اچو ته بحث ڪيون: فطرت ڇاهي؟ فطرت سائنس جي نظر ۾
لاتعداد سائنسي تحقيقن باوجود، فطرت بابت دنيا جي مختلف ڏاهن پاران اهم سوالن جا جواب توڙي وضاحتون ناهن ملي سگهيون
قسط 2
حميد منگي

اهڙي فطرتي وايو منڊل کي، ڪجهه سائنسي علم جا ڄاڻو، ڪُل ڪائنات جي هڪڙي گليڪسي (دنيا) ڪوٺين ٿا. اهڙن عالمن مطابق ڪائنات ۾ رڳو هيءَ هڪ دنيا (گليڪسي) ناهي، جنهن ۾ پاڻ رهون پيا، پر اهڙيون ٻيون به ڪئي لکين گليڪسيون وجود رکن ٿيون, جيڪي هڪٻئي کان ايتريون ته پري آهن جو، هڪ گليڪسي کان ڪنهن ٻئي گليڪسيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪڙي انساني حياتيءَ جي سڄي پنڌ جو ٻڙي ڏھائي ٻڙي هڪ يعني (0.01) کان به گهٽ سفر ڪندي ڪندي ختم ٿي سگهي ٿي. هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي ته، سفر جو اهو ڪاٿو موجوده دئور جي هوائي سهوليتن آهر ٻڌايو وڃي ٿو. چوڻ جو مقصد هيءُ آهي ته، ٻين گليڪسين تائين پهچڻ لاءِ هڪ انساني عمر جهڙيون ڪيئي هزارين حياتيون گهربل آهن. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي انسان اڃا وڌيڪ ترقي ڪندي، تيز سوارين جو موجد بڻجي پوي يا اهڙيون دوائون ٺاهي ۽ کائي عمر وڌائي، هو ٻين گليڪسين تائين رسائي حاصل ڪري وڃي، پر في الحال ته ان جا آثار ويجهڙائيءَ ۾ نظر نٿا اچن، پر اهو يقين ضرور آهي ته، انسان اڄ ٻين گليڪسين بابت جيڪي خيال سوچي ۽ خواب ڏسي ٿو، انهن کي هو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن حقيقت جو روپ به ڏئي وٺندو، جو ڪو وقت هئو جڏهن انسان پنهنجن قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ اڏڻ کٽولن جو ذڪر ڪندو هئو، اڳتي هلي انسان انهيءَ خواب کي جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن جي شڪل ڏئي، هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ ترت سفر کي ممڪن بڻايو. ٿي سگهي ٿو ايندڙ دئور جو انسان ڪڏهن به ان کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ تيز رفتار سوارين جو بندوبست ڪري، ٻين گليڪسين جا چڪر لڳائي اچي.
پر جيئن ته، دنيا جي انسانن جي اڪثريت کي اهڙين ٻين گليڪسين بابت هن وقت تائين جي سائنسدانن پاران جيڪي سکڻا حوال پلئه پيا آهن، جن جون ڪي پڪيون پختيون ثابتيون به ناهن ملي سگهيون، (جيڪڏهن ڪجهه سائنسدانن کي ٿوريون ڪي گهڻيون ثابتيون مليون به آهن ته، انهن جو تعداد دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪجهه مخصوص ماڻهن تائين محدود هوندو). مطلب ته اهڙيون ڪجهه ڪمزور ۽ ڪجهه وزندار ثابتيون، اڪثر ماڻهن جي سمجهه ۾ نه اچڻ سبب، انهن گليڪسين بابت ذهنن ۾ کوڙ سارا سوال پئدا ٿين ٿا. جنهن مان ڪجهه سوال هيٺيان هوندا ۽ پڻ ڪجهه انهن کان مختلف به ٿي سگهن ٿا. جن جي جوابن جو اوسيئڙو، هر لکيل پڙهيل ماڻهوءَ کي هلندڙ وقت ۾ به آهي ۽ ايندڙ دئور ۾ به رهندو. بهرحال هي هيٺيان اهي سوال آھن جيڪي فطرتي علم جي طالب علمن جي ذهنن ۾ ڦيراٽيون پائيندا رهندا آھن پر، انهن جي جوابن تائين پهچي ناهن سگهيا. اهي سوال پڙهندڙن جي خدمت ۾ رکجن ٿا.
(سوال:1) جيئن ته اسان واري گليڪسي يعني هن دنيا جو ڪو هڪڙو ماڻهو به، سائنسدانن پاران ڄاڻايل انهن ٻين گليڪيسين مان، ڪنهن به هڪ گليڪسيءَ جو چڪر لڳائي ناهي آيو ۽ پڻ اڃا تائين اها به پڪي پختي ثابتي ناهي ملي سگهي ته، انهن ٻين گليڪسين ۾ ڪهڙي قسم جون مخلوقون رهن ٿيون ۽ پڻ اسان جنهن دنيا ۾ رهون ٿا، ان جي ماڻهن جي مقصد جون ٻيون ڪهڙيون شيون ۽ جنسون انهن گليڪسين ۾ موجود هونديون يا مورڳو ئي پنهنجي گليڪسيءَ ۾ موجود چنڊ سميت ٻين گرهن جيان اهي به سمورين شين کان خالي ئي آهن.
(سوال:2) سائنسدانن جا اهي هڪٻئي کان ڌار ڌار ٽولا توڙي گليڪسين بابت تحقيقن تي ڪم ڪندڙ ترجمان، اهو به واضع نه ٻڌائي سگهيا آهن ته، ٻين گليڪسين ۽ پنهنجي گليڪسيءَ واري آب ۽ هوا ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق آهي؟ (اهو سوال ان ڪري به پئدا ٿئي ٿو، جو اسان واري دنيا جو انسان، جڏهن پنهنجي ئي گليڪسيءَ ۾ موجود چنڊ توڙي ٻين گرهن تي ويو ته، پاڻ سان گڏ ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ۽ کائڻ پيئڻ جون سڀئي شيون کيس کڻڻيون پئجي ويون هيون، جو اتي مڪمل ڀينگ هجڻ سبب، ڪو به انسان رهي ئي نه ٿي سگهيو). مطلب ته جڏهن پنهنجي ئي گليڪسيءَ جي ڪجهه گرهن تي اهڙي صورتحال آهي، ته پوءِ ٻين گليڪسين ۾ پهچندي، هتان جي انسانن کي الائجي ڪهڙين نه خراب حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو؟
(سوال:3) انهيءَ سلسلي ۾ ٽيون سوال اهو به پئدا ٿئي ٿو ته، اسين پنهنجي گليڪسيءَ کان ٻاهر نڪري به سگهنداسين الائجي نه؟
(سوال:4) پنهنجي گليڪسي ۽ ٻين گليڪسين ۾ ٿوري گهڻي ڪا هڪجهڙائي هوندي به يا مورڳو ئي اسان واري گليڪسيءَ جي ڀيٽ ۾ ٻين گليڪسين اندر چرخو ئي ابتڙ هوندو؟ ايئن به ته ٿي سگهي ٿو، اتي ڪا اهڙي مخلوق رهندي هجي، جيڪا اسان کان وڌيڪ طاقتور هجي ۽ اسين اتي پهچڻ سان ئي انهن جو کاڄ بڻجي وڃون يا اتان جي آب ۽ هوا اسان مٿان ناڪاري اثر وجهندڙ هجي ۽ پاڻ اتي ڪجهه گهڙين ۾ ئي مري وڃون.
(سوال:5) جڏهن ته سڀ کان وڏو ۽ اهم سوال اهو به پئدا ٿئي ٿو ته، اسان واري فطرتي دنيا (گليڪسيءَ) جو انسان پنهنجي گليڪسيءَ مان نڪري به وڃي پر، ڪنهن ٻي گليڪسيءَ ۾ داخل به ٿي سگهندو يا نه؟ (هي سوال انهيءَ ڪري به اٿارجي ٿو ته، ڪئي سال اڳ پنهنجي ئي گليڪسيءَ اندر هڪ اهڙي هنڌ جو انڪشاف ٿيل آهي، جنهن کي ”برمودا ٽرائينگل ايريا” چيو وڃي ٿو). ان بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته، ان علائقي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري هر شئي، سيڪنڊن ۾ غائب ٿي وڃي ٿي ۽ سالن صدين کانپوءِ به ان جو ڪو نانءُ نشان نه ٿو ملي. (جيڪڏهن برمودا ٽرائينگل ايريا واري ڳالهه هوائي آهي ته، ان بابت به مضبوط قسم جي تصديق يا ترديد ٿيڻ لازمي آهي).

بهرحال، لاتعداد سائنسي تحقيقن باوجود، فطرت بابت دنيا جي مختلف ڏاهن پاران انهن مٿين ڄاڻايل اهم سوالن جا جواب توڙي وضاحتون ناهن ملي سگهيون. انهيءَ باوجود پاڻ کڻي اهڙن ڏاهن جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين کي اکين تي رکي، انهن تي سئو سيڪڙو يقين ڪيون، پوءِ به پاڻ انهن ڳالهين تي هن ڪتاب ۾ بحث انهيءَ ڪري نه ڪري سگهنداسين، جو مٿين سڀني ڳالهين جون ثابتيون پاڻ جھڙن پوئتي پيل ملڪن جي سادن ماڻهن کي ته ٺهيو پر، ترقي يافته ملڪن جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ناهن ملي سگهيون. انهيءَ ڪري منهنجو محدود عقل, علم ۽ سمورا تجربا، اهو لکڻ تي مجبور ڪن ٿا ته، اهڙي بحث کي پاڻ ايندڙ دئور جو بحث لکندي, ليکيندي ۽ سمجهندي، هن مضمون کان پاسيرو رکندي، في الحال انهيءَ فطرت جو ذڪر ڪريون, جنهن ۾ پاڻ پنهنجن سمورن حواسن سان گهڻو ڪجهه ڏسي، ٻڌي، سمجهي به چڪا آهيون.
جڌهن ته پاڻ وڏي عرصي کان فطرت ۽ ان ۾ موجود مختلف سمورن ساهوارن جي چرپر ۽ غير ساهوارين شين جي اصليتن، خاصيتن، ڪمن ڪارين، خوبين، خامين ۽ ڪارجن کان به ڪي قدر واقف ٿي چڪا آهيون. جڏهن ته فطرت ۾ موجود مختلف جنسن ۽ شين مان به جيڪي اڻ ڳڻيا فائدا وٺي، دنيا ۾ چڱي ڀلي ترقيءَ جا بنياد وجهي چڪا آهيون. انهيءَ ڪري منهنجي سوچ اتي دنگ ڪري بيهي رهي آهي، اڳ ۾ پاڻ پنهنجي گليڪسيءَ (دنيا) بابت بنيادي ڄاڻ حاصل ڪيون، پوءِ ٻين موضوعن يا گليڪسين تي اڳڀرائي ڪندي، پنهنجي اڀري سڀري سمجهه آهر نشاندهيون ۽ سوالن جا وس آهر جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون، جيئن فطرت ۽ ان ۾ موجود شين ۽ جنسن کي سمجهڻ ۾ ڪجهه مدد ملي سگهي. هونئن به پاڻ اهڙي عمل کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ئي، ڪائنات ۾ موجود سائنسدانن يا دنيا جي ڏاهن جي ڏسيل ٻين گليڪيسين بابت خبرن ۽ حالن احوالن کي سمجهڻ لائق ٿي سگهنداسين۔ (ھلندڙ)
_____________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.



