ ڏوهيڙا زباني ياد هئس. هو ڪتاب کولڻ بدران دل جو دفتر کوليندو هو. سندس آواز ۾ لچڪ، سچائي ۽ سادگي هئي، جيڪا سڌي طرح ماڻهن جي دلين تائين پهچندي هئي. سندس ڳائڻ ۾ محبت، حسن، عام زندگي جون شيون ۽ عوامي احساس مرڪزي حيثيت رکندا هئا.

ڏسندي ڏسندي جلال چانڊيو ڳوٺاڻن نوجوانن جي ڌڙڪن بڻجي ويو. شاديون سندس ڏنل تاريخ تي رکبيون هيون ۽ جتي هو ڳائڻ پهچندو هو، اتي غير دعوتي ماڻهن جو سيلاب اچي ويندو هو. جنرل ضياءَ الحق جي آمريت دوران، جڏهن سنڌ سياسي جبر هيٺ هئي، تڏهن جلال پنهنجي ڪلام وسيلي محبت، مزاحمت ۽ ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو پيغام ڏنو. هو سنڌ جو اهو واحد فنڪار هو، جنهن جي حياتيءَ تي زندگيءَ ۾ ئي فلم ٺهي، جنهن ۾ هن پنهنجو ڪردار پاڻ ادا ڪيو ۽ ان تي کيس ايوارڊ پڻ مليو.

جلال چانڊيو نهايت سادو، يار ويس ۽ مهمان نواز انسان هو. پير فقيرن سان وڏي عقيدت رکندو هو ۽ شاهپور جهانيان جي مهدي شاهه کي پنهنجو مرشد مڃيندو هو. کيس ڪيترائي قومي ۽ عوامي اعزاز مليا، جن ۾ سنڌ سرڪار پاران 1999ع ۾ ڏنل ”لطيف ايوارڊ“ نمايان آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين به کيس محفلن لاءِ گهرائي وڏي عزت سان نوازيو.

زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ گُڙدن جي بيماريءَ سان وڙهندي، پاڻ کي ”مريض عشق“ سڏيندو رهيو. 10 جنوري 2001ع تي جلال چانڊيو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم هو، جيڪو سندس عوامي مقبوليت جو ثبوت آهي.

وفات کان پوءِ به جلال چانڊيو هڪ ”برانڊ“  ۽ ثقافتي علامت بڻيل آهي. ڪيترائي فنڪار سندس انداز اختيار ڪري رهيا آهن ۽ سوشل ميڊيا وسيلي سندس آواز نون نسلن تائين پهچي رهيو آهي. جلال چانڊيو رڳو هڪ ڳائڻو نه پر سنڌي عوامي موسيقيءَ جو هڪ مڪمل دور هو، اهڙو دور، جيڪو وقت سان گڏ ختم ته ٿيو، پر وسريو ڪڏهن به ناهي.

_______________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button