”جو کيڙي سو کائي“: روس کان اڳ سنڌ ۾ ڪميون وارو نظريو موجود ھو
شاھ عنايت برابريءَ جي بنياد تي ھارين کي پنھنجن حقن ڏيارڻ جي ڊگھي جدوجھد ڪئي ۽ مخالفن سان جنگ جوٽي، جيڪا جنگ مسلسل چار مھينا ھلندي رھي ، شاه عنايت شھيد ايوارڊ تقريب ۾ تقريرون
رپورٽ: لطيف راولاڻي
ڪراچي
نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ڪراچيءَ جي ھال ۾ شاه عنايت شھيد فورم طرفان ڪوٺايل سيمينار ۽ ايوارڊن جي تقريب ۾ ڳالھائيندڙن شاه عنايت شھيد جي ھلايل جدوجھد ”جو کيڙي سو کائي“ تي تفصيلي روشني وجھندي چيو ته روس ۾ ڪميونزم جي تحريڪ کان اڳ ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي ڪميون قائم ٿي چڪو ھو جنھن جو باني شاه عنايت شھيد ھو.

ھنن چيو تہ شاھ عنايت برابريءَ جي بنياد تي ھارين کي پنھنجن حقن ڏيارڻ جي ڊگھي جدوجھد ڪئي، مخالفن سان جنگ جوٽي، جيڪا جنگ مسلسل چار مھينا ھلندي رھي ، جنھن ۾ شاھ عنايت ۽ ان جي پنجويھ ھزار ساٿين شھادت ماڻي، جيڪا تاريخ ۾ جھوڪ ميران پور واري جنگ جي نالي سان مشھور آھي.
پروگرام جي صدارت ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ڪئي، جڏھن تہ پروفيسر اعجاز قريشي، صوفي حضور بخش پروفيسر، پروفيسر ساجده چنه ۽ مزدور ليڊر ناصر منصورخاص مھمان ھئا .تقريرون ڪندڙن ۾ آغا سعيد ،محمد يونس مھر، حميد منگي، اصغر باغي، ڪامريڊ وليم صادق ،ضياء ڀٽي ، ڪامريڊ واحد بلوچ، ڪامريڊ گل شير شر ۽ ٻيا شامل ھئا .

ڪانفرنس ۾ جن مشھور شخصيتن کي شاه عنايت شھيد ايوارڊ ڏنا ويا انھن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي ، ڊاڪٽر شاه محمد مري، پروفيسر حسن بانو ابڙو، عبدالواحد آريسر ، صوفي حضور بخش ،ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر ساجده چنه، زاھده حنا ۽ نعيم شيخ شامل ھئا. اھي ايوارڊ ڪميٽي جي چيئرمن حمزو پنھور ۽ ٻين ميمبرن جي منظوري سان ڏنا ويا . پروگرام ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي ، ڊاڪٽر شاھ محمد مري ۽ زاھده حنا جا موڪليل پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.

پروگرام ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي ، سنڌ سماجي سٿ ڪراچي ، سنڌي ادبي سنگت پپري ۽ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۽ سنگت ڪراچي جي دوستن شرڪت ڪئي ۽ ٻين ادارن تنظيمن جي اڳواڻن به وڏي تعداد ۾ پروگرام ۾ حصو ورتو. پروگرام جي ڪارروائي خاصخيلي لطيف راولاڻيءَ ھلائي.

ڪانفرنس ۾ مطالبا ڪيا ويا تہ شاه عنايت شھيد جي نالي سان سنڌ ۾ يونيورسٽي يا ٻيو ڪو وڏو تعليمي ادارو قائم ڪيو وڃي، ڊگري ڪاليج ٺٽي جو نالو شاه عنايت شھيد ڪاليج رکيو وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاه عنايت شھيد چيئر قائم ڪيا وڃن جنھن جي شروعات ڪراچي يونيورسٽي کان ڪئي وڃي . ملڪ ۾ ٿيل زرعي سڌارن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو بہ ڪيو ويو.
_________________



