لطيف شناسي: سُر سھڻي _ عورت تي دنيا جي مڙھيل دستور سان بغاوت جو سُر
سُر سُھڻيءَ ۾ عورت وري پاڻ تي دنيا جا زبردستي مڙھيل دستور لاڳو نہ ٿي ڪرڻ ڏي۔ ھو پنھنجي مرضيءَ جي مختيار آھي۔ جڏھن دنيا سندس مرضيءَ جو احترام نہ ٿي ڪري تہ ھوءَ دنيا جي مرضيءَ جو احترام ڇو ڪري؟
سھڻي تہ ھڪ دفعو ٻڏي وئي ھوندي پر لطيف سائين کي ھي master piece لکڻ لاء الائي ڪيترا دفعا پاڻ کي درد جي درياءَ ۾ ٻوڙڻو پيو ھوندو۔
سھڻي اڻٽيھين جي اونداھي رات ۾ ٻڏي ھئي، پر لطيف سائين کيس عشق جي آسمان تي چوڏھينءَ جي چنڊ جيان ھميشہ لاء چمڪائي رکيو آھي۔
ڊاڪٽر خادم منگي
ھونء تہ لطيف سائينءَ جو سموريون سورميون سھڻيون آھن پر ھن سورميءَ جو تہ نالو ئي سھڻي آھي۔ سھڻي ڪنڀارڻ ھئي، غريب خاندان سان تعلق ھيس، جيئن نوري مھاڻي ھئي، سسئي کٽياڻي ھئي ۽ مارئي پنھوارڻ ھئي۔ باقي مومل، ليلان ۽ سورٺ وڏ گهراڻن جون ڇوڪريون ھيون۔ ھنن سڀني سورمين جا جيڪي بہ جوڙيوال male characters آھن، سي سڀ يا تہ بادشاھ آھن يا وری امير ۽ وڏ گهراڻن جا آھن۔ لطيف سائينءَ جي اميرن سان مڙوئي گهٽ لڳندي ھئي ان ڪري بہ امير مردن جي نالن سان سُرن جا نالا نہ لکيا اٿائين۔ ٻيو تہ وري داستانن مان بہ خبر پوي ٿي تہ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن تي وڌيڪ ڏکيو وقت گذريو آھي، وڌيڪ پيڙا مان گذريون آھن، ڀوڳنا جا جبل جهاڳڻ، انتظار جي بٺيءَ مان پچڻ، ليلائڻ جا جتن ڪرڻ، ڏھاڳ جي باھ مان گذرڻ، ھيٺائينءَ سان دل جيتڻ، قيد ڪاٽڻ جھڙا رڪ جا ڪڻا چٻڻ، رات جو لنڊيون لتاڙي درياءُ ترڻ ھي سڀئي غير معمولي ڪم آھن۔ ظاھر آھي جن ايڏو وڏو لوڙيو، ڀوڳيو يا سَٺو آھي، نالو بہ تہ انھن جو ئي ٿيندو۔ ان ڪري ئي لطيف سائين کين پنھنجي ھيڏي وڏي آفاقي فڪر، رسالي جو حصو بڻايو آھي۔

سورمين وارن سُرن تي نالا بہ عورتن جا پيل آھن۔ لطيف سائين پاڻ انھن ادين سان مخاطب ٿيڻ وقت انتھائي محتاط ٿي کين “اديون عبداللطيف چوي” جي لفظن سان مخاطب ٿيو آھي۔
پنھنجي شاعريءَ ۾ سھڻيءَ ۽ موکيءَ جو ذڪر ڪرڻ وقت لطيف سائينءَ وڏي risk کنئي آھي۔ موکي شراب جو وڪرو ڪندڙ عورت آھي ۽ سھڻي ھڪ پرڻيل عورت آھي، نڪاح ٻڌي زال آھي، جيڪا مڙس کي ڇڏي يار سان ملڻ وڃي ٿي۔ سچ پڇو تہ لطيف سائينءَ کي لڳ ڀڳ ٽي سئو سال گذري وڃڻ کانپوءِ، اڄ بہ مون سميت ڪنھن بہ شاعر ۾ ايڏي وڏي ھمت ڪونھي جو اھڙن موضوعن تي لکن۔ اسان جھڙن خوف ۾ ورتل ماڻھن کي شاعري نہ ڪرڻ کپي۔ شاعري ڪنھن يگاني باغيءَ ۽ انقلابيءَ جو ڪم آھي، جيڪو مارئي سينڍ ۾ نہ ڳائي۔
ماڻھن جو بہ عجيب رايو آھي چوندا آھن تہ سھڻي ھڪ پرڻيل عورت ٿي ڪري، مڙس کي ڇڏي يار سان ملڻ ٿي وڃي، ان ڪري کريل آھي۔ لطيف سائينءَ ان عورت تي سُر ڇو لکيو آھي؟ اسان جي پيشرو انور پيرزادي چواڻي جيڪا عورت ڪنھن مرد سان ٺھيل ھوندي آھي، اسين وري ان کي چوندا آھيون تہ ھيءَ فلاڻي سان کريل آھي۔ لطيف سائين سر ڏھر جي ھڪ بيت ۾ ور ۽ کر جو تضاد سمجهائيندي مڙس سان وفادار ھجڻ جي تلقين ڪري ٿو۔
“ور سين وجهي ڪاڻ، کر سين کلڻ پائيين۔
ڀوري منڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تھہ ميڙئين۔“
لطيف سائين جي ٻين سمورن سُرن جون سورميون پنھنجن ورن سان وفادار آھن، پر ھيءَ اڪيلي سورمي آھي جيڪا نڪاح ٻڌي مڙس کي ڇڏي پنھنجي يار سان ملڻ وڃي ٿي۔ اچو تہ ڳوليون تہ ھيڏي وڏي بغاوت جي پويان اصل معاملو ڇا آھي؟
منھنجي خيال ۾ دراصل ھن سُر ۾ بي جوڙ شاديءَ تي جرح ٿيل آھي۔ سھڻيءَ کي زور جي ميندي لائي سندس بي جوڙ شادي ڪرائي وئي۔ سنڌي folk wisdom ۾ آھي تہ زور جي ميندي نہ لڳندي آھي۔ ان ڪري ھنن زال مڙسن جي پاڻ ۾ نہ پوڻي ھئي سو نہ پئي۔ ڏم تہ سھڻيءَ تان اور گهور ويندو ھيو پر ھن مائيءَ جو آرُ ميھار سان ھيو۔ اسين جڏھن ڪنھن کي رت جي ٿيلھي بہ چاڙھيندا آھيون تہ ٻنھي جو Blood group match ڪندا آھيون ۽ mismatch جي ڪري شديد ۽ موتمار reaction ٿيندو آھي۔ ٻيلي ٿورو سوچيو تہ سھي جڏھن سوچن، خيالن ۽ روين ۾ mismatch ٿيندي ھوندي تہ ڪيڏو نہ وڏو reaction ٿيندو ھوندو؟ ان ڪري ذھني ھم آھنگيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ عورت کي پنھنجو ورُ چونڊڻ جو قانوني ۽ اخلاقي حق مليل آھي۔ ڇو تہ اھو سندس ئي اختيار آھي تہ ھو ڪھڙي مرد جو نسل وڌائي۔ نسل وڌائڻ مھل ٻنھي parents جو ھم آھنگ ھجڻ ضروري آهي۔ ڇو تہ اولاد ۾ اڌواڌ حصو ماءُ ۽ پيءُ جو آھي۔ ٽيويھ ڪروموسوم chromosomes ماءُ جا ۽ ٽيويھ ڪروموسوم پيءُ جا ملي وري گڏجي ڇائيتاليھ ڪروموسوم جوڙي نئين جيو Zygote مان، نئون انسان جوڙيندا آھن۔ ان ڪري درست ساٿيءَ جي چونڊ ڪرڻ بنيادي انساني حقن ۾ شامل آھي۔ مٿس زبردستي ڪو بہ فيصلو مڙھڻ جا ڏاڍا اگرا نتيجا نڪرندا آھن۔ power to express جو کيس پورو پورو حق ڏنو وڃي۔ شاديءَ رات پاڙيسرين جون ڪراڙيون سراڙيون، کوڳون ۽ ھچائون سندس ڳاٽي کي ڀڃي ڪنڌ ڌوڻائي ھا نہ ڪرائين۔ اھڙي ھاڪار کي انڪار ئي سمجهيو ويندو۔ ۽ مرد کي انڪار ڪندڙ عورت جي ويجهو ئي نہ وڃڻ کپي۔ راضپي کان سوا عورت کي ھٿ لائڻ وڏن ڏوھن ۾ شامل آھي۔ جيڪڏھن دنيا ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي گڏيل راضپي سان شاديون ٿين تہ بہ جيڪر سماج جا ھزارين مسئلا حل ٿي وڃن۔
سھڻيءَ جي ميھار سان محبت واري شادي love marriage ڪيتري پراڻي آھي، ان جو بيان ھوءَ پنھنجي واتان پاڻ ٿي ڪري۔
“الستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چيائُون،
ميثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪيئن پانھون؟ جو محفُوظان معافُ ٿِيو.”
ھن سُر ۾ عورت وري پاڻ تي دنيا جا زبردستي مڙھيل دستور لاڳو نہ ٿي ڪرڻ ڏي۔ ھو پنھنجي مرضيءَ جي مختيار آھي۔ جڏھن دنيا سندس مرضيءَ جو احترام نہ ٿي ڪري تہ ھوءَ دنيا جي مرضيءَ جو احترام ڇو ڪري؟ عورتن کي انڪار جي طاقت ڏيندڙ لطيف سائين آھي ۽ لطيف سائينءَ کي انڪار جي طاقت ڏيندڙ، سانئڻ سھڻي آھي۔ A Big NO. سھڻي وڏي سائٿ واري آھي، جنھنکي دنيا جي عظيم شاعر پنھنجي سورمي بڻايو آھي۔
ڊاڪٽر جڏھن بيمار جو علاج ڪندا آھن، ايتري قدر جو سندس پير جو بيمارُ نَنھُن بہ ڪڍندا آھن تڏھن بہ کائونس لکت ۾ consent وٺندا آھن۔ ھي تہ سمورو صحتمند جسم ھميشہ لاءِ ڪنھن جي حوالي ڪرڻ جو سوال آھي۔ ڪاڏي بيمار نَنھُن ڪاڏي سمورو صحتمند ۽ باھ جو ٺھيل نوجوان عورت جو جسم، ڇا ان لاء راءِ نہ پڇجي؟ ان ڪري تَنُ ان جي حوالي ڪبو آھي جنھن سان مَنُ لڳي۔
سھڻيءَ جو مَنُ ڏم سان نہ لڳڻو ھيو سو نہ لڳو، ڇو تہ ڏم پاڻيءَ مان ٺھيل ھيو ۽ سھڻي باھہ مان۔ سندس من جي تخت تي اڳ ۾ ئي ميھار ويٺل ھيس۔ جيڪو مٿس حڪمراني ڪري رھيو ھو۔ ان ڪري سھڻي ميھار سان ملاقات ۽ رھاڻ لاء سرگردان ھئي۔ ڏينھن جو ھِن پار ۽ رات جو وري ھُن پار۔ ڏم سان ملي پئي تہ ناپاڪ پئي ٿئي ۽ جڏھن ميھر سان ملي پئي تہ پاڪ پئي ٿئي۔
“ساھڙ ڌاران سھڻي، نسوري ناپاڪ۔
ھو جو کير پيئاڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي۔”
پھريون بيت جنھن سان سُر شروع ٿئي ٿو اھو درياءَ ۽ نينھن جي وھڪرن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ٿيل آھي۔
“وَھَ تِکَ واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن تِکَ نرالي،
جِن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، خِلوَتَ خِيالي،
وارِئين سي والي!، هِنئڙو جِن هَٿِ ڪيو.”
سھڻيءَ جو ھينئڙو ميھار ھٿ ڪيو آھي۔ ان ڪري وھڪري جي تک کي compare پئي ڪري تہ درياءَ جو وھڪرو تکو ۽ تيز آھي يا منھنجي نينھن جو؟ ڇو تہ جيڪو وڌيڪ تکو ھوندو اھو گهٽ تکي کي لوڙھي کڻي ويندو۔ سھڻيءَ جي نينھن جي نہ صرف تک وڌيڪ آھي پر سندس عشق جو خيال سمنڊ کان بہ وڌيڪ اونھو آھي۔ درياءَ ۾ صرف تيزي آھي۔ سُھڻيءَ ۾ تيزيءَ سان گڏ اونھائي/گھرائي بہ آھي۔
“واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَھُ اڳي ٿيو،
گهَرِ ويٺيون گهڻا ڪريو، سَرَتيُون! سڱ سنوان،
صُورت جا ساهَڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،
هُوندَ نہ پَليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.“
وريتيون، سرتيون، ساھڙيون، ھڪ جيڏيون سھڻيءَ کي سمجهائن ٿيون پر ھيءَ جواب پئي ڏي تہ۔
“ساهَڙ مُون جيئن سَرَتِيُون! جي ڏِسو سَڀيئِي،
ته سُمَھو ڪِينَ سُکِ ٿِي، پاسو وَرَ ڏيئِي،
مونھان اڳي ئي، گِهڙو سَڀِ گَهڙا کَڻِي.”
جڏھن اھي کيس سمجهائن ٿيون تہ ھي ڇا پئي ڪرين؟ ڏاھي ٿيءُ، مُڙُ، جڳ ڇا چوندو؟ تہ وري ٻئي طرف جڳ ڇا چوندو، جھڙي فضول سوال تي لطيف سائين ۽ سندس ڪا بہ سورمي ڪن ڌري، سوچي، يا پنھنجو وقت وڃائي، اھو ممڪن ئي ناھي۔ جڳ جو ڪم وڃي جڳ پاڻ ڪري۔ ھونءَ بہ عشق جي معاملي ۾ جڳ صلاح نہ ڏيندو آھي پر جک ماريندو آھي۔ ان ڪري سھڻي بہ ڪنھنجي صلاح کي ڇو کنگهي۔
سڌون ڪندڙ بہ نہ کپن، اھي کپن جيڪي سِر جو سانگو لاھي، خوشي خوشي، مرڪندي گِهڙي پون۔ ھي سِڪ جو سودو آھي، ڪو زور زبردستي ٿوروئي آھي؟
“ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساھڙُ ساھڙُ ڪَن۔
ڪَنين سانگو ساھ جو، ڪي گهوريس ڪيو گِهڙن۔
ساھڙُ سندو تَن، گهاگهائي گِهڙن جي۔”
ھيڏو درياءُ پار ڪرڻ لاء سھڻيءَ کي ضرور ڪا اڻ تڻ ھوندي، ڪا ھورا کورا ھوندي۔ عشق جي اساٽ، تؤنس، ايتري اٿس جو درياءُ ڇا، سمونڊن جو پاڻي بہ ھڪ ئي سرڪ ۾ پيئي وڃي۔
“کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
تَنَ ۾ تَؤنس پِرِينءَ جي، پِيان نہ ڍاپان،
جي سَمُنڊَ مُنھن ڪريان، توءِ سُرِڪيائي نہ ٿئي.”
ان ڪري محبوب سان پرئين پار ملڻ لاء ٽپھريءَ کان ئي تياريءَ ۾ لڳي پئي آھي۔ پکين جي واھيري جي ويل کانپوءِ جيئن ئي سج لٿي جي ٻانگ ٻڌي ٿي ۽ ھئو مئو ٽري ٿو تہ دریاءَ ۾ گِهڙي پوي ٿي۔ پر وڌيڪ مناسب تڏھن لڳي ھا جڏھن سومھڻيءَ جي ٻانگ لکيل ھجي ھا، ڇو تہ سانجهيءَ جي ٻانگ مھل اڃا سوجهرو ھوندو آھي، سؤنچو ھوندو آھي۔ ماڻھو اڃا جاڳندا آھن۔ کاڌي پيتي جي بندوبست ۾ لڳا پيا ھوندا آھن۔ سومھڻي نالي مان ئي ظاھر آھي تہ سمھڻ جي مھل کي چئبو آھي۔ پر ممڪن آھي صديون اڳ ماڻھو سانجهيءَ سان ئي سمھي پوندا ھجن۔ سڄو ڪم سج جي روشنيءَ سان ٿيندو ھجي جيئن پکي ڪندا آھن۔ سج لٿو ناھي، وڻن تي، واھيرن تي، آکيرن ۾ پڳا ناھن۔
”وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچينءَ ٿي ويلا ڪري،
گِهڙي گَهڙو هٿِ ڪري، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،
سيئي ڍونڍي سانگَ، جتي ساهَڙُ سپِريِن.”
پھرين ئي داستان ۾ سھڻيءَ جي موت جو ھيبتناڪ منظر لڱ ئي ڪانڊاري ٿو ڇڏي. ڪيڏو نہ اذيتناڪ موت آھي۔
“گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهي تُهارَ!
ڄَنگَهہ ڄَرڪي واتَ ۾، سِسيءَ کي سيسارَ،
چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙِهيس وارَ،
لکين چُهٽيس لوهِڻيُون، ٿيلھيُون، ٿَرَنئُون ڌارَ،
مِڙِيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُھڻي!“
جڏھن بہ ڌرتيءَ جي وسيلن جي بندر بانٽ ٿيندي آھي تہ سر سھڻيءَ جو مٿيون بيت زبان تي تري ايندو آھي۔
پھريون داستان ڄڻ سڄي سُر جو نچوڙ abstract آھي۔ ھاڻي اڳتي ھر داستان ۾ ڳالھ کي وضاحت سان سمجهايو ويندو۔ درياء، واھڙ، پڪي ۽ ڪچي گهڙي جي تضاد، اورار ۽ پرار جي تضاد، تڙن، گهيڙن، گهاٽن، ٻيلن، مينھين، وڇين، چڙن، گاھن، مڇين، واڳن، سيسرن، ملاحن، ڄارن، تُنبن، سيڻھن، ٻوڙن، ڪنگن، ٻگهن، جي تفصيلي ذڪر کانپوءِ آخر سھڻيءَ جي دردناڪ موت جو ذڪر وري ھڪ دفعو ٻيھر ٿيندو۔ سو اڳتي ھڪ ھڪ لقاءَ ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن جي سُٽ کي سلجهائيندي وڌندا وڃي توڙ پڄندا سين۔
ھاڻي اڳتي داستان reverse ۾ ھلندو۔
شروع ڪيون ٿا درياءَ جي تفصيلي ذڪر سان۔ جيڪو ٻئي داستان ۾ تفصيل سان آيل آھي۔ سھڻيءَ ۽ ميھار جي وچ ۾ ندي آھي۔ ڪِن جو خيال آھي تہ سنڌو ندي/مھراڻ آھي ۽ ڪِن جو خيال آھي تہ چناب ندي آھي۔ بحرحال بھترين ۽ مثالي قصن کي ھرڪو پاڻ سان منسوب ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آھي۔ انڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ ھي قصو ھڪ جيترو ئي مقبول آھي۔ ممڪن آھي يونان ۾ بہ ھھڙو قصو ھجي، مصر جي نيل جي ڪنارن سان، Laten America جي ايمزون جي ڪنارن سان، چين جي ينتو درياءَ جي ڪنارن سان اھڙو ڪو واقعو پيش آيو ھجي، سندن نالا بہ کڻي سھڻي ۽ ميھار ھجن يا ڪي ٻيا۔ پر انھن جي سڄي تاريخ ۾ لطيف جھڙو شاعر نہ آيو آھي جو ھھڙو ماسٽر پيس لکي۔ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول قصو ھير ۽ رانجھي جو آھي۔ سنڌ ۾ مقبول ترين قصو سسئي ۽ پنھونء جو آھي۔ پر سر سھڻي لطيف جي شاعريءَ جي انتھا آھي۔

چناب تي نالو سندس چنڊ جھڙي اجري پاڻيءَ جي ڪري پيو آھي۔ چن معني چنڊ ۽ آب معني پاڻي۔ ھن داستان جي ھيروئن، سھڻي، عورت ذات، اڻ تارو، اورار آھي ۽ ميھار جنھن کي پنجابي ٻوليءَ ۾ ماھيوال چون ٿا سو پرار آھي۔ سھڻي روزانو رات جو ھَئو مَئو ٽرڻ کانپوء، گهڙو/ دِلو کڻي پارِ ويندي ھئي، سياري يا اونھاري جي پرواھ نہ ھئس۔ اوندھ ھجي يا اڪيلائي، مينھن ھجي يا واءُ، نانگ ھجن يا جهنگ جون بلائون، سيسر ھجن يا واڳون، ڪنھن جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئس۔ اصل سِر جو سانگو لاھي پوءِ ئي عشق کي ھٿڙو لاٿو ھئائين۔ نيٺ کيس ايندي يا ويندي گهر ڀاتين ڏسي ورتو ھو۔ لوڪ ٻوڪ آھي۔ پر انھن جا طعنا، تنڪا ۽ مھڻا اصل ڪجهہ بہ پتي تي ئي نہ پوندو ھئس۔ مڙس جا دڙڪا، دھمان، ھبي تبي ڪرڻ، بد شد ڳالھائڻ، وڙھسان وڙھسان ڪرڻ اصل ڪنھن بہ ڳالهہ کي ليکيندی ئي نہ ھئي۔ ڏم سڀ حيلا ھلايا۔ پر پوءِ بہ چڱو ٿيو جو سھڻيءَ کي اڦٽ نہ ماريائين۔ اڦٽ مارڻ سنڌ جي روايت ئي ناھي۔ ڏم سنڌي نالو ٻين ٻولين ۾ ڏم نہ چئي سگهبو۔ ان ڪري ڪاروڪاري ٻين علائقن مان آيل ڪڌي رسم آھي۔ ڇڙوڇڙ رھندڙ ۽ خانہ بدوشن واري زندگي گذاريندڙ، اڻ سڌريل قبيلن وٽان اھا مارا ماري ۽ ڪارو ڪاريء واري رسم، ڏائڻ وانگر سنڌي عورتن جو ھانءُ چٻاڙيندي، ھينئر سنڌ ۾ واسو ڪري، بين الاقوامي طور تي سنڌ جو چھرو داغدار ڪيون ويٺي آھي۔ ھي رسم انھن قبيلن جي آھي جن وٽ جانور انسان کان وڌيڪ قيمتي آھي، ٻنيءَ جو ويسو انساني جذبن کان وڌيڪ بيش بھا آھي۔ اسين تہ سمبارا جي رقص جا متوالا ۽ سوم رس پيئندڙ ابن ڏاڏن forefathers جي خاندان مان پيڙھيائتا پريمي آھيون۔ پر افسوس اڄڪلھ منھنجي ديس جي حدن ۾ ڪَٽُ ھاڻي ڪھاڙيءَ تان الائي ڇو کير جھڙين اڇين اجرين نياڻين جي رت جو ريٽو رنگ سُڪي ئي نہ ٿو۔ ڪونج جھڙين ڳچين جا ڳپل ئي لٿا پيا آھن۔ ڪارين جا الڳ قبرستان ٺھي ويا آھن۔ سنڌ تہ نياڻين سياڻين جي وڏي عزت ڪندڙ ديس ھيو۔ نياڻين جي ميڙ سان ست خون معاف ڪرڻ وارو ڏيھ۔ ان ڪري ڏم کي بہ آفرين آھي، جو زھر جو ڍڪ ڀري ويو۔ اندر جون مُڪان اندر ۾۔ روز ساڳيو ئي لقاءُ ڏسندو رھيو ۽ رت روئيندو رھيو۔ پر سھڻيءَ تي ھٿ نہ کنيائين۔
سھڻيءَ جي نڙانَ، سڙي سڙي آخر ڪوئلو ٿي ھڪ ڏينھن پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪَچو/ڀيلو گهڙو رکي وئي۔ چون ٿا سھڻي پنھنجي نينھن جي نشي ۾ ايترو تہ محو ھئي جو کيس خبر ئي نہ پئي تہ ڪو گهڙو ڪچو/ڀيلو آھي۔ پر اسان جو دوست نذير سومرو چوندو آھي تہ انڌي کي بہ خبر پئجي ويندي آھي تہ گهڙو ڪچو آھي يا پڪو۔ ھن جو تہ روز جو ڪم ھيو۔ پر پوءِ ڀي ڄاڻي واڻي ڀيلو کڻي وئي۔ ان ڪري جو عاشقن لاء موٽڻ مھڻو آھي۔ متان نڙانَ ڍيڪ ڏئي چوي تہ موت کان ڊڄي وئينءَ۔ ڇو تہ سندس امتحان وٺندڙ بہ عورت ھئي، اک ٽيٽ ڪري ڏسندي بہ ھوندس تہ گهڙو کڻي ٿي يا نہ؟ گهڙو کنيائين تہ معنا امتحان ۾ پاس ۽ جي گهڙو نہ کنيائين تہ معنا ناپاس۔ امتحان رکيل ئي اتي ھيو۔ ڀيلو کڻي، درياء ۾ گهڙي، جيئن ئي وچ سير تي پُڳي گهڙو ڀري ويو/ڀَڄي پيو، ان کي تہ ڀرڻو ئي ھيو ۽ اھا کيس گهران ھلڻ مھل ئي خبر ھئي۔ سو نيٺ سھڻي ٻڏي وئي۔
سھڻيءَ سان ٻہ مسئلا وڏا ھئا۔ اڳيان درياءُ ۽ پويان ڏمُ، جيڪو سندس نڪاح ٻَڌو مڙس ھيو، پر سھڻيءَ جي ساڻس پيل نہ ھئي۔
“تڙ تڪڙ تار گهرڻ، ايءُ ڪاڻيارن ڪمُ۔
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏمُ۔
عقل، مت، شرمُ، ٽيئي نينھن نھوڙيا۔”
ان ڪري ڏَم جي ڪنھن بہ ڏوراپي، مھڻي، طعني، تنڪي تي ڪَن نہ ڏيڻو آھي۔ ڀلي ڏينھن ۾ چاليھ دفعا بد شد ڳالھائي، سڀ تکا مٺا جملا چئي، سي سڀ پلئہ پائي، جهوليءَ جهلڻا آھن۔ ورائي چوڻو ناھي۔ سماج جي رسمن جي بندش تہ عقل، مت ۽ شرم وارن تي ئي لازم آھي ني۔ جن پاڻ ئي انھن ٽنھي تان دستبرداريءَ جو اعلان ڪيو ھجي، منھنجو خيال آھي انھن کي سماجي پابندين کان بہ آجو ئي سمجهڻ کپي۔
” ڏم ڏِيھاڻي ڏي، سَندا ميھرَ مِيھڻَا،
جَهليمِ ٿي جهولِيءَ ۾، پَلئـٖہ پايِو سي،
مَرُ جان چالِيهَہ چَئـٖي، سَڱان سُپرِيَنِ جي.“
يا وري
“گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، مَرُ چُور ٿِئي چُوڙو،
”طالِب المَوليٰ مُذکَرُ“، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ مَنَ ۾.”
ھاڻي بدشڪلي، پوڙھي ۽ ڪُوڙي ڏم سان سندس دل ڪيئن لڳي؟ ان جي ڀيٽ ۾ خوبرو نوجوان ۽ ھم عمر، ميھار ئي سندس من ۾ ويٺل آھي۔ ان ڪري دِلو ڀڳو تہ ڀلي صدقي ٿيو، ھونءَ ئي اھو ھڪ اٽڪاءُ hinderance ھيو، اجايو سھارو ھيو، جيڪو وري مھل تي ڪم بہ نہ آیو۔ ھڪڙي گهڙي کي ڇڏيندي تہ ٻئي ھٿ آزاد ٿيندس ني۔ ۽ پوءِ جيترو ٻانھُنِ ۾ ٻَل ھوندس، اوترو ترندي۔ ھونءَ بہ انسان کي پنھنجي ھانوَ جي سوجهري ۽ ٻانھُن جي ٻَل تي ڪو task کڻن کپي۔ ائين ئي ھي گهڙو بہ ٻڏڻ مھل ڪم تہ نہ آیو ني۔ ۽ ٻيو تہ گهڙي ڀڄڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ڳالهہ تہ بھتر ٿي تہ سھڻي ٻنھي پارن جي اچ وڃ کان تہ ڇٽي پئي۔ گهٽ ۾ گهٽ ڏم جي ڏوراپن، ڇڙٻن، دڙڪن ۽ دھمانن کان تہ جند ڇٽس ني۔
“گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ هِنيان!”
ھن سٽ ۾ ھانو کي ترڻ لاءِ چيو ويو آھي۔ ھانوَ سان بہ لفظ ٻڏڻ ۽ ترڻ منسوب آھي۔ ھانءَ جو ترڻ اميد جو ڏس ڏي ٿو ۽ ھانءَ جو ٻڏڻ نااميديءَ جو۔
يا وري ھيءَ سِٽ ڏسو، جيڪا مٿين سٽ جي ڀرجهلو سِٽ آھي
“گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، آسَرَ مَ لاهيج”
آسرو، اميد، ڀرجهلو، آٿت، ھانوَ جون ٿوڻيون آھن۔ بظاھر تہ گهڙي ڀڄڻ کانپوءِ ڪھاڻي ختم ٿيندي نظر اچي ٿي پر ائين ناھي۔ آڻ نہ مڃڻي آھي، ھيڻي نہ ٻولڻي آھي۔ ان ڪري آسرو نہ لاھڻ، اڃا وڌيڪ ھٿ پير ھڻن، دل جي آسري ترڻ، ميھار ڏانھن وڃڻ ۽ ويندو ئي رھڻ جدوجھد جا جتن آھن۔ موت جي منھن ۾ اچڻ کانپوءِ بہ ھيءَ اڃا اڳتي آھي۔ پوئتي نہ ٿي ھٽي، مُڙي نہ ٿي۔ ڇا تہ ڪمال جي سندس commitment آھي! ان عظيم الشان ڪمٽمينٽ جي ڪري ئي تہ سانئڻ سھٹي سڄي جڳ جھان جي عاشقن جي استاد ٿي وئي۔
لطيف سائين توڻي جو سھڻيءَ کي گهڙي کڻڻ کان اڳ ۾ ان جي چڱي طرح پرک جي صلاح ٿو ڏي۔
“پڪو کَڻجِ پاڻَ سين، چڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالِ کي، مُنهن تي موٽائي،”
پر سھڻيءَ کي نينھن جي نشي ۾ نظر ڪٿي پيو اچي؟ سو پڪي جي جاء تي ڪَچو/ڀيلو ھٿ لڳي ويس۔ بس جيڪو آيو سو کنيو۔ ھونءَ ڀي ڪو سھڻي ھن بيوفا دلي جي آسري ٿوروئي ويندي ھئي۔ دل جي طاقت تي ويندي ھئي۔ ڀيلو دلو جيئن ئي پاڻيءَ ۾ پيو تيئن ئي ڀَڄي ڀُري وڃي کئہ ٿيو۔
ڏسو نہ سھڻي وري ڪنھن سان ڪا شڪايت بہ نہ ٿي ڪري۔ ڪنڀر جي، آويءَ جي، ٿانون جي ڪا بہ شڪايت ڪرڻي ناھي۔
“پڪا رَڇَ ڪَنڀارَ جا، پَڪِي نِھائِين،
مون کي تِئائِين، ڀيلو ڀاڱـٖي آئِيو.”
۽ ڀيلو ڀڄي پيو۔
“گهڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئي، وَسِيلا وِيا،
تِنھان پوءِ سُئا، سُھڻيءَ سَڏُ ميھارَ جا.”
ھي ڳالھ بظاھر تہ عقل جي خلاف آھي تہ ڪو مرڻ کانپوءِ بہ ڪنھن جا سڏ ٻُڌي سگهي ٿو۔ وسيلا معني sources of communication۔ ۽ انھن جي غير موجودگيءَ ۾ وری ڪير ٿو ڪنھنجا سڏ ٻڌي سگهي؟ پر سائنس چوي ٿي تہ دل جي بيھجي وڃڻ کانپوءِ بہ دماغ پنج ست منٽ جيئرو رھندو آھي۔ hearing center دماغ ۾ ٿيندو آھي۔ ممڪن آھي ان وقت تائين دماغ جي ٻڌڻ جي صلاحيت برقرار ھجي۔ پر سوال ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا لطيف سائينءَ کي اھا ان دؤر ۾ بہ خبر ھئي تہ ڪو مرڻ کانپوءِ ٻڌي بہ سگهجي ٿو؟ مون لاء تہ اھا حیرت جي ڳالهہ آھي۔ پر جي صدیون اڳ بہ ڪنھن ڏاھي کي اھا سائنسي ڄاڻ ھئي تہ اھا اسان لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي بہ ڳالھ آھي۔
گهڙي جي بيوفائيءَ جي خبر ھجڻ کان پوء تہ لطيف سائين کيس گهڙو تہ ڇا پر پنھنجو پاڻ بہ ساڻ نہ کڻڻ لاء چوي ٿو۔ معني سڀئي ظاھري اپاءَ ترڪ ڪر۔ صرف سچي سِڪ ۽ پَڪي نينھن جي آسري تي گِهڙي پئہ۔ سموري مادي شين جي نفي آھي ۽ غير مادي شين جي آسري ھلڻو آھي۔ ڇو تہ سالم عقل وارو نديءَ ۾ ڇو گهڙندو؟ موت جو خوف کيس گهڙڻ ئي نہ ڏيندو۔ پر جي گهڙندو تہ ترھو، تنبو، سيڻهہ طلب ڪندو ۽ جيڪڏھن اھڙو سمورو جسم جيڪو سوچي سمجهي ۽ مادي شين جي طلب ڪري جڏھن اھو ساڻ ئي نہ ھوندو تہ باقي ڇا بچندو؟ باقي بچندو نج نبار نينھن۔ ۽ نينھن کي ندي نظر ئي نہ ايندي آھي۔ پر کيس ھڪڙي ننڍڙي ڪَسي/نيڙ نظر ايندي۔ مثال طور اسان کي درياءُ جيترو وڏو ۽ ھيبتناڪ نظر اچي ٿو، پکين کي ايڏو وڏو ۽ ھيبتناڪ نظر نہ ٿو اچي۔ پکيءَ جي اک سان ڏسندئو تہ درياءُ صرف ھڪڙي لڪير/ ليڪ نظر ايندو۔ ائين ئي لطيف سائين transformation جو اصول سمجهائي ٿو ۽ اھو ٿو سمجهائي تہ شيون relative ٿينديون آھن۔ absolute دنيا ۾ ڪجهہ بہ ناھي۔ اوھان پنھنجي nerves تي جيترو ڪنھن شيءِ کي طاري ڪندءُ اھا اوترو اڃا وڌيڪ طاري ٿيندي ويندي۔ اوھان پنھنجي اندر ايترو اعتماد پيدا ڪيو جو خوف واري شيءِ جو وجود ئي ختم ٿي وڃي۔
“پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وانءُ،”
جو مطلب بہ اھو آھي۔
لطيف سائين عقل وارن ۽ عشق وارن جو تضاد سمجهائي ٿو۔ عقل وارن کي درياءُ مختلف ٿو نظر اچي ۽ عشق وارن کي الڳ۔
عقل وارن لاء درياءُ اجهو ھيئن آھي، ڪُنن جا ڪڙڪا لڳا پيا آھن، دھشتناڪ درياءَ جي اٿل پٿل الڳ آھي، ھيبتناڪ واڳون وات پٽيون ويٺا آھن، سيسر الڳ سير ۾ لڪيا ويٺا آھن۔ ايڏي وڏي خوفناڪ منظر چٽڻ لاء لطيف سائينءَ ڇا تہ لفظن کان ڪم ورتو آھي، جو سڀ جو سڀ جيئن جو تيئن محسوس ٿئي ٿو۔
“دَهشَتَ دَم دَرياھَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ،
سَڄا ٻيڙا ٻارَ ۾، هَليا هيٺ وڃن،
پُرزو پئدا نہ ٿئي، تَختو منجهان تِنِ،
ڪو جو قَھرُ ڪُنَنِ ۾، ويا ڪينَ وَرَنِ،
اُتي اَڻَ تارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تُون.“
عشق وارن لاء، سڪايلن ۽ سوريتين لاءِ وري درياءُ جو پاڻي تہ مَس پِنيءَ ٻوڙ آھي۔
“ھئي طالِبِ حَقَ جي، توڏي لاڪُون توڙَ،
نہ مَلاحُ نہ مَڪُڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻي پِنيءَ ٻوڙَ، سُھڻيءَ ليکي سِيرَ ۾.“
ھي بيت وري ڪمال جو آھي۔
“گهيڙان ڪَري نہ گهُورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نہ لَھي،
جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، پُورَنِ مٿي پُورَ،
ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، وَهَمَن ِڪي وَهلُورَ،
جنهن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تنھن کي نَدِي ناھ نِگاھَ ۾.“
یار وري ھي بيت تہ ڏسو۔
“جئان گِهڙي تِئان گهيڙُ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
ڏَمَ سين جُسو ظاهِراَ، مَنَ ميھارَ سين ميڙُ،
سا نَدي ڀانئي نيڙُ، جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي.
ھيٺيون بيت وري مٿئين بيت جي extention ھجڻ جي باوجود بہ منفرد آھي۔
”جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
جن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، گهيڙَ نہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جن کي عِشقَ اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانئِينِ وِکَڙي.“
دل چوي ٿي تہ ھن داستان جو ھر ھڪ بيت quote ڪيان۔ ھر بيت باڪمال شاعريءَ جي مٿاھين منزلن کي ڇھي ٿو۔ ھڪ کان ٻيو وڌيڪ بھتر آھي۔ ٻئي کان وري ٽيون! ھھڙي شاعريءَ جي ڪري ئي علامہ آء آء قاضيءَ سر سھڻيءَ کي پنھنجي ترتيب ڏنل رسالي جي آخري سُر طور رکيو آھي۔ سندس خيال مطابق تہ ھي سُر لطيف سائينءَ جي زندگيءَ جي آخري ڏھاڙن جو سُر آھي۔ جڏھن پاڻ شعوري طور maturity جي اتاھين منزلن تي ھئا۔ سچ پڇو تہ ھھڙي شاعريءَ جي تشريح نہ ڪبي آھي۔ ايتري تہ خوبصورت شاعري آھي جو انھن جي تشريح سندس سونھن کي ضربي ڇڏيندي آھي۔
“ڪاري راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيھَين اُونداهي،
چَنڊ نالي ناھ ڪو، دَرِياھَ دَڙَ لائي،
ساهَڙَ ڪارَڻ سُھڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
اِيُ ڪَمُ اِلاهي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرُ گِهڙي؟”
وري ھي منظر تہ ڏسو۔
“سياري سِھَ راتِ ۾، جا گهِڙي وَسندي مِينھَن،
هَلو تہ پُڇُون سُھڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن،
جنهن کي راتو ڏِينھَن، ميھارُ ئي مَنَ ۾.“
لطيف سائين جي فلسفي ۾ عورت عشق جي استاد آھي۔ عشق عورت کان سکڻ کپي۔ عورت عاشق آھي ۽ مرد محبوب۔ ان ڪري تهہ سياري جي رات ۾ ۽ مينهن وسندي، جيڪا سھڻي درياھ ۾ ٿي گِهڙي، ھلو تہ تنھن کان نینھن جا سبق پرايون، سوال جواب ڪيون۔ سھڻيءَ جي يونيورسٽيء ۾ داخلا وٺون۔ سھڻيءَ جي عشق جي موضوع تي حقيقي Ph. D ٿيل آھي، cut paste واري نہ۔ سڀئي عاشق سھڻيءَ کي پنھنجو استاد مڃون۔ ڇو تہ هن کي ئي سچي نينهن جي سُڌ آهي. ان ڪري جو رات ۽ ڏينهن، چوويھ ئي ڪلاڪ، ميهار ئي سندس من ۾ پيو وسي.
“سانوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، هيءَ سَرَهي سِياري،
تَنُ وڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتي ماري، ڪونھي دادُ دَرياھ ۾.“
درياءَ وٽ دادُ ڇو ھجي؟ درياء وٽ Feelings ئي ناھن تہ دادُ وري ڇا جو؟ ٻوڙڻ سندس فطرت آھي ۽ جي نہ ٻوڙي تہ کس درياءُ ڇو چئون؟
اھڙي بيحس درياءَ سان سھڻيءَ جي گفتگو بہ عجيب آھي۔ جيئن سُر سسئئ ۾ سسئي جبل سان ٿي گفتگو ڪري تہ “آڏو ٽڪر ٽر، متان روھَ رتيون ٿئين” تيئن ئي ھتي سُھڻي درياھ سان ٿي گفتگو ڪري۔
“واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو،
سدا سانوَڻَ ڏينهڙَا، هِئن نہ هُونداءِ،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لھي.“
سانوڻيءَ جو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ درياءُ موج ۾ اچي ڪنڌيءَ سان پائيندڙ ٿو پائي، پر سیاري ۾ سُڪي وري ترو ٿو وٺي۔
سھڻي درياءَ کي پاراتا ٿي ڏي۔
“واهُڙَ! وَهين مَ شالَ، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِييٖن،
پَسان تنهنجٖي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ، لِيارَ،
جُہُ تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.”
منھنجي خيال ۾ لطيف سائين درياءَ کي پاراتو نہ ٿو ڏئي سگهي۔ ان کي سُڪي وڃڻ جي بددعا نہ ٿو ڏئي سگهي۔ ھڪ ڇا ڀلي ھزار سھڻيون ٻوڙي پر سڪي وڃڻ جو پاراتو کيس سونھين نہ ٿو۔ سڪي وڃڻ سان لکين ڪروڙين ٻيون سُھڻيون ۽ ٻيا ميھار اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا۔ ان ڪري لطيف سائين ڌرتيءَ جي اڪيلي Source of life کي جيئارڻ ۽ وھندو رھڻ جي دعا تہ ڪري سگهي ٿو اجڙڻ جي بلڪل نہ۔ جيئن ٻين فقيرن جا بيت رسالي ۾ شامل ٿي ويا آھن، ممڪن آھي تيئن ئي ھي بيت بہ شامل ٿي ويو ھوندو۔ ھونءَ ڀي diction ۾ ھيءُ بيت ٻين بيتن جي ڀيٽ ۾ بر ميچي نہ ٿو۔
ھڪ پاسي درياءُ مؤج ۾ آھي، چوي ٿو اڄ نہ وھان تہ وري ڪڏھن وھان۔ تہ وري ٻئي پاسي نينھن بہ پنھنجي اؤج تي آھي۔ چوي ٿو اڄ نہ لھان تہ وري ڪڏھن لھان۔
“اديُون! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ منهنجا چورِيا،
لارُنِ جا لَنوءَ لائي، سا ڪيئن آڇِيان عام؟
لَڳِيَسِ جنھن جي لامَ، سو دلاسا دوس مُنجي.”
ميهار جي مينھين جي گهنڊڻين ۽ ٽلن جي آواز منهنجا مڙيئي انگ لرزش ۾ آندا آهن. چڙي/ٽلي جي اندر وڄندڙ لوھي لار جي آواز جيڪا مون ۾ محبت جي چڻنگ جاڳائي آهي، سا ڀلا عام ماڻهن سان ڪيئن سليان؟ ٽلن تي مختلف وڄت جي ڪري مختلف نالا پيل آھن۔ جيئن ھَڪڙُ، ٻَتڙُ، سرلو ۽ گهنڊ وغيره
“ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي؟
ڪِٿي دُونھي دوستَ جي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟
جنهن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيون.”
گهنڊ مينھن کي ٻڌبو آھي ۽ ٻيا ٽلا ڳئن کي۔ ٽلن جي آواز سان ڀاڳيو سمجهي ويندو آھي تہ منھنجو ڌڻ ٿو اچي۔ سڀ کان وڌيڪ سوکي ۽ ٿيز ھلندڙ ڳئون يا مينھن کي ھي ٽلو ٻڌبو آھي۔ ٽلي واري جانور کي مھڙاري (مھڙ واري/شروعات واري) چئبو آھي، جيڪا سڀني جي اڳواڻي ڪندي آھي۔
سو جنهن جي آسري مان لڳي آهيان، سو سپرين مون کي دلاسا پيو موڪلي۔ چوي ٿو تہ دریاءَ ۾ گهڙي پئہ، مان ويٺو آھيان۔ ڪنھن کان ڪوبہ ڀؤ ڀولو ناھي۔ اھڙي محبوب کي ايتريون دعائون ڏبيون آھن جو پنھنجا ڏينھن بہ جيڪر ان کي لڳن۔
“مري تان مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلَھو مَ ٿئي،
وَڇِنِ جي وَڇارُ جو، وِنگو ٿِئي مَ وار،
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُھنِ ليکي مِھڻو.”
ھتي مھڻي ۽ سينگار جي تضاد کي سمجهايو ويو آھي۔ طعنو چون ٿا ترار کان تکو ٿيندو آھي ۽ گھرا گهاوَ ڏيندو آھي۔ طعني تي خوناريزي ٿيندي آھي، ڪي وري مھڻي تي ماڻھوءَ کي ماري ڇڏيندا آھن۔ پر سھڻِي بہ ڪنھن عجيب مٽيء مان جڙيل آھي۔ طعني، تنڪي ۽ مھڻي کي اصل ليکي ئي نہ ٿي۔ سينگار جو مطلب ان کان پُڇو جنھن جو سينگار اجڙي ويو ھجي، ڏھاڳڻ کٽ جي ٻانھيءَ تي چوڙيون ڀڃي ڇڏيندي آھي، ھار لاھي مَچ ۾ اڇليندي آھي۔ سينڌ سڌي نہ ھوندي اٿس، ڪجل وِسري ويندو اٿس، نہ لَٽي جي نہ ڪَپڙي جي۔ اونڌي کَٽ ڪري سُمھندي آھي۔ صرف سھاڳڻ کي ئي سورنھن سينگار سونھندا آھن۔
سو “ماڻھن ليکي مھڻو” مان مراد آھي تہ ٻيون عورتون ميھار کي، سھڻيءَ جو يار سمجهن ٿيون ۽ يار چئي کيس مھڻا ٿيون ڏين، پر سھڻي ٿي چوين تہ اوھين ڀليل آھيو۔ میھار منھنجو سينگار آھي۔ ميھار سين منھنجو سڱ ازلي ۽ ابدي آھي۔
لطيف سائين جي فڪر موجب صرف اھي ئي ٻڏل يا ٻڏي مئل آھن جيڪي درياءَ ۾ نہ ٿا گِهڙن۔ باقي جيڪي گِهڙن ٿا اھي ڪاميابي ماڻن ٿا، ڪاميابي ڪوشش ڪري پرار پھچڻ ۾ بہ ڪونھي، ڪاميابي صرف اورار کي ڇڏڻ ۾ آھي، رسڪ کڻڻ ۾ آھي، خطرن ۾ پاڻ وجهڻ ۾ آھي، خوف ختم ڪرڻ ۾ آھي۔ جيڪو وڙھندو سو ئي جنگ کٽندو۔ جيڪو وڙھندو نہ اھو تہ بنا جنگ جي ئي ھارائي ويو ني۔ دنيا جي سمورن وڏن ماڻھن وڏيون risks کنيون آھن۔ وڏين challenges کي منھن ڏنو آھي۔ وڏا adventure ڪيا آھن۔
“گِهڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئي،
مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي
ته ميهارُ مليئي، سَنڀُوڙو سِيڻاھَ سين“
جن جا targets عظيم آھن اھي ناڪام نہ ٿيندا آھن. ھر حال ۾ ڪاميابي سندن قدم چمندي۔ ھنن جي ھر وک ڪاميابيءَ ڏانھن آھي۔ دنيا جي ھر شيءَ کين پنھنجي مقصد سان ملائڻ ۾ مصروف ٿي ويندي آھي۔ جر ٿر کان وٺي، وڻ ٽڻ تائين سڀ سندن ساٿي آھن۔ ھڪ جي ڪاميابي سڀني جي گڏيل ڪاميابي آھي۔ ان ڪري اگر ڏوھ آھي تہ بہ سڀني جو ڏوھ آھي۔ ساڳئي ئي ڏوھ جي سزا اگر سوليءَ تي چاڙھڻ آھي تہ پوء سوليءَ تي بہ ڪيترا چاڙھي آخر ڪيترا چاڙھيندءُ؟
“جرِ ٿَرِ تک تنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائي هيڪڙي،
سَڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،
هَمَہَ مَنصُور هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟”
جنھن طرف ميھار آھي پاڻيءَ جي وھڪري جا گڙگاٽ بہ ان طرف آھن۔
“اَکِيون مُنھن ميھارَ ڏي، رکِيُون جن جوڙي،
رِءَ سَنڊَ سَيدُ چئي، تارِ گِهڙَن توڙي،
تنين کي ٻوڙي، سائُر سَگهي ڪِين ڪي.“
يا وري
”جيڏانهن چِتَ چاھُ گهڻو، آرُ بہ اوڏانھِين،
وڃي وَھُ واڪا ڪيو، تکو تيڏانھين،
ميهارُ ملائِين، لَھرنِ مَنجهہ لَطِيفُ چئي.“
روح کي پلڻ جي ڪوشش اجائي آھي، نج ۽ نبار نينھن پلجي تہ ڪونہ ٿو۔ ان ڪري سھڻي چوي ٿي ڀلا کڻي گِهران ني۔ ڀلي جند وڃي تہ وڃي۔ ڇو تہ اھو مون تي فرض آھي۔ جيڪڏھن مون پنھنجي جان بچائي تہ سمورن عاشقن جي گلا ٿي پوندي۔ نينھن جو پوءِ تہ ڪو نالو ئي نہ وٺندو۔
“پليان پَلِيو نہ رهي، نِرتُون نِينھن نِبارُ،
گهِڙان گهورِيو ڄِندُڙو!، اُٿَلَ مُون اَپارُ،
جِنين مَنِ ميھارُ، هَلَڻُ تنِين حَقُ ٿيو.”
ڀلا روز روز جي اچڻ وڃڻ کان ميھار وٽ رھي ڇو نہ ٿي پوي؟ اصل ۾ فراق ۾ جيڪو مزو آھي، تڙپ آھي، ڇڪ آھي، مقناطيسيت آھي، توانائي آھي، جذبو آھي، جولان آھي سو وصال ۾ ناھي۔ وري وري ان ڪري اچي وڃي ٿي جو وري وري سندس نينھن نئون ٿي پوي ٿو۔ ۽ ناحق تہ ڏسو ان وري وري اچڻ وڃڻ ئي کيس ٻوڙيو۔
“وڃان ڪينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چئـٖي رَهي رَهان،
دونھينءَ پاسي دوست جي، ماڳھين پوان مَرِي،
صُورَتَ نہ سُونھن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي،
وِصالان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهہ ڳَرِي،
تيلاهين تَرِي، مُنھن ڳِنيو موٽيو وَڃان.”
ٻڏڻ جو سبب چٽو پيو آھي۔
” ڏينهن گذاري ڏم سان، راتيون ساڻ ميھار۔
وتائين ٻہ پار، تڏھن ٻڏي سھڻي۔”
سھڻيءَ جو ميھار سان عشق ڪيئن ماپجي؟ ڪو اوزار ئي ڪونھي۔
نہ ڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناھِ عِشقَ، پُڄاڻي پاڻَ لَھي.“
سھڻي ڪو صديون ٿوروئي جيئي ھا، مري تہ ھونءَ ڀي وڃي ھا۔ پر ھي جيڪو سندس نالو مشھور ٿيو آھي، اھو بستري تي چڙي چڙي ۽ چيچلائي مرڻ سان کيس ڪٿي ملي ھا؟ ھُن پار روز تري ويندي ھئي اھا ڪا ايڏي اھم ڳالھ ٿوروئي اھي۔ ھُن پار ويندي ويندي اڄ ٻڏي وئي اھا ڳالھ اھم آھي۔ اڄڪلهہ جي اخبار بہ ترڻ جي خبر ٿوروئي لکي ھا۔ اخبار تہ ٻڏڻ جي خبر لکندي آھي۔
“تہ ڪَر ڪيئن سُئِي، جي سِيرَ نہ گِهڙِي سُھڻي،
هِتِ حَياتِيءَ ڏينھڙا، هَڏِهِين ڪانہ هُئِي،
چُڪيءَ تنھن چرِي ڪَئِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي،
سُھڻيءَ کي، سَيدُ چئي وِڌو قُربَ ڪُهِي،
هونھيـن منڌ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِيا.”
ھي بيت بہ گَهڙي کڻي ھلڻ کان ٻڏڻ تائين جي سمورن لقائن جي زبردست عڪاسي ڪري ٿو۔ “ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا” سنڌ ۾ عام چوڻي آھي۔ جڏھن درياءُ گهڻو علائقو پائي ويندو آھي۔ ان کان پوءِ اھو علائقو ايندڙ ٻن ٽن سالن تائين سٺو فصل ڏيندو آھي۔
پر ھت ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا جو مطلب ڪڍڻ کپي تہ وڏي منزل ماڻيائين، مشھور ٿي۔
”گهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو،
منهنجو مَنُ مِيھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھُتو،
گوتي ۾ گوتو، مون کي مُحِبَ مِيھارَ جو۔“
(غوطي ۾ غوطو اصل ۾ ھيئن لکبو آھي پر رسالي ۾ مٿين نموني لکيل آھي۔)
سڄي دنيا چوي ٿي تہ درياءَ سھڻيءَ کي ٻوڙيو، پر لطيف سائين چوي ٿو تہ
”سھسين سائر ٻوڙيون، مُنڌَ ٻوڙيو مھراڻ،
وھُ وڃائيو پاڻ، ھڻي ڪنڌ ڪپن سين.“
ڏکئي وقت ۾ ٻئي ڪنھن جو ٿورو نہ کڻجي۔ توڻي جو ٻڏڻ مھل محبوب ئي توھان ڏي ترھو اڇلي، پر ان کي بہ ھٿ نہ لايو۔ متان سڀاڻي چئن چڱن جي محفل ۾ چئي وجهي تہ تون تہ ٻڏين پئي، اسان توکي اڪاريو آھي۔ مطلب تہ ٻئي جي مدد سان ترڻ کان بھتر آھي تہ ماڻھو ٻڏي وڃي۔
“سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏي! هٿُ مَ لاءِ،
صُباح تو چونداءِ: ”اسان تو اُڪارِيو.“
نيٺ سھڻي ٻڏي وئي۔ لوڪ لکا کئون مڙوئي ميھار بہ تڙ تي بيھي دانھن ڪوڪ ڪري ٿو، لڳي ٿو عشق ۾ اڃا شاگرد ئي آھي، سيکڙاٽ ئي آھي جو تڙ تي بيٺو رڙيون ٿو ڪري۔
“ڪنڌيءَ جهليو ڪانھن، عاشق اڀو آھون ڪري۔
تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي، ٻيلي! منھنجي ٻانھن۔
درياءَ توتي دانھن، آئون ڏيندس ڏينھن قيام جي۔”
لطيف سائين ميھار کي عاشق ٿو چوي۔ پر مونکي ھو عاشقن جي لسٽ ۾ بيھندي ئي نہ ٿو وڻي۔ لڳي ٿو ھي بيت بہ ڀٽائيءَ جي تتبع ۾ ڪنھن فقير جو جوڙيل آھي جيڪو رسالي ۾ شامل ٿي ويو آھي۔
ميھار ملاحن کي ٿو سڏ ڪري۔ پاڻ درياءَ ۾ ٽپو ڇو نہ ٿو ڏي؟ لڳي ٿو عشق وارو ناھي، عقل وارو آھي۔
”اڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري،
اَئون پڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پڻ وِجهو ڄارُ،
گهوريُون ڪارُونڀارُ، مان مِلَنِئُون سُپِرِين۔”
مڙوئي ھڪ اڌ بيت لکي، شاھ سائين 164 ڪري، سندس نالو ايف آء آر مان خارج ڪيو آھي۔ نہ تہ عشق جي عدالت ۾ تہ ھي ھمراھ مک جوابدار آھي۔ اصل سُڪ آھي۔ سڳ سوڌو پڪڙيو ويو آھي۔ چڱو ٿيو جو کيس سھڻيءَ جو لاش بہ نہ مليو۔ درياءَ ۾ جيڪي ترندا آھن اھي ھٿين خالي ھوندا آھن ۽ جيڪي ٻڏندا آھن اھي ڪنھن ٻئي ڪناري تي پھچي ويندا آھن۔ ھي ھمراھ تہ ڪنڌيء تي ڪانھن جهلي آھون پيو ڪري۔ عاشقن جو غصو ميھار تي سدائين رھندو۔ Hollywood وارن Titanic جھاز جي ٻڏڻ واري تاريخي قصي ۾ love story شامل ڪري، جيڪا فلم ٺاھي آھي ان ۾ عورت کي بچايو ويو آھي ۽ مرد کي ٻوڙايو ويو آھي۔ Troy فلم ۾ Hictor ۽ Achillies ٻئي قتل ٿي ويا پر سندن جوڙيوال female characters کي جيءَ دان ڏنو ويو۔ پر سنڌ جي سمورن لوڪ داستانن ۾ عورت کي ئي قرباني ڏيڻي پئي آھي!
حيرت آھي سھڻيءَ جي جنازي کي ڪلھو ڏيڻ وارو ڪو مرد ئي نہ مليو۔ جڏھن فطرت اھو لقاءُ بيٺي ڏٺو پئي تہ پاڻ ھرتو ئي جنبش ۾ اچي وئي۔ ان ڪري فطرت جا سمورا جز گڏجي ھڪ ڪل ۾ تبديل ٿي ويا، جنھن پاڻ پنھنجي سر سھڻيءَ جي جنازي کي ڪلھي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو۔ درياءُ جنھن کيس ٻوڙيو تنھن ئي کيس مرڻ کانپوء تاريو۔ سو ئي سندس کٽولو ٿيو۔ ٻگهن کيس ڪلھو ڏنو۔ ۽ ڪنگ سندس ڪانڌي ٿيا۔ سر ڪارايل ۾ جيڪا لطيف سائين جي ڪنگن ۽ ٻگهن تي ٿورڙي ڪاوڙ ھئي سا ھتي ڪافور ٿي وئي آھي۔ ھڪ عاشق جو جنازو کنيون ٿا وڃن۔ ڪلھي ڪانڌي ٿيا آھن۔ منھنجي دل ٿي چوي تہ کين ڪارايل سر وارا سڀ ڏوھہ کين معاف ڪري ڇڏيان۔
“ڪانڌي ڪنگَ ٿياس، وَهَڻُ جَنازو سُھڻي،
ٻگها جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلھا تن ڏناسِ،
اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.”
۽ ھتي ھن tragic love story جو انت ٿئي ٿو۔
اڳتي لکڻ جي مون ۾ ھمت ئي نہ ٿي ٿئي۔ سھڻي تہ ٻڏي وئي پر ھر عاشق جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا۔ منظر ڌنڌلا ٿي ويا، دماغ مائوف ٿي ويا۔ ان ڪري سڄي ڪائنات جيڪو سندس مرتئي تي تڏو وڇايو آھي اتي مان ۽ منھنجو قلم بہ چُپڙي ڪري، ڪا ڪنڊڙي وٺي تعزيت ڪرڻ لاءِ ويٺا آھيون۔
ھر شيءِ موت جھڙي Black hole ۾ وڃي آخرڪار گم ٿي ويندي۔ پر عاشق، شھيد ۽ شاعر گم ٿي نہ سگهندا آھن۔ سوچيان ٿو سھڻي تہ ھڪ دفعو ٻڏي وئي ھوندي پر لطيف سائين کي ھي master piece لکڻ لاء الائي ڪيترا دفعا پاڻ کي درد جي درياءَ ۾ ٻوڙڻو پيو ھوندو۔ سھڻي اڻٽيھين جي اونداھي رات ۾ ٻڏي ھئي، پر لطيف سائين کيس عشق جي آسمان تي چوڏھينءَ جي چنڊ جيان ھميشہ لاء چمڪائي رکيو آھي۔ کير جي وٽي ۾ پيل گلاب جيان کيس تاري ويو آھي۔
الوداع سھڻي! عاشقن جي اڳواڻ الوداع!
لطيف سائين جا فقير تنبوري تي اڌ رات جو سھڻي ڳائي جڏھن بس ڪندا آھن تہ ٻڌندڙن کي کير جون وٽڙيون ڀري پيئاريندا آھن۔ سھڻي سنڌ جو راڳ آھي۔ سھڻي سنڌ جو ڀاڳ آھي۔ ھي راڳ جنھنکي بعد ۾ ھندستان جي ماروا ٺاٺ ۾ شامل ڪيو ويو آھي۔
ھن سر ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي موجب ڏھ داستان ١١٧ بيت ۽ ٤ وايون آھن
مثال طور ھڪڙي وائي ھتي رکي اٿم۔
منھنجو خيال آھي۔ ھيءَ وائي لطيف سائين جي حياتيءَ جي آخري لکيل وائي آھي۔
“اکيُون پيرَ ڪَري،
وڃجي، وو! وڃجي،
سُپيرِيان جي ڳالهڙي،
ڪنھن سان ڪِينَ ڪَجي،
لِڪائي لوڪَ کان،
ڳُجَهڙي ڳوٺِ نِجي،
مُحَبَتيءَ ميھارَ جو،
سُورُ نہ ڪنھن سَلِجي۔
______________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ، سکر ۾ رھي ٿو.




تمام بهترين لکڻي آهي ڊاڪٽر خادم منگي جن جي