Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماڻھو

ابراهيم مُنشي: چڱو چيٽن ۾ ملنداسون …

ابراھيم مُنشيءَ جي شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري، پورهيت ۽ شاگرد رهيا. هن کي جاگيرداري ۽ سرمائيداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي

هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪري سندس تخلص به مُنشي ٿي ويو

مُشتاق ٽانوري

ابراهيم منشي سنڌ جي انهن شاعرن منجهان آهي جنهن کي لاڙ جي پاسي مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري کان وٺي اُفق ۽ آسمان تائين جنهن شيءِ جا جيترا نالا آهن، اهي نه رڳو معلوم هيا پر انهن سمورن نالن ۽ شين کي پنهنجي شعرن ۾ قيد ڪيائين. هو برجستو هو. بهترين هو. ڳوٺاڻو هو. باشعور هو. هن جي پاسي ۾ هڪ هو بُلڙي شاهه ڪريم ته ٻيو هو شاهه عنايت شهيد. مٿان سندس ذات تي ٺيڪيدارشاهيءَ جا عذاب، لازمي آهي ته ڦٽڪن جيئان هرروز مٿس وسندا هوندا. هو انهن سمورن ڏکن کي ڪتاب وانگر پڙهي پنهنجي چوڌاري ماحول ۾ موجود ڏک کي ختم ڪري سگهڻ وارو وڏو شاعر هو.

سنڌ جو ناميارو عوامي شاعر ابراهيم منشي، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان اڳوڻي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق سومرو هو، جيڪو ڪُڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ به هن پنھنجي پٽ کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو ته مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪري سندس لقب به مُنشي ٿي ويو. ابراهيم مُنشي ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس  پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو به ڪافي اثر هو. ابراهيم به شروع ۾ مولود لکيا.  ان بعد رومانوي شاعري ڪيائين ۽ ڪافيون لکيائين.

1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو ڌرتي ، انقلاب، عوام پوءِ سندس شاعري جو محرڪ بڻيا. منشي ابراهيم جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تحريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.  66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي.

سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ 1970ع ۾ ، ٻيو مجموعو ’وڳهه جا وريام‘ 1971ع ۾،  1985ع ۾ سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيا، گوندر ويندا گذري جو  پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي دين ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا‘ 1995ع ڇپيو. ڇهون مجموعو ”اکر اکر کي اک“2006ع ۽ ستون مجموعو ”ڇپر ڇمر ڇانورو“ ڇپجي چڪا آهن. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر قربان چني وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان، ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جي نگرانيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي ڪئي آهي.

سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي،

اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي.

هو، مارشلا هجي يا جمهوري دور، سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ کي. هن فوجي آمرن جي ڏهڪاءَ واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪا نه ڪئي.

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،

هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان

منشي ابراهيم 1972ع  ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پڙهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڊ لڳايو ويو هو. اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿارڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973ع  ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي، جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974ع  ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري کيس  پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان جيل جي سزا ڏني وئي.

نه ٿو جو سنڌ لئه لڙي، نه ٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي

سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،

پڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري

آزاد قوم جيتري آزاد قوم جيتري،

جيڪو سچ انهي کان سڙي ،

سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983ع واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري، پورهيت ۽ شاگرد رهيا. هن کي جاگيرداري ۽ سرمائيداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. سندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

هو زندگيءَ جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه ڀيرا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. 31 جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو ۽ منشي سنڌ جي مٽيءَ سان وڃي مليو. سڄي سنڌ شاهد آهي ته ابراهيم منشي غريب هو، غريب رهيو ۽ غربت ۾ ئي روانو ٿي و يو.

ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون،

سرنهن پيلا جهليندي گُل، انهن کيتن ۾ ملنداسون.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button