Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

آخري ٻَيڙِي: سنڌي ادب مان ھڪ مختصر ڪھاڻي

شبانہ پنج سال اڳ احمد سان پيار جو پرڻو ڪري محبت ۾ سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو هو پر اُھو ئي شخص پنھنجي ڪمزوريءَ کي لِڪائڻ لاءِ سندس جان جو دشمن بڻجي وڃي ٿو

عزيز ڪنگراڻي

ٽِپهري ڌاري شبانہ سوچن جي آڙاھ ۾ پڄرندي چُلھ ۾ باھ ٻاري مارنگن تي ڪٽلي رکي ٿي. هڪ ڳوٺ کي گئس مليل ڪانه ٻيو بجليءَ جي اکٻُوٽ جو آزار. مٿان وري جُون جو سج لڙندي به ڄڻ ٽانڊا وکيري رهيو هو. سج جا تتل ڪرڻا ڀتين سان ٽڪرائجي اڱڻ ۾ ڄڻ آڳ اوڳاڇي رهيا هئا. چُلھ ۾ دونهين سبب اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳنس ٿا. ساھ ٻُوساٽجندي محسوس ڪري ٿي. اُٻ ۾ سڄي پگهرجي وڃي ٿي. نراڙ ۽ ڳلن تان وهندڙ پگهر ته پوتيءَ جي پلاند سان اُگهيائين پئي پر اندر ۾ سوچن جي ڄَرُ ٺارڻ سندس وس ۾ نه هئي. ڪٽليءَ ۾ ٻڙڪندڙ چانھ وانگر اندر به ڏک جي بٺيءَ ۾ ٻڙڪندي ڀانئي ٿي. سندس گهر وارو احمد فصل جي سار سنڀال لاءِ ويل هو. چانھ تيار ڪري ٻن ڪوپن ۾ اوتي رڌڻي مان نڪري ٿي. چانھ سس کي ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ اچي کٽ تي ويهي ٿي. چانھ پئندي ڄڻ آت ايندا هجنس. ڪوپ سامهون واري جارءَي تي رکي ٻيهر سوچن جي سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳي ٿي.

شبانہ پنج سال اڳ احمد سان پيار جو پرڻو ڪيو هو. احمد جي ڀيڻ عائشہ جيڪا شبانہ جي سهيلي هئي تنهن سان شبانہ جي به دل وندري پئي هئي. عائشہ جي شادي ٿي وئي هئي. شبانہ اُٻاڻڪِي رهڻ لڳي ته سس ساهري جي شفقت ۽ احمد جي پيار سندس اُٻاڻڪائي ۾ ڪمي آندي. احمد ئي ته هن لاءِ سڀ ڪجھ هو. سال کن اڳ احمد جو پيءُ گذاري ويو ته احمد نوڪري نه ملڻ جي ڪري پيءُ جي چار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لڳو هو. احمد جي محبت ۾ به گهٽتائي نه آئي هئي.

شبانہ به احمد جي محبت ۾ سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيو هو. احمد سان شادي لاءِ شبانہ ماءُ پيءُ جي انڪار جي باوجود، زندگي تان هٿ کڻي ضد تان نه لٿي هئي. ڀاءُ کيس مارڻ تي لهي آيو هو پر شبانہ ماءُ پيءُ جي سڪيلڌي ۽ اڪيلي ڌيءُ هئي. ماءُ پيءُ کيس لاڏ ڪوڏ سان نپايو هو. جنهنڪري سندس ماءُ پيءُ  پُٽ آڏو ديوار بڻجي ويا هئا. سمجهائڻ ۽ روڪڻ باوجود جڏهن شبانہ ماءُ پيءُ کي خودڪشي جي ڌمڪي ڏني هئي تڏهن مجبور ٿي ماءُ پيءُ سندس ڳالھ مڃي هئي، پر دلي طرح راضي نه هئا. هميشه لاءِ ساڻس تعلق ٽوڙي چيو هيائون: 

“شادي کان پوءِ سمجھ ته تون اسان لاءِ مري وئينءَ۔ نه تون اسان وٽ ايندينءَ، نه اسين تو وٽ اينداسين۔”

پنجن سالن ۾ ماءُ پيءُ ڏانهس لوڻو به نه ڦيريو هو. ڪڏهن ڪڏهن مائٽن جي سِڪ جو درد برداشت کان ٻاهر ٿي ويندو هوس ته هوءَ اڪيلائي ۾ روئي پوندي هئي ۽ ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪندي هئي. اڄ ماءُ پيءُ جي ياد کان وڌيڪ احمد جا لفظ سندس دل تي پٿر وانگر ڪِري رهيا هئا۔ احمد، جنهن کي هن رُوح سان چاهيو هو، تنهن کيس اڄ صبح ڪاوڙ ۾ چيو هو:

”جيڪا ڳالھ صرف تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي سا جنهن ڏينهن تو ڪنهن کي ٻڌائي، اهو ڏينهن تنهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هوندو.“

شبانہ ڏڪندي کانئس پڇيو هو:

”ڪهڙي ڳالھ؟ ڇا ٻڌائينديس ڪنهن کي؟“

احمد چِڙُ منجهان چيو هوس:

”ڊاڪٽر ۽ رپورٽ واري ڳالھ. ڊاڪٽر غلط آهي، مان ٺيڪ آهيان، تون سَنڍ آهين.“

شبانہ لرزندي چيو هوس:

”احمد! مان سنڍ هجان ها ته ڊاڪٽر  ئي چوي ها. ڊاڪٽر طرفان ڪرايل ٽيسٽ ۽  رپورٽ غلط آهي ته پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ هرج ڪهڙو؟”

اهو ٻڌي احمد جي اکين ۾ رت لهي آيو هو ۽ کيس چيو هيائين:

”غلط آهي ڊاڪٽر! ناهي ضرورت ٻيهر ٽيسٽ جي. مان ٻي شادي ڪندس.“

احمد جا اهي جملا شبانہ تي وڄ وانگر ڪڙڪيا هئا. اهو ٻڌي شبانہ جي اندر ۾ خوف ۽ ڏک جو زوردار طوفان اٿيو هو جنهن ۾ ڪَک جيان اُڏامي ڀٽڪڻ لڳي هئي. درد ۾ ايئن لُڇڻ لڳي هئي جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي. صبح کان وٺي هوءَ انهيءَ سوچ جي اونهي اوڙاھ ۾ غوطا کائي رهي هئي. سس وٽ اها ڳالھ کانئس بي ساخته نڪري وئي هئي. سخت پڇتاءُ ۾ گهيرجي ڀڻڪي ٿي:

”پهريان چئي ها ته چاچيءَ کي نه ٻڌايان ها. ڳالھ ته اڳ ڪري ويٺي هئس. هاڻي چاچيءَ احمد سان ڳالھ ڪئي ته ڇا ٿيندو؟“

ايئن سوچيندي سندس ذهن ۾ ويتر آنڌمانڌ مچي وڃي ٿي. اصل ۾ شبانہ پنهنجي ماءُ پيءُ جي نهايت لاڏلي ۽ سلڇڻي ڌيءَ هئي.  ميٽرڪ تائين پڙهي هئي. پيءُ کيس اسڪول اچڻ وڃڻ لاءِ رڪشا ڪري ڏني هئي. احمد سان سندس ملاقات احمد جي ڀيڻ عائشہ جي ڪري ٿي هئي جيڪا شبانہ سان پڙهندي هئي. احمد عائشہ کي اسڪول ڇڏڻ ۽ وٺڻ ايندو هو. احمد سان ملاقات کانپوءِ سندس دل احمد ڏانهن کسڪي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته موڪل واري ڏينهن احمد سندس واھ ڪناري انتظار ڪندو هو ۽ شبانہ سهيلي سان ملڻ بهاني وٽس ايندي هئي. احمد ۽ شبانہ جي ڳوٺن وچان وڏو وهندڙ واھ آهي. ٻنهي ڳوٺن وچ ۾ انهيءَ واھ. تي پل نه هئڻ سبب هڪ ٻه ٻيڙيون مقرر مهل تي هلن ٿيون.

احمد جي پيار ۾ شبانہ جون ننڊون اڏامي ويون هيون. احمد به کيس دل سان چاهيندو هو. احمد شبانہ جي گهر اچڻ جو اصرار ڪندو هو پر شبانہ کيس روڪيندي هئي. ايئن سندن دلين جي وچ وارا رستا ويجها ٿيندا ويا هئا ۽ پل به پري رهڻ مشڪل بڻجي ويو هو. جڏهن ڳالھ شادي تائين پهتي ۽ شبانہ جا مائٽ راضي نه پئي ٿيا ته احمد ڪورٽ ميريج جي ڳالھ ڪئي پر شبانہ انڪار ڪري ڇڏيو هو.

”شبانہ ڪوڙ ٿي ڳالهائي امان. “احمد جي رڙ سندس ڪنين پوي ٿي ته شبانہ ڇرڪي سوچن جي ڌٻڻ منجهان نڪري ٿي ۽ هراسجي ڪنائي ڀڻڪي ٿي:

“احمد ٻاهران گهر ايندو آهي ته اول مون وٽ ايندو آهي. اڄ چاچيءَ ڏي ويو آهي. چاچيءَ سڏيس ڇا؟”

اوچتو دروازي ڏانهن ڏسي ٿي ته احمد دروازي وٽ بيٺو هو. سندس مُنھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو، اکين ۾ رت لهي آيو هوس. ھُو پسٽل تاڻيندي شبانہ کي مخاطب ٿئي ٿو:

”تو امان کي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو؟ ۽ پرائو ٻار پالڻ جو مشورو ٿي ڏينس؟“

“غلطي ٿي وئي احمد.” شبانہ چوندي ڏَڪڻ لڳي ٿي.

“خاموش!” احمد اُڀ ڦاڙ رڙ ڪئي.

ان مهل کيس لڳي ٿو ته اڄ بچڻ ناممڪن آهي. سندس ذهن ۾ حوصلي ڪر موڙيو ته ناحقي مرڻ کان بچڻ جي ڪوشش بهتر آهي. بنان دير پوري قوت سان سَٽ ڏئي احمد جي تاڻيل ٻانهن کي پڪڙي مٿي اُڇل ڏئي ٿي ته احمد ٿاٻڙجي ٿو.

“ڇا ٿيو آ توکي احمد؟” احمد جي ماءُ احمد وٽ ايندي چوي ٿي.

جيستائين ٿيڙ کائي احمد سنڀالي اُٿيو تيستائين شبانہ هڪدم گهر جي ٻاهرئين دروازي ڏانهن ڊوڙي گهران نڪري چڪي هئي. احمد جي ماءُ احمد کي ڀاڪر وجهي روڪڻ جي ڪندي چوي ٿي:

“ڇا ٿيو آهي توکي؟ اهو صلو ٿو ڏينس سچائي جو!”

احمد پاڻ ڇڏائيندي شبانہ جي ڪڍ ڊوڙي ٿو ۽ ماڻس سندس پويان ايندي چوي ٿي:

“لڄ کي ڳوٺ ۾ تماشو نه بڻاءِ احمد.”

“نه اچ وچ ۾ امان!” احمد چئي بنان دير ٻاهر ڊوڙي ٿو.

ڳوٺ جي ڪچين گهٽين ۾ اڳيان شبانہ ساھ بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڊوڙندي نظر اچي ٿي ۽ پٺيان احمد. ڳوٺ وارا حيرانگي ۾ ڏسن ٿا پر وچ ۾ ڪو به نه آيو. شبانہ ڊوڙندي پٺيان ايندڙ احمد جي قدمن جي آواز کي ويجهو ٿيندي ڀانئي ٿي ته اڃا به تيز ڊوڙي ٿي. واھ ڪناري سهڪندي پهچي ٿي. سندس پٺيان ايندڙ احمد ڄڻ سندس زندگي تي لامارا ڏيندڙ موت جي ڳِجھ! سامهون ڇوليون هڻندڙ واھ جو اوهاڳ پاڻي. سندس اباڻي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ آخري ٻيڙي ڪناري کان پرڀرو ويندي نظر اچيس ٿي.

“بيھ.“

 پُٺيان احمد شبانہ کي ھڪل ڪري سندس نشانو وٺي ٿو. ماڻس پٺيان ويجھو ايندي رڙ ڪري چوي ٿي:

“رب جو واسطو اٿئي احمد.”

شبانہ سڄي سگھ سهيڙي آخري ٻيڙيءَ جي ناکئي کي ٻيڙي بيهارڻ لاءِ سڏي ٿي. ناکئو لوڻو ڦيري ڏسيس ٿو ۽ سج آخري هڏڪِي ڀري رات جي اونداهي پيٽ ۾ گم ٿيڻ لڳي ٿو.

_____________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button