ايڪسپريس وي: ملير نديءَ تي مڙھيل ماحولياتي تباھيءَ واري هڪ شاهراه!
ماهر خبردار ڪري چڪا آهن ته ملير نديءَ جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽ شهري ٻوڏ ۾ واڌ ڪندي، نديءَ جي پيٽ ۾ ايڏي وڏي شاهراهه تعمير ڪرڻ سان نديءَ جي ٻئي ڪناري تي موجود ڳوٺ ۽ زرعي زمينون سيلابي پاڻيءَ سان تباهه ٿي سگهن ٿيون، زيرِ زمين پاڻيءَ جي ري چارجنگ وڌيڪ متاثر ٿيندي ۽ گرميءَ جي شدت وڌندي.

ڪو به شعور رکندڙ انسان ترقي، انفراسٽرڪچر يا شاهراهن جو مخالف نٿو ٿي سگهي. سوال سڙڪ ٺاهڻ جو ناهي، سوال اهو آهي ته ترقي ڪهڙي قيمت تي ڪئي پئي وڃي؟ پنهنجن ئي جوڙيل ماحولياتي ۽ قانوني اصولن کي لتاڙيندي، هڪ زنده درياءَ جي پوري ايڪو سسٽم کي تباهه ڪندي، ملير درياءَ مان خلافِ قانون ريتي ۽ بجري ڪڍندي، مقامي ڏاهپ ۽ مقامي علم کي نظرانداز ڪندي، ملير جي گرين بيلٽ، زرعي زمينن، زيرِ زمين پاڻي، جهنگلي حيات ۽ مقامي آبادين جي وجود کي خطري ۾ وجهي آخر ڪهڙي قسم جي ترقي مسلط ڪئي پئي وڃي؟
حفيظ بلوچ
22 مئي تي سنڌ حڪومت ”ڀٽو ايڪسپريس وي“ جي نالي سان جنھن رٿا جو افتتاح ڪيو، اِهو اصل ۾ اُهوئي تڪراري ”ملير ايڪسپريس وي“ آهي جنهن جي خلاف گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملير جي مقامي ماڻهن، آبادگارن، مهاڻن، ماحولياتي ڪارڪنن، وڪيلن، شهري تنظيمن ۽ سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس مسلسل جدوجهد ڪئي آهي. هيءُ رڳو هڪ روڊ ناهي. هيءُ ڪراچيءَ جي آخري قدرتي درياھ، ان جي ماحولياتي نظام (Eco-system)، قديمي وستين، زرعي زمينن، آبي لنگهن ۽ مقامي آبادين جي وجود تي هڪ حملو آهي.
ان منصوبي جي خلاف رڳو احتجاج ئي نه ٿيا آهن پر قانوني، ماحولياتي، ٽيڪنيڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پڻ مضبوط دليل ڏنا ويا. عوامي شنوائين ۾ ان منصوبي کي رد ڪيو ويو، انوائرنمينٽل ٽربيونل ۾ ان جي خلاف دليل مڃيا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس اڄ به شنوائيءَ هيٺ آهي، جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) پڻ ماحولياتي اعتراضن کانپوءِ پاڻ کي ان منصوبي کان ڌار ڪري ڇڏيو. پر سڀني ڳالھين جي باوجود هي منصوبو طاقت، سرمائي، رياستي سرپرستي ۽ سياسي اثر رسوخ جي زور تي مڪمل ڪيو ويو.
سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڪردار انهن مقامي چونڊيل نمائندن جو رهيو جيڪي ملير ۽ ڪراچيءَ جي عوام جا ووٽ کڻي ايوانن تائين پهتا پر درياھ، زمين، پاڻي، ماحوليات ۽ مقامي آبادين جي وجود تي حملي جي خلاف خاموش رهيا. جن ماڻهن کي ملير جو آواز بڻجڻو هو، اهي اقتدار، مفادن ۽ سياسي وفادارين جي وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويا.
ملير ندي رڳو هڪ برساتي نالو ناهي. هي ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو قدرتي درياھ آهي جنهن کي صدين کان ”ملير نديءَ“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. کيرٿر جي جبلن تان ايندڙ پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچائيندڙ اهوئي قدرتي رستو زيرِ زمين پاڻيءَ کي ري چارج ڪندو، زراعت کي زنده رکندو، وڻن ۽ جهنگلي حيات کي سهارو ڏيندو ۽ شهر کي ماحولياتي توازن فراهم ڪندو رهيو آهي.
ملير ندي، لياري، ٿڌو ۽ لَت ندي جهڙا قدرتي آبي رستا ڪراچيءَ کي سيلابي تباهڪارين کان بچائيندا هئا. پر گذريل ڏهاڪن ۾ انهن دريائن تي هائوسنگ اسڪيمون، روڊ رستا، باءِ پاس ۽ ڪنڪريٽ جون اڏاوتون مٽھيون ويون. ماهر مسلسل خبردار ڪري رهيا آهن ته قدرتي آبي لنگهن کي بند ڪرڻ جو نتيجو شهري ٻوڏ، شديد ماحولياتي بحران، گرميءَ جي شدت ۾ واڌ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جي صورت ۾ نڪرندو.
منصوبو ڪيئن شروع ٿيو؟
ملير ايڪسپريس وي منصوبو تقريبن 39 ڪلوميٽر ڊگهي شاهراهه طور متعارف ڪرايو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد ڊفينس ۽ ڪراچيءَ جي ٻين پوش علائقن کي شهر جي مضافاتي هائوسنگ پراجيڪٽس، خاص ڪري بحريه ٽائون ۽ DHA سٽي سان ڳنڍڻ هو.
پر بنيادي سوال اهو هو:
ڇا ڪراچيءَ کي واقعي هڪ ٻئي ”ايليٽ ڪوريڊور“ جي ضرورت هئي؟
يا شهر کي پنهنجي دريائن، ساون علائقن، پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ مقامي آبادين جي تحفظ جي ضرورت هئي؟
ان منصوبي تي عملي ڪم ان وقت شروع ڪيو ويو جڏهن ان جي Environmental Impact Assessment (EIA) يعني ماحولياتي اثرن جو جائزو ئي موجود نه هو. سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 تحت ڪنهن به وڏي ترقياتي منصوبي تي تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ماحولياتي اثرن جو جائزو ڪرائڻ قانوني طور لازمي آهي. قانون موجب EIA رڳو هڪ رسمي رپورٽ ناهي پر هڪ مڪمل قانوني عمل آهي، جنهن ۾ منصوبي جي ماحولياتي، سماجي، آبي، زرعي ۽ انساني اثرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو آهي.
ان عمل تحت عوامي شنوائي به لازمي هوندي آهي ته جيئن متاثر ٿيندڙ مقامي آبادي، ماهر، شهري تنظيمون ۽ ٻيا اسٽيڪ هولڊرز پنهنجا اعتراض ۽ تجويزون پيش ڪري سگهن. جيڪڏهن عوامي شنوائيءَ ۾ سنجيده اعتراض آڏو اچن ته قانون موجب انهن اعتراضن جو جائزو وٺي EIA رپورٽ ۾ ضروري تبديليون ڪيون وڃن ۽ شفاف طريقي سان ان عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. ان کانپوءِ ئي منصوبي جي منظوري، بِڊنگ، ڪنٽريڪٽنگ ۽ تعميراتي عمل شروع ڪري سگهجي ٿو.
پر ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي ۾ اهو پورو عمل ابتي ترتيب سان ڪيو ويو. ان منصوبي جو افتتاح ۽ ابتدائي تعميراتي سرگرميون ڊسمبر 2020 ۾ شروع ڪيون ويون، جڏهن ته EIA لاءِ عوامي شنوائي مارچ 2022 ۾ ڪئي وئي. يعني منصوبي تي ڪم اڳ ۾ شروع ٿيو ۽ ماحولياتي منظوري بعد ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ 2014 جي روح ۽ قانوني تقاضائن ٻنهي جي چٽي خلاف ورزي هئي.
عوامي شنوائي يا رسمي ڊرامو؟
سيپا (SEPA) جي عوامي شنوائيءَ واري ڏينهن ان منصوبي جي خلاف سڀ کان وڏو قانوني اعتراض اهوئي هو ته پورو ماحولياتي عمل پهريان ئي بي معني بڻايو ويو هو، ڇاڪاڻ ته منصوبو زمين تي شروع ٿي چڪو هو. درخواست گذارن ۽ ماحولياتي ماهرن اهو موقف اختيار ڪيو ته جڏهن هڪ منصوبو عملي طور تي شروع ٿي وڃي ته ان کانپوءِ ٿيندڙ عوامي شنوائي صتف هڪ رسمي ڪارروائي بڻجي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن ۾ عوامي مشاورت، قانوني احتساب ۽ متبادل تجويزن جي اصل حيثيت ختم ٿي ويندي آهي.
اعتراضن ۾ اهو نقطو پڻ اٿاريو ويو ته اٽڪل 800 صفحن تي مشتمل EIA رپورٽ انگريزي ٻوليءَ ۾ انتهائي محدود وقت لاءِ عوام جي سامهون رکي وئي. متاثر ٿيندڙ مقامي آبادين کي نه مناسب وقت ڏنو ويو ۽ نه ئي رپورٽ مقامي ٻولين ۾ فراهم ڪئي وئي. ان جي باوجود ملير جي نوجوانن، ماحوليات جي ماهرن، شهري تنظيمن، وڪيلن ۽ انڊيجينس ليگل ڪميٽي جي ميمبرن محدود وقت ۾ رپورٽ جو جائزو وٺي تفصيلي اعتراض جمع ڪرايا.
انهن اعتراضن ۾ چٽو ڪيو ويو ته هي منصوبو ملير درياءَ جي قدرتي وهڪري، زيرِ زمين پاڻيءَ جي نظام، جهنگلي حيات، حياتياتي تنوع (Biodiversity)، زرعي زمينن ۽ مقامي ايڪو سسٽمز کي سخت نقصان پهچائيندو. اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته ملير درياءَ مان وڏي پيماني تي ريتي ۽ بجري ڪڍڻ جو عمل پوري ڪراچيءَ جي ماحولياتي توازن کي تباهه ڪندو ۽ شهري ٻوڏ جي خطرن ۾ واڌ ڪندو.
دليلن ۾ اهو به چيو ويو ته هي منصوبو ڪراچي ۽ ملير جي انڊيجينس (مقامي) آبادين، قديمي ڳوٺن، مقامي ثقافت، روزگار ۽ زمين سان تاريخي وابستگي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندو. ڪيترن ئي ڳوٺن جي بي دخلي، زرعي زمينن جي تباهي ۽ مقامي ماڻهن جي معاشي توڙي ثقافتي خاتمي جا خدشا پڻ چٽا ڪيا ويا. وڌيڪ ته هائيڊرولاجيڪل اسٽڊيز (Hydrological Studies) کي ناڪافي ۽ غير شفاف قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اهو اعتراض به اٿاريو ويو ته EIA رپورٽ ۾ ڪيترن ئي اهم ماحولياتي ۽ سماجي اثرن کي گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو يا مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو.
عوامي شنوائيءَ دوران مقامي ماڻهن، ماحوليات جي ماهرن، شهري تنظيمن ۽ قانوني ماهرن پاران منصوبي کي چٽي نموني رد ڪيو ويو ۽ SEPA توڙي منصوبو پيش ڪندڙ ادارا عوامي پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا. ان جي باوجود انهن اعتراضن کي نظرانداز ڪندي منصوبي جي منظوري ڏني وئي، جنهن کي درخواست گذارن ماحولياتي قانون، شفافيت ۽ عوامي مشاورت جي اصولن جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو.
ان منصوبي جي خلاف سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. شنوائيءَ دوران درخواست گذارن جا ڪيترائي قانوني ۽ ماحولياتي دليل درست تسليم ڪيا ويا. ٽربيونل پاڻ ان منصوبي تي ڪيترا ئي شرط لاڳو ڪيا ۽ نگراني ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو.
پر حيرت انگيز طور تي سمورا اعتراض تسليم ڪرڻ جي باوجود منصوبي کي عوامي مفاد جي نالي ۾ جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي. هيءُ اهو لمحو هوجڏھن سوال رڳو ماحوليات جو نه پر انصاف جو پڻ بڻجي ويو. جيڪڏهن قانون جي خلاف ورزي ثابت ٿي وڃي، جيڪڏهن ماحولياتي نقصان تسليم ڪيو وڃي، جيڪڏهن عوامي اعتراض جائز مڃيا وڃن ته پوءِ ”پبلڪ انٽريسٽ“ آخر ڪهڙي شئي جو نالو آهي؟
ان فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، جتي ڪيس اڄ به شنوائيءَ هيٺ آهي ۽ گرين چيمبر جا وڪيل هيءَ قانوني جنگ وڙهي رهيا آهن. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته EIA منظوري قانوني تقاضائن ۽ ماحولياتي قوانين جي ابتڙ ڏني وئي. هي ڪيس رڳو هڪ روڊ جو مقدمو ناهي پر هي سوال آهي ته:
ڇا رياست ترقيءَ جي نالي تي ڪنهن درياءَ کي ختم ڪري سگهي ٿي؟
ڇا مقامي آبادين جي رضامنديءَ کانسواءِ سندن زمينون کسي سگهجن ٿيون؟
ڇا ماحوليات کي رڳو هڪ ”Formal Requirement“ (رسمي ضرورت) بڻايو ويو آهي؟
ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) ڇو پٺتي هٽي؟
ان منصوبي جي خلاف هڪ اهم اڳڀرائي ان وقت ٿي جڏهن سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس جي قانوني ٽيم، پروفيسر ايڊووڪيٽ عبيرا اشفاق، ملير جي انڊيجينس زميندارن عظيم دھڪان ۽ اسلم بلوچ جي طرفان ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۾ شڪايت دائر ڪئي.
شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته:
هي منصوبو ADB جي ماحولياتي ۽ سماجي تحفظ جي اصولن جي خلاف ورزي ڪري ٿو.
مقامي آبادين سان شفاف مشاورت ناهي ڪئي وئي.
ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
هي منصوبو مقامي ماڻهن جي بي دخلي ۽ ماحوليات جي تباهيءَ جو سبب بڻجندو.
ADB جي ٽيم منصوبي جو جائزو ورتو ۽ بعد ۾ بئنڪ ان منصوبي کان پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو. هي اصل ۾ عالمي سطح تي ان منصوبي جي خلاف هڪ وڏي اخلاقي ۽ ماحولياتي فردِ جرم (Indictment) هئي.
منصوبي جون تباهڪاريون ۽ ڪرپشن
ڊسمبر 2020 کان وٺي اڄ تائين ملير ايڪسپريس وي / شاهراهه ڀٽو جي نالي تي ملير درياءَ ۾ ريري ۽ بجري جي بي انتھا کوٽائي جاري آهي. هي معاملو رڳو ماحولياتي نقصان تائين محدود ناهي پر وسيلن جي هڪ منظم ڦرلٽ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ملير جا بيان پڻ ميڊيا ۾ اچي چڪا آهن، پر ان جي باوجود اهو سلسلو رڪجي نه سگهيو. عدالتي آبزرويشنز، ميڊيا رپورٽن ۽ عوامي احتجاجن جي باوجود درياءَ جي ڦرلٽ مسلسل جاري رهي.
ان بي لغام کوٽائيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ملير جهڙي سرسبز علائقي ۾ زيرِ زمين پاڻي خطرناڪ حد تائين متاثر ٿيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ جو TDS چار هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي، جيڪو نه رڳو پيئڻ پر روزمره جي استعمال لاءِ پڻ خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي. اهو پاڻي جيڪو ڪڏهن زندگي هو، هاڻي زهر بڻجندو پيو وڃي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽن ۾ پڻ ان منصوبي کي سنگين مالي بي ضابطگين ۽ ڪرپشن جو مثال قرار ڏنو ويو. پر انهن الزامن جي آزادانه تحقيقات ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي وئي.
ان شاهراهه جي آس پاس زمينن جي ليز، قبضن ۽ ريئل اسٽيٽ مفادن جو هڪ نئون سلسلو پڻ مسلسل ڦهلجي رهيو آهي. خدشو آهي ته ايندڙ وقت ۾ انهن ليزن ۽ منصوبن جي نالي تي مقامي آبادين تي وڌيڪ دٻاءُ ۽ بي دخليءَ جي يلغار ٿيندي.
ٻئي طرف ملير درياءَ ۾ ريتي بجريءَ جي کوٽائيءَ سان گڏوگڏ وڻن ۽ جهنگلن جي ڪٽائي پڻ تيز ٿي چڪي آهي. ادارتي سرپرستيءَ ۾ جاري اهو عمل ملير جي قدرتي ماحولياتي نظام کي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي وٺي آيو آهي.
ڪڏهن ملير درياءُ چوماسي کان وٺي اپريل ۽ مئي تائين ۾ وهندو رهندو هو، جيڪو جهنگلي حيات، زراعت ۽ مقامي آبادين جي پاڻيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندو هو. پر هاڻي برساتن جي ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ درياءُ خشڪ ٿيڻ لڳندو آهي. هي ڪنهن هڪ موسم جي تبديلي ناهي پر هڪ سنگين ماحولياتي تباهي (Ecological Collapse) جي علامت آهي.
ڪراچيءَ لاءِ مستقبل جو خطرو
2025 جي برساتن ۾ ملير ايڪسپريس وي جي ڪجهه حصن جي متاثر ٿيڻ ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وهڪري جي ٻيهر اڀرڻ انهن خدشن کي وڌيڪ ھٿي ڏني ته درياءَ کي ڪنڪريٽ سان قابو ڪرڻ جون ڪوششون گهڻو وقت قائم نٿيون رهي سگهن.
ماهر خبردار ڪري چڪا آهن ته:
ملير درياءَ جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽ شهري ٻوڏ ۾ واڌ ڪندي.
درياءَ جي ريور بيڊ (River bed) ۾ ايڏي وڏي شاهراهه تعمير ڪرڻ سان درياءَ جي ٻئي ڪناري تي موجود ڳوٺ ۽ زرعي زمينون سيلابي پاڻيءَ سان تباهه ٿي سگهن ٿيون.
زيرِ زمين پاڻيءَ جي ري چارجنگ وڌيڪ متاثر ٿيندي.
گرميءَ جي شدت وڌندي.
ڪراچيءَ جو Ecological Collapse وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو.
هي منصوبو اصل ۾ ان ترقياتي ماڊل جي علامت آهي جتي:
درياءَ ”خالي زمين“ سمجهيا ويندا آهن،
جهنگل ”ريئل اسٽيٽ“ بڻجي ويندا آهن،
مقامي ماڻهو ”رڪاوٽ“ تصور ڪيا ويندا آهن،
۽ ماحوليات کي ”بعد جي شئي“ سمجهيو ويندو آهي.
سوال اڃا باقي آهي
ڪو به شعور رکندڙ انسان ترقي، انفراسٽرڪچر يا شاهراهن جو مخالف نٿو ٿي سگهي. سوال سڙڪ ٺاهڻ جو ناهي، سوال اهو آهي ته ترقي ڪهڙي قيمت تي ڪئي پئي وڃي؟ پنهنجن ئي جوڙيل ماحولياتي ۽ قانوني اصولن کي لتاڙيندي، هڪ زنده درياءَ جي پوري ايڪو سسٽم کي تباهه ڪندي، ملير درياءَ مان خلافِ قانون ريتي ۽ بجري ڪڍندي، مقامي ڏاهپ ۽ مقامي علم کي نظرانداز ڪندي، ملير جي گرين بيلٽ، زرعي زمينن، زيرِ زمين پاڻي، جهنگلي حيات ۽ مقامي آبادين جي وجود کي خطري ۾ وجهي آخر ڪهڙي قسم جي ترقي مسلط ڪئي پئي وڃي؟
جيڪڏهن واقعي مقصد عوامي ڀلائي ۽ ترقي هو ته پوءِ مقامي برادرين کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟ ماحولياتي قانونن جي پاسداري ڇو نه ڪئي وئي؟ شفاف مشاورت ڇو نه ٿي؟ ۽ ان منصوبي کي ايڏي تڪڙ ۾ مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آخر ڇو پيش آئي؟
سوال اڄ به باقي آهي:
ڇا هيءَ ترقي ڪراچي ۽ ملير جي ماڻهن لاءِ هئي؟
يا وري درياءَ، زمين ۽ ماحوليات جي قيمت تي مخصوص سرمائيدار مفادن کي رستو ڏيڻ لاءِ؟
ڀٽو ايڪسپريس وي جو افتتاح ٿي سگهي ٿو.
ڪنڪريٽ وڇائي سگهجي ٿي.
نالا تبديل ڪري سگهجن ٿا.
پر تاريخ هيءُ ضرور ياد رکندي ته ان منصوبي جي خلاف ملير جي ماڻهن آواز اٿاريو هو. آبادگارن، نوجوانن، ماحولياتي ڪارڪنن، وڪيلن، دانشورن ۽ انڊيجينس برادرين ان شهر جي درياءَ، زمين ۽ مستقبل لاءِ مزاحمت ڪئي هئي.
ڇاڪاڻ ته سوال رڳو هڪ ايڪسپريس وي جو ناهي. سوال اهو آهي ته اھو آخر ڪنهن جي لاءِ تعمير ڪيو پيو وڃي؟
ماڻهن لاءِ؟
يا طاقتور سرمائيدار منصوبن لاءِ؟
_______________
عوامي راءِ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تان کنيل



