فيض احمد فيض: هڪ حُسن پرور ۽ ترقي پسند انقلابي شاعر
فيض پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ ۾ روح ڦوڪيندڙ ڪميونسٽ خيالن وارو شاعر ھو. فيض جي شاعري اُن دور ۾ اُڀري، جڏهن اردو شاعريءَ ۾ رومانويت پنهنجي اوج تي هئي
مُشتاق ٽانوري
برٽش انڊيا جي شھر ناروال جي ڪالا قادر ڳوٺ ۾ ھڪ سيالڪوٽي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد وڏو ٿي سڀ کان وڏي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي نالي سان اردو شاعريءَ جي آسمان تي چمڪيو. فيض جي ساري دنيا ۾ سڃاڻپ هڪ حسن پرور ۽ ترقي پسند انقلابي شاعر واري آهي. هُو پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ جو روح ڦوڪيندڙ ڪميونسٽ خيالن وارو شاعر ھو. فيض 13-فيبروري 1911ع ۾ افغانستان جي اڳوڻي سفير خان بهادر سلطان محمد خان بيريسٽر ۽ فاطمه جي گھر ۾ جنم ورتو. شاعري سندس شوق هئي، جيڪا هن1927ع ۾ اسڪاچ مشن اسڪول، سيالڪوٽ ۾ ڏهين جماعت کان شروع ڪئي. 1929ع ۾ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان مان ايف اي ڪيائين. هيءَ انهن ماڻهن جي خوشقسمتي هوندي آهي، جن جو شوق ۽ تعليم ساڳيا هوندا آهن ته اردو ادب جي اهم شخصيت فيض احمد فيض جو به اهڙو ئي ڀاڳ هو. هُو ادب ۾ ڊبل ايم اي هو. هُن 1933-34ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان ايم اي انگريزي ادب ۽ عربي ادب ۾ ڪئي هئي. 1935ع ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج، امرتسر ۾ انگريزي ۽ برطانوي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو.

ھن 1936ع ۾ سجاد ظھير ۽ صاحبز ادي محمود الظفر سان ملي انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وڌو. ان ئي دوران فيض لاهور مان نڪرندڙ ادبي مخزن ”ادب لطيف“ جو ايڊيٽر پڻ بڻيو. 1941ع ۾ ھن برطانوي شھري ايلس ڪيٿرين جارج ڪلثوم سان سرينگر ۾ شادي ڪئي. سندن نڪاح شيخ محمد عبدالله پڙھايو ۽ ھنن ھني مون ڪشمير جي مھاراجا ھري سنگھ جي پري محل ۾ ملھايو. ان شاديءَ مان فيض کي 2 ڌيئرٿيون، پهرين ڌيءُ سليمه هاشمي 1943ع ۾ دهليءَ ۽ ٻي منيزه هاشمي 1945ع ۾ شملا ۾ ڄائي.
سندس پهريون شعري مجموعو نقشِ فريادي 1941ع ۾ ڇپيو. فيض جي زندگيءَ ۾ ڪئين عجيب اتفاق ٿيا ۽ انهن مان هڪڙو عجيب اتفاق سندس شاعراڻي مزاج خلاف فوج جي نوڪري هئي. جتي جون 1942ع کان ڊسمبر 1946ع تائين هو رهيو، جيتوڻيڪ کيس ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي سان گڏ فوجي اعزاز ايم بي اي به مليل هو. ليڪن اها نوڪري کيس راس نه آئي، هو شاعري ۽ انقلاب جي رستي تي نڪري پيو، جنهن رستي تي ڪيئي ٻاٻرا ڪنڊا هيا، جن جو سارو درد گيانين جيان ميڙي سيڙي هڪ جاءِ تي جمع ڪندو رهيو. پر ان سور کي پاڻ مٿان طاري ٿيڻ نه ڏنائين، تڏهن ته هو هر امتحان ۾ پار ٿي ويو.
1947ع ۾ استعفي ڏئي لاھور ۾ رھائش اختيار ڪندي پاڪستان ٽائيمز اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ساڳي سال سجاد ظھير، جلال الدين عبدالرحيم ۽ ٻين سان گڏجي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنياد وڌو. 1948 ۾ پاڪستان ۾ ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. سندس پهريون امتحان ”راولپنڊي سازش ڪيس“ هو. 1951ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان آمريڪا جي دوري کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ تي بندش ھڻي ڇڏي جنھن بعد 23 فيبروري 1951 تي ميجر جنرل اڪبر خان جي گهر تي ھڪ ڳجھي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ ٻيا فوجي عملدار ، فيض احمد فيض ۽ سجاد ظھير بہ شريڪ ٿيا. مٿن الزام لڳو تہ ان ميٽنگ ۾ لياقت علي خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو.جنهن تحت فيض کي 9 مارچ 1951ع تي گرفتار ڪري چار سال سرگوڌا، ساھيوال، حيدرآباد، ۽ ڪراچي جيلن ۾ رکيو ويو.
وه بات ان ڪو ناگوار گُزري هي
وه بات ساري فساني مين جس ڪا ذڪر نه ٿا.
فيض احمد فيض 2 اپريل 1955 تي آزاد ٿيو. هي ڪيس جيتوڻيڪ تمام وڏو ڪيس هو، پر هن ٻڙڪ بہ ٻاهر نه ڪڍي. وري ٻيهر کيس 1958ع واري پهرين مارشل لا ۾ گرفتار ڪيو ويو، تڏهن به هُو نرالن انقلابين جيان ڳاٽ اوچو ڪري سُور سهي ويو.
اپنا ڪيا ڪنعان مين رهي يا مصر مين جا آباد هوئي،
فيض نه هم يوسف نه ڪوئي يعقوب جو هم ڪو ياد ڪري.
زندان نامہ جا اڪثر نظم ان عرصي ۾ لکيا ھئائين. 1947ع کان 1958ع تائين ادبي مخزن ”ادب لطيف “ جو ايڊيٽر رهيو. 1959ع ۾ پاڪستان آرٽس ڪائونسل جو سيڪريٽري ٿيو جتي 1962ع تائين ڪم ڪيائين. پوءِ خاندان سميت لنڊن وڃي رهائش اختيار ڪيائين، 1964ع ۾ لنڊن کان واپس ٿي ڪراچيءَ جي عبدالله هارون ڪاليج ۾ پرنسپال مقرر ٿيو. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزارت ثقافت ۽ تعليم ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو.ھُن 1979ع ۾ ملڪ ڇڏي بيروت ۾ رھائش اختيار ڪئي پر 1982ع ۾ لبنان ۾ خانہ جنگي جي ڪري واپس موٽي آيو. فيض دم جي بيماريءَ ۾ ورتل هو، 1984ع ۾ هو لاهور موٽيو ته سندس بيماري وڌي وئي ۽ کيس 18 نومبر 1984ع تي رات جو ميئو اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 20 نومبر 1984ع تي ٻپهريءَ جو سوا هڪ وڳي لاهور جي ميئو اسپتال جي ايسٽ ميڊيڪل وارڊ ۾ وفات ڪري ويو. لاهور جي ماڊل ٽائون، بلاڪ-جي، ۾ مقام فيض سندس آخري آرامگاهه آهي. سندس تصنيفن ۾ نقشِ فريادي، دستِ صبا، زندان نامه، دستِ ته سنگ، سرِ وادي سينا، شامِ شهر ياران، مري دل مري مسافر، ميزان، صليبين مري دريچي مين، متاع لوح و قلم، مه و سالِ آشنائي۽ قرض دوستان ۽ ڪُليات نسخه هاءِ وفا شامل آهن.
مقامِ فيض ڪوئي راھ ۾ جچاهي نهين،
جو ڪوئي يار سي نڪلي تو سوءِ دار چلي.

فيض ترقي پسند تحريڪ جو سڀ کان ڪامياب شاعر سمجهيو وڃي ٿو ۽ ترقي پسند حلقن کان ٻاهر به ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا. فيض جو ادبي سفر رومانوي شاعر طور شروع ٿيو، پوءِ هُن وٽ ترقي پسند شاعري جا موضوع به آيا، پر انهن موضوعن کي به فيض هميشه جمالياتي حسن، فني نفاست ۽ دلڪشي سان بيان ڪيو آهي. فيض جي شاعري اُن دور ۾ اڀري، جڏهن اردو شاعريءَ ۾ رومانويت پنهنجي اوج تي هئي. هو اختر شيراني ۽ حفيظ جالنڌريءَ جي رومانوي شاعريءَ کان متاثر هو، پر سندس لکيل رومانوي اسلوب ڪنهن ٻئي شاعر جي گونج نه هو، بلڪه هڪ نوجوان جي ذاتي تجربن، عشق ۽ جذبات جو اظهار هو. ان ۾ ڪجهه انگريزي رومانوي شاعرن جا اثر به نظر اچن ٿا، جن جو فيض پاڻ به اعتراف ڪيو آهي. ”نقش فريادي“ جو پهريون حصو اهڙين ئي رومانوي نظمن تي ٻڌل آهي. ان ۾ اردو شاعريءَ جي روايتي اُڻت سان گڏوگڏ انگريزي شاعريءَ جي جديد هيئت مان به فيض فائدو ورتو آهي. ڪجهه غزل ۽ قطعا به شامل آهن. مشهور نظم ”مجھ سي پهلي سي محبت ميري محبوب نہ مانگ‘‘ سان مجموعي جي ٻئي حصي جو آغاز ٿئي ٿو، جنهن ۾ اهي موضوع شامل آهن، جيڪي ترقي پسند شاعريءَ ۾ عام هئا، پر بهرحال هن حصي جا ڪجهه نظم عام ترقي پسند شاعريءَ کان الڳ ۽ خاص رنگ رکن ٿا، جهڙوڪ ’’رقيب سي‘‘، ’’تنهائي‘‘، ’’موضوع سُخن‘‘ . فيض بنيادي طور نرم ۽ نازڪ لهجي جو شاعر آهي. هن وٽ خودڪلاميءَ جو هڪ اندروني انداز آهي، جيڪو نرمي ۽ وقار سان ڀريل آهي. فني حسن ۽ جمالياتي قوت فيض کي پنهنجي همعصر شاعرن ۾ بلند مقام ڏنو. انهن همعصرن ۾ ترقي پسند ۽ غير ترقي پسند ٻنهي پاسن جا شاعر شامل آهن. فيض کي اهو خصوصي شرف به حاصل آهي ته هو نظم نگار هجڻ سان گڏ غزل جي صنف تي به ڀرپور دسترس رکندو هو. فارسي ۽ اردو غزل جي ڪلاسيڪي روايت کان آگاهي جي ڪري هو جديد خيالن کي به غزل جي زبان ۾ خوبصورتيءَ سان ادا ڪرڻ ڄاڻندو هو ۽ قديم علامتن کي نون معنائن سان سينگاريندو هو. فيض ترقي پسند تحريڪ جو اهم شاعر هو. هن تحريڪ جي مطابق ادب جو مقصد استحصالي طبقاتي سماج ۾ پيسيل عوام کي باشعور ڪرڻ ۽ سندن حقن جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ هو. جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو مزدورن ۽ هارين جو استحصال ڪري رهيو هو، تنهنڪري ترقي پسند اديبن جو فرض سمجهيو ويندو هو ته هو پنهنجي قلم ذريعي مظلوم عوام کي بيدار ڪن. گهڻا ترقي پسند شاعر مقصد کي فن تي ترجيح ڏيندا هئا، تنهنڪري سندن شاعري جو وڏو حصو جذباتي نعري بازيءَ جهڙو نظر اچي ٿو. سوويت يونين ۽ ان جي اڳواڻن تي لکيل ڪيترائي نظم شاعريءَ کان وڌيڪ سياسي بيان لڳندا هئا. ان پس منظر ۾ فيض کي ترقي پسند تحريڪ جو اهم شاعر ان ڪري سمجهيو وڃي ٿو جو هن فن جي لطافت ۽ جماليات کي به اهميت ڏني. فيض ترقي پسند خيال کي شاعريءَ ۾ بدلائڻ جو هنر ڄاڻندو هو. هو مغربي شاعريءَ جي اسلوب سان گڏوگڏ فارسي ۽ اردو شعري روايت جو گهرو اڀياس رکندو هو. فيض سڌي ۽ سادي تقرير بدران نظم ۾ اهڙو رنگ پيدا ڪندو هو، جيڪو موضوع سان پورو ٺهڪندو هو. ’’دستِ صبا‘‘ ۽ ’’زندان نامہ‘‘ جي شاعري گهڻو ڪري انهن چئن سالن دوران لکي وئي، جڏهن فيض 1951ع ۾ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ قيد هو. ’’دستِ صبا‘‘ ۾ اسيريءَ جا ڪيترا ئي نظم آهن، ’’سياسي ليڊر ڪي نام ‘‘ ۽ ’’صبحِ آزادي اگسٽ 1947ع‘‘. هن مجموعي جا مشهور نظم ”ايراني طلباءَ ڪي نام“ ”نثارمين تيري گليون ڪي“” زندان ڪي ايڪ شام“ ’’زندان ڪي ايڪ صبح‘‘آهن. فيض ’’زندان نامه‘‘ ۾ پنهنجي وطن جي ابتريءَ سان گڏ ٽيئن دنيا جي ملڪن جي عوامي بدحالي، انقلابي تحريڪن ۽ سرمائيدار ملڪن جي استحصالي رويي کي به موضوع بڻايو آهي. هن مجموعي ۾ امن جو پيغام پڻ نمايان آهي. ’’آجائو آفريڪا‘‘، ”هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي“ ”ملاقات“ دريچه“ يادگار آهن. فيض ”دست ته سنگ“ جي شاعري اُن دور ۾ تخليق ڪئي جڏهن هو قيد مان آزاد ٿي آزاد فضا ۾ هو. هن دور ۾ فيض کي ’’لينن پرائز‘‘ به مليو. مجموعي جا ڪيترا ئي نظم رجائيت ۽ اميد سان ڀريل آهن، ڄڻ شاعر کي عوامي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جا اشارا ملي رهيا هجن. ’’پيڪنگ‘‘، ’’سنڪيانگ‘‘، ’’جشن ڪا دن“ ’’شام‘‘، ’’آج بازار مين پابجولان چلو‘‘ ۽ ’’سرِ واديءِ سينا‘‘ ان دور جون اهم تخليقون آهن. 1967ع جي عرب – اسرائيل جنگ جي پس منظر ۾ لکيل ”سرِواديءِ سينا“ جدوجهد جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. ’’دعا‘‘ ۽ ’’غم نه ڪر‘‘ به ان سلسلي سان لاڳاپيل اهم نظم آهن. ”شامِ شهرِ ياران“مجموعي ۾ مختلف نوعيت جو مواد گڏ ڪري هڪ ننڍڙو مجموعو تيار ڪيو ويو آهي، پر هتي فيض جي فني قوت ۾ واضح گهٽتائي محسوس ٿئي ٿي. ساڳي حالت ايندڙ مجموعي ’’ميري دل ميري مُسافر“ ۾ به نظر اچي ٿي. ٻنهي مجموعن ۾ ڪجهه پنجابي شاعري به شامل آهي. آخري مجموعو ’’غُبارِ ايام“به فن ۽ فڪر جي لحاظ کان شان رکي ٿو.
_______________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.



