Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪُويلي: هندستان جي تاريخ جي پھرين وطن دوست آپگھاتي عورت

جڏهن انگريزن ڪُويليءَ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهيرو ڪيو، تڏهن هن غلاميءَ ۾ جيئڻ بدران آپگھات ڪرڻ پسند ڪيو.

ڪويليءَ اعلان ڪيو ته ”هو وطن لاءِ جيئندي رھي آهي ۽ وطن لاءِ مري ويندي، پر غلاميءَ جي زندگي نه گذاريندي

تامِل ناڊو جي دلير عورت ڪُويلي 7 آڪٽوبر 1780ع جي ڏينهن ڪُويليءَ پنهنجي جسم تي تيل ۽ گيھ لائي پاڻ کي باهه ڏني ۽ برطانوي هٿيارن جي ذخيري کي تباھ ڪرڻ لاءِ  اندر داخل ٿي وئي

مُشتاق ٽانوري

هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪيترن ئي سورمن پنهنجي جان نڇاور ڪئي پر عورتن جي قرباني ۽ بهادريءَ جا مثال به تاريخ ۾ خاص جاءِ والارين ٿا. انهن سورمين ۾ هڪ اهم نالو”ڪُويلي“جو به اچي ٿو، جنهن کي هندستان جي تاريخ جي پھرين وطن دوست آپگھاتي عورت طور ياد ڪيو وڃي ٿو. ڪُويلي برطانوي راڄ جي خلاف جنگ ۾ قومي مقصد لاءِ پاڻ کي باهه ۾ ساڙيو  ۽ دشمن جي هٿيارن کي تباهه ڪيو. پر ڪُويليءَ جي زندگيءَ بابت تاريخي دستاويزن ۾ جيڪو ڪجھ لکيل آھي، اُھو گهڻو ڪري زباني روايتن، لوڪ گيتن ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي.

ڪُويلي ڪير هئي؟ ڪُويلي هڪ عام ڳوٺاڻي عورت هئي، جيڪا اتر هندستان جي ڳوٺاڻين حالتن مان نڪتل هئي. سندس خاندان غريب ضرور هو، پر وطن سان محبت ۽ غلاميءَ کان نفرت سندس رڳ رڳ ۾ شامل هئي. روايتن موجب ڪُويلي شايد  18هين صديءَ ۾ ”تامل ناڊو“ جي ”سيوا گنگاءِ “ علائقي جي ”ڪُدانچَوادي“  ڳوٺ جي هئي. سندس والد جي نالي بابت  عام راءِ آهي ته هو اڪثر طور راڄ جي جاسوسي ۽ اطلاع رسانيءَ ۾ سرگرم هو.  ڪُويلي سماجي پسِ منظر ۾ ممڪن طور دليت برادريءَ سان تعلق رکندڙ هئي  جنهن سبب تاريخدانن جي لکڻين ۾ هوءَ گم ئي رهي. راڻي ويلُو ناچييار ارڙهين صديءَ ۾ ”سِوگنگاءِ“ جي راڄڌياڻي هئي، هوءَ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حملن جو مقابلو ڪري رهي هئي. ڪُويلي راڻيءَ جي وفادار فهمدار بڻجي ڪيترن ئي موقعن تي سندس جان بچائي. روايتي قصن موجب، راڻي ناچييار جي تامل مارشل آرٽ جي استاد ”سلام بام“  هڪ جاسوس ثابت ٿي، اهو ڦاٽ بہ ڪُويليءَ ڦاڙيو. ھُن ان بابت راڻيءَ کي اطلاع ڏنو ۽ راڻيءَ جي سلامتيءَ کي يقيني بڻايو.  ٻئي موقعي تي، جڏهن راڻيءَ تي حملو ٿيوته کيس بچائيندي  ڪُويلي پاڻ زخمي ٿي. اهو واقعي سندس بهادريءَ جو ثبوت آهي. بعد ۾ راڻيءَ ڪُويليءَ کي  پنھنجي عورت فوج جي ڪمانڊر مقرر ڪيو.

جڏهن آزاديءَ واري جنگ کان به اڳ  انگريزن خلاف بغاوت جو دور شروع ٿيو، تڏهن ڪُويلي به انهن عورتن مان هئي، جيڪي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيون. جڏهن هندستان جا سپاهي، زميندار ۽ عام ماڻهو انگريزن خلاف اُٿيا، تڏهن عورتون به پٺتي نه رهيون. ڪويلي بغاوت ڪندڙ سپاهين سان ڳجهو رابطو رکندي کين کاڌ خوراڪ ۽ لِڪڻ لاءِ جاءِ فراهم ڪندي هئي. هوءَ پيغام رسانيءَ ۾ به حصو وٺندي هئي، جيئن آزادي پسندن جو ڳجهو ڪم اڳتي وڌي سگهي.

انگريزن کي بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ سختي ڪرڻي پئي، سو ڪيترائي ڳوٺ تباهه ڪيا ويا. ڪويليءَ کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ انگريز فوج آئي. جڏهن انگريزن کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ گهيرو ڪيو، ۽ خبر ملي ته کيس قيد ڪري سخت تشدد ۽ ذلت جو نشانو بڻايو ويندو، تڏهن هن غلاميءَ ۾ جيئڻ بدران آپگھات ڪرڻ پسند ڪيو. ڪويليءَ کليل دل سان اعلان ڪيو ته ”هو وطن لاءِ جيئندي رھي آهي ۽ وطن لاءِ مري ويندي، پر غلاميءَ جي زندگي نه گذاريندي.“ تاريخي داستانن موجب، 7 آڪٽوبر 1780ع جي ڏينهن ڪُويلي هڪ نهايت بهادري وارو عمل ڪيو. برطانوي هٿيارن جي ذخيري تي حملي لاءِ هن گيھ يا تيل استعمال ڪيو. پنهنجي جسم تي تيل ۽ گيھ لائي هُن پاڻ کي باهه ڏني ۽ هٿيارن جي ذخيري اندر داخل ٿي وئي. ان عمل سان هُن برطانوي هٿيارن کي تباهه ڪيو، جنهن برطانوي فوج ۾ پريشاني پيدا ڪئي ۽ راڻي ۽ سندس فوج کي فائدو پهتو.

ڪُويلي هندستان جي تاريخ جي پھرين اهڙي عورت بڻجي وئي، جنهن وطن دوستيءَ خاطر پنهنجي جان پاڻ ختم ڪئي. ڪويليءَ جو اھو عمل صرف هڪ عورت جي انفرادي قرباني نه هئي، پر اهو هڪ پيغام هو ته هندستاني عورتون به آزاديءَ لاءِ ڪنهن کان گهٽ ناهن. سندس عمل ٻين عورتن کي به جذباتي طور اڀاريو، ۽ عورتن جي ڪردار کي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ وڌيڪ سگھارو بڻايو. ڪويليءَ کي هندستان جي پهرين  وطن دوست آپگھاتي عورت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس عمل ڏيکاريو ته هندستاني عورتون به غلاميءَ جي نظام کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون. سندس نالو اڄ به آزاديءَ جي داستانن ۾ هميشه زنده آهي، جيتوڻيڪ تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس نالو وساريو ويو آهي. تامل ناڊو حڪومت طرفان سيوگنگاءِ ضلعي ۾ ڪُويلي لاءِ يادگار ۽ تمثيلون وغيره تعمير ڪيون ويون آهن.

جيتوڻيڪ ڪُويليءَ جي قرباني جا قصا متاثر ڪندڙ آهن، پر تنقيدي محقق ٻڌائن ٿا ته ان بابت دستاويزي ثبوت محدود آهن، ۽ گهڻو ڪجهه لوڪ روايتن تي ٻڌل آهي.  ٻئي نقطه نظر موجب، ڪُويليءَ جو عمل، عورت جو  پاڻ کي باهه ۾ وجهڻ جو عمل، تاريخ ۾ مختلف ثقافتي، مذهبي يا جنگي پسمنظرن ۾ ڏٺو ويو آهي. اهڙا واقعا عام طور جنهن کي ”جَوهَر“چيو وڃي ٿو، تاريخي طور راجپوت عورتن جي هنگامي خودسوزيءَ جو عمل رهيو آهي. تنهن ڪري، ڪُويليءَ جي واقعن کي صرف قومي آزادي واري جدوجهد سان منسوب ڪرڻ کان اڳ، روايتي سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر، زباني روايتن جي طاقت، ۽ دستاويزي اثاثن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.

تاريخ صرف وڏن راڄائن يا مرداڻي سپاهين جي قربانين تائين محدود ناهي، پر عورتن به اهڙيون قربانيون ڏنيون، جن کي اڪثر اڻ ڏٺو ڪيو ويندو آهي. ڪويليءَ جي زندگي ۽ قرباني هڪ روشن مثال آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي ته آزادي ڪا سستي شئي نه هئي. اهو هزارين سورمين جي رت سان حاصل ٿيندڙ خواب هو. ڪويليءَ جهڙيون بهادر عورتون ئي هندستان جي تاريخ کي سنواريندڙ ڪردارن مان آهن، جن غلاميءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ موت کي ترجيح ڏني. ڪويلي جو نالو هميشه هندستان جي آزاديءَ جي سورمين جي يادگيرين ۾ امر رهندو.

_________________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button