علامه آءِ آءِ قاضي: سنڌ جو عظيم مفڪر ۽ تعليمي ماھر
وڏي علم ۽ فڪرواري انسان پنهنجي زندگي جو آخري دور، فقط سنڌ جي ڀلائي ۽ بهبود خاطر سنڌ يوينيورسٽيءَ کي تعمير ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ته جيئن هيءَ اعليٰ تعليمي درسگاهه اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ڪري جيڪي سڄي ملڪ جي اڳواڻي ڪن ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪن.

پروفيسر مدد علي جھتيال
سنڌ ۾ جيڪي اعليٰ هستيون پيدا ٿيون ۽ جن صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي ترقي لاءِ سوچيو ۽ سنڌ جي خدمت ڪئي تن مان علامه آءِ آءِ قاضي (امداد علي ولد امام علي قاضي) پنهنجي علم، فڪر اخلاق ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، غور ٿو ڪجي ته حيراني ٿي ٿئي ته ڪيڏي نه وڏي هستيءَ جو سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ڄامشوري ۾ قائم ڪرڻ ۾ هٿ هو، ڪيڏي نه وڏي علم ۽ فڪرواري انسان پنهنجي زندگي جو آخري دور، فقط سنڌ جي ڀلائي ۽ بهبود خاطر سنڌ يوينيورسٽيءَ کي تعمير ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ته جيئن هيءَ اعليٰ تعليمي درسگاهه اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ڪري جيڪي سڄي ملڪ جي اڳواڻي ڪن ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪن.
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب ولايت ۾ پڙهيو ۽ ”بار ايٽ لا“ (بئريسٽر) هو پر سندس علم انهي رسمي سنڌ کان گھڻو مٿي هو، سندس فڪر انگيز خطابن ۽ ليڪچرن مان اهو صاف طور نظر ايندو هو ته علامه صاحب فلسفو، حياتيات، نباتات، طبيعات، ڪيميا، علم الارض، علم نجومه، آرٽ، فن، تعمير، موسيقي، شاعري ۽ علم ادب وغيره جو اٿاھ مطالعو ڪيو ھو.
علامه آءِ آءِ قاضي جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو عهدو نه سنڀالي ها ته شايد اڄ سنڌ يونيورسٽي جو نالو نشان ئي نه هجي ها. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ته سنڌ جي ڪن درد مند اڳواڻن سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پسماندگي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏهن سالن جي مخالفت کانپوءِ هو ڪامياب ٿيا ۽ 3 اپريل 1947ع تي سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي ۽ ان باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي گادي جو شهر ڪراچي هو ۽ سنڌ يونيورسٽي به اتي ئي قائم ٿي.
14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيو ۽ ان سال کان وٺي ايندڙ ٻن چئن سالن واري ڏکئي وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي مئٽرڪ توڙي مٿي ٻين ڊگرين وارا امتحان ورتا. خيال ھو تہ سنڌ يونيورسٽي جيڪا قومي آزادي واري سال ۾ قائم ٿي ۽ هن نئين دور جي پهرين يونيورسٽي هئي (جنهن کان اڳ فقط پنجاب يونيورسٽي ۽ ٻي ڍاڪا يونيورسٽي هئي) سا وڏي ترقي ڪندي پر شروع ۾ ايئن ڪونه ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي کي فقط هڪ امتحان وٺندڙ ادارو ڪري هلايو ويو. جڏهن ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جي شهر جو درجو ڏنو ويو ته سنڌ يونيورسٽي کي به فيڊرل يونيورسٽي جو درجو ڏئي ان جي ترقي لاءِ قدم کڻي سگھجن ها پر ان وقت جي صاحبن کي صحيح معنيٰ ۾ قومي ترقي يا قومي يڪجهتي بدران ڪي ٻيا مقصد سامهون هئا تن ايئن سوچيو ته ”فيڊرل ايريا“ ۾ ساڳي سنڌ يونيورسٽي نه بلڪه ٻي نئين يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. جنهن صاحب کي وڏي چاهه سان مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان سڏي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. تنهن به نئين ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيڻ قبول ڪيو.

ان وقت سنڌ جي اڳواڻن کي خيال آيو ته علامه آءِ آءِ قاضي کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪجي. پنج سال اڳ جڏهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪيائون تڏهن کين اهو خيال ڪونه آيو. علامه صاحب ۽ سندن گهرواري محترمه ايلسا قاضي سالن جا سال لنڊن ۾ رهيا هئا ۽ اتي جي زندگي ۽ آبهوا سندن طبيعت مواقف هئي. 1936ع کان وٺي ٻه چار سال ڪراچي ۾ رهيا هئا. هتان جي حالتن جي مد نظر هو موٽي لنڊن هليا ويا هئا. سندن عمر به وڏي هئي ۽ وري موٽي اچڻ سندن واسطي هڪ ڪشالو هو، هڪ ته وائيس چانسلر جي عهدي کان قاضي صاحب جن جي علمي عظمت ۽ شهرت گھڻو مٿي هئي ۽ ٻيو ته جنهن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بنجڻ جي کين آڇ ڪئي وئي هئي سا ڄڻ بي گهر بنجي يتيم ٿي چڪي هئي. باوجود انهن حالتن جي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن اهو عهدو قبوليو،
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب ۽ سندن گھرواري لنڊن جي آسائشن کي هميشه خيرآباد چئي ڪراچي پهتا ۽ 9 اپريل 1951ع تي قاضي صاحب وائيس چانسلر جي عهدي جي رسمي طور چارج ورتي. سنڌ يونيورسٽي فقط هڪ الحاق ۽ امتحاني ادارو هو، جنهن کي ان وقت جي مرڪزي حڪومت پنهنجو نه ڪيو ۽ انهي سال ئي 1951ع ۾ نئين ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪري ڪراچي شهر ۽ سڄي فيڊرل ايراضي کي هن نئين يونيورسٽي جي اعليٰ تعلميي اختيار هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي اختيار جو دائرو باقي سنڌ تائين محدود ئي رهيو. انهي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي الحاقي ادارن جو تعداد به گھڻو گھٽجي ويو. سورنهن ڪاليجن ۽ اٺهٺ هاءِ اسڪولن مان هاڻي فقط پنج ڪاليج ۽ چوٽيهه هاءِ اسڪول سنڌ يونيورسٽي جي دائري اختيار ۾ باقي وڃي بچيا هئا.
علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مايوس ڪندڙ ماحول جي باوجود مايوس ڪونه ٿيو، هو پختي ارادي ۽ دور انديشي جو مالڪ هو. وڏي سوچ و بچار ڪيائين ۽ فيصلو ڪيائين ته جيستائين سنڌ يونيورسٽي جو هيڊ ڪوارٽر مستقل طور ڪراچي کان ٻاهر ڪٿي سنڌ ۾ قائم نه ڪبو تيستائين سنڌ يونيورسٽي جي ترقي محال آهي. اهو هڪ اهم فيصلو هو پر هو نهايت محنت طلب ۽ مشڪل، ڇاڪاڻ جو پنجن سالن بعد وري ٻئي هنڌ ڪٿي جاءِ جوڙڻ ايترو آسان نه هو. ٻيو ڪو صاحب هجي ها ته ڪراچي ۾ ئي آفيس کوليو ويٺو هجي ها. جيڪا بندر روڊ تي اڳوڻي پير الاهي بخش بي ٽي ڪاليج جي عمارت ۾ هئي، ڪم به فقط ايترو هو جو اندروني سنڌ جي پنجن ڪاليجن ۽ 34 هاءِ اسڪولن لاءِ مئٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن ڊگري جا امتحان وٺڻا هئا پر اڳتي هلي ايئن ٿئي ها جو اهي ساڳيا امتحان ڪراچي يونيورسٽي آساني سان وٺي سگھي ها ۽ سنڌ يونيورسٽي جي نالي ماتر آفيس جي ضرورت ئي نه رهي ها.
علامه صاحب جنهن ڪوشش سان انهي رٿا کي اڳتي وڌايو تنهن جو اندازو انهي مان لڳائي سگھجي ٿو جو 9 اپريل 1951ع ۾ چارج وٺڻ بعد اڃا مهينو پورو ئي ڪونه ٿيو هو جو پاڻ پنهنجي سر رات ڏينهن محنت ڪري مختلف اعليٰ علمي شعبن (فيڪلٽيز) ۽ يارنهن يونيورسٽي ڪاليجن تي مشتمل ”يونيورسٽي شهر“ جي رٿا جيڪا تعميري سٽاءُ ۽ سهڻائي جي اصولن تي تيار ٿيل هئي سا تاريخ 28 اپريل 1951ع تي سنڌ گورنمينٽ کي پيش ڪيائون. ان وقت جي لحاظ کان اها رٿا وڏي ڪفايت شعاري سان ٻن ڪروڙن جي تخميني تي تيار ڪيل هئي.
سنڌ يونيورسٽي ان وقت پاڻ سوڙهه ۾ هئي ۽ کين سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان ٻاهر ڪڍڻ واري تجويز پسند آئي، جنهن لاءِ حيدرآباد ۾ وديالا اسڪول ۽ ٻي هڪ عمارت (هاڻي سٽي اسڪول) جن ۾ سنڌ حڪومت جا کاتا ڪم ڪري رهيا هئا سي سنڌ يونيورسٽي لاءِ الاٽ ڪيائون. 28 اپريل 1951ع تي جڏهن قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جي اڏاوت جي رٿا پيش ڪئي ته سنڌ حڪومت کين وڏو دلاسو ڏنو ته رٿا واري رقم هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ منظور ڪئي ويندي. پر ڪراچي کي فورن ڇڏين. انهي ھدايت ۾ ايترو ته زور هو جو ڇهن ڏينهن کانپوءِ مئي مهيني جي چار تاريخ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جا پنا موڪليا ويا ته انهن جو ”بل“ پاڻ ادا ڪيائين جو چيائين ته مون کي ڪو حق ڪونهي جو يونيورسٽي جي اسٽيشنري پنهنجي گھر يا پنهنجي ڪم ۾ آڻيا. 1951ع ۾ سيپٽمبر کان سنڌ يونيورسٽي جو پهريون شعبو ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيائين ۽ ان بعد هڪ ٻئي پٺيان شعبا قائم ڪيائين ۽ پڙهائڻ لاءِ استاد ۽ ٻيو عملو مقرر ڪيائين.
پوءِ جڏهن سنڌ ۾ قلم 92 لڳو ۽ گورنري راڄ قائم ٿيو، تڏهن علامه صاحب هڪ زوردار خط ان وقت جي گورنر دين محمد ڏي لکيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي مالي مشڪلات ڏانهن سندس ڌيان ڇڪايو. تڏهن نيڪ نيتيءَ سان پاڻ سرخرو ٿيڻ لاءِ بهرحال کيس آفرين هجي جو علامه صاحب جي خط پهچڻ بعد فورن سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک ڪيائين. پر وڏي ڳالهه ته هڪ هڪ پائي ڪري بچائي وئي ۽ تعليم جو سلسلو جاري رهيو ۽ چئن سالن اندر يعني 1955ع تائين 24 پڙهائي جا شعبا (Teaching Departments) قائم ٿيا.
هاڻي قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽي جي جدا شهر واري رٿا ڏانهن توجهه ڏنو. انهي ضرورت لاءِ جڏهن حڪومت الڳ زمين وٺي ڏيڻ لاءِ ڪو قدم نه کنيو، تڏهن درياءَ جي ٻئي ڀر موجود يونيورسٽي واري ايراضي (جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي پئسو خرچڻو ڪو نه هو جيڪا سرڪاري زمين هئي انهي کي علامه صاحب جن قبول ڪيو. جرمني مان عمارت سازي جر رٿا لاءِ آرڪيٽڪٽ گهرايائون ۽ پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ ۽ پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي عمارت ٺهي. انهي قدم سان يونيورسٽي جو بنياد پئجي ويو، علامه صاحب جو جيترو علم ۽ ڪمال هو ايترو ئي سندن ارادو پختو ۽ عمل بي مثال هو، پاڻ کي شمع وانگر جلايائون ۽ اسان لاءِ ماحول روشن ڪيائين هينئر جڏهن علامه صاحب سنڌ يونيورسٽي جي زمين هيٺ ستل آهي تڏهن اسان کي سوچڻو آهي ته ان درسگاهه کي اسان ڪيتري قدر نوازيو ۽ سينگاريو آهي.
_____________

مدد علي جھتيال سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پروفيسر آھي




علامه آء آء قاضي جي ڪيل علمي ادبي ء تعليمي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو .