”پَلَي ھُوندي ڪَي کُٽل کڳا کائين“چَوڻي پراڻي ٿي وئي، ھاڻ کڳن تي گذارو ٿيندو
مُھاڻن پَلَي جو اگھ ايترو تہ وڌائي ڇڏيو آھي جو پَلو کائڻ جھڙي تھڙي جي وَس ۾ ڪونہ رھيو آھي. ڪو زمانو ھو جڏھن پَلن جا ڍير مارڪيٽ ۾ ھوندا ھئا ۽ ھڪ رُپئي ۾ پلو وڪاندو ھو
نصير اعجاز
سِنڌو ھيل موج مستيءَ ۾ آھي ۽ نيٺ سنڌو مھا ساگر سان سندس ميلاپ ٿيو آھي تہ پَلو بہ ڊيلٽا مان نڪري مٿي ڪوٽڙيءَ تائين درياھ جي سِير کي چيريندو پھچڻ لڳو آھي. پَر اسان جي مُھاڻن پَلَي جو اگھ ايترو تہ وڌائي ڇڏيو آھي جو پَلو کائڻ جھڙي تھڙي جي وَس ۾ ڪونہ رھيو آھي. ڀاڳ ڀلا آھن عبدالحئي پليجي صاحب جھڙن جا جيڪي درياھ جي ڪنڌيءَ ويجھو ھجڻ ڪري پلو کائي موجون پيا ڪن. تازو ڪراچيءَ جي شانتي نگر علائقي ۾ ھڪ مُھاڻي کان پُڇيم تہ پلو نٿو آڻين. چيائين، ”پلو ايترو مھانگو آھي جو ڪير وٺندو ئي ڪونہ. ھڪ ڪلو وزن جو پلو يارھن ٻارھن ھزار رُپين ۾ ٿو ملي.“ سمجھي ويس تہ ماٺ ڀلي آھي. سوچيم تہ پلو ھاڻ اسان جي نصيب ۾ ڪونھي. جلد ئي درياھ ۾ چاڙھ ختم ٿي ويندو ۽ ڪجھ مھينن کانپوءِ وري سنڌُو درياھ مھا ساگر سان ملڻ لاءِ پيو سِڪندو تہ پلو بہ وري ناپيد ٿي ويندو.

مون سنڌوءَ ۾ پلي جي اڻھوند بابت ست اٺ ورھيہ اڳ ھڪ آرٽيڪل لکيو ھو. پنھنجي آرڪائيوز مان اھو مضمون پڙھندڙن لاءِ پيش ڪريان ٿو.
شھدادپور ۾ 1966 کان 1970 تائين گذاريل ورھيه ڪڏھن نه وسرندا جڏھن مارڪيٽ ۾ وڃبو ھو ته تازن پَلن جا ڍير نظر ايندا ھئا ۽ پَلن وارا چٽاڀيٽيءَ ۾ ھڪ رُپئي مان اگھ ڪيرائي اَٺن آنن ۾ ٺُوٺ جيڏو وڏو کِيرو توڙي آنيارو پَلو وڪڻندا ھئا ـ ماڻھن جي ته موج ٿي ويندي ھئي ۽ اھي گوشت ڀاڄيون وساري پَلا وٺي سڄو ڏينھن پيا کائيندا ھئا ۽ ٻي ڪا مڇي يا گوشت ڀاڄيون کائڻ تي سندن دل ئي ڪانه چوندي ھئي، بلڪل ايئن جيئن جھوني اديب پرمانند ميوارام ھڪ سئو ورھيه اڳ پنھنجي اخبار ”جَوت“ ۾ پَلي بابت مضمون ۾ ھڪ پُراڻي چوڻي لکي ھئي ته ”پَلي ھوندي ڪي کُٽل کڳا کائين“ ـ
اُھي ڏينھن اُھي شينھن وانگر زمانو ويو مٽبو، سنڌو درياھه تي جيئن جيئن بند ٻڌبا ويا ته پَلي جي آمد به وئي گھٽبي ۽ اگھه ويا وڌندا ـ پندرھن ويھه ورھيه اڳ تائين به پَلو ڪجھه سئو رُپين ۾ ملي ويندو ھو پر ھاڻ ته درياھه ۾ پلو اچي ئي ڪونه ۽ سمنڊ جو جيڪو پَلو مارڪيٽ ۾ اچي ٿو، اُن جو اگھه سائيز جي حساب سان ھزارن ۾ آھي جيڪو ھر ماڻھوءَ جي خريدڻ کان مٿي آھي ـ
اصل پلي جي اڻھوند ۽ سامونڊي پلي جي اگھ جو اندازو اڳي به ھو پر ويجھڙ ۾ اڃان پڪ ٿي جڏھن ھڪ مُھاڻي سان ڪچھري ٿي ـ”سائين درياھه ۾ پاڻي آھي ڪونه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري جتان پلو سنڌوءَ جي سِير ۾ اوڀارو چڙھي پوندو آھي ـ ھاڻ ته بس کاريڇاڻ وٽان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ وارا پلا ملن ٿا جن ۾ اھو سواد ئي ڪونھي جيڪو درياھه جي پلن ۾ ھوندو ھو ـ پلي جو اگھ به گھڻو آھي ـ سير سوا جو پلو ٽن ھزارن ۾ ملي ٿو،“ لال محمد ٻڌايو جيڪو اصل گمبٽ جي پاسي جو ملاح آھي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين ۾ گھٽيءَ گھٽيءَ ھوڪا ڏئي مڇي ۽ پلا وڪڻندو آھي ـ
گھورڙئي لال محمد جوسنھي آواز ۾ ھوڪو ”تازي مڇيءَ وارو“ ۽ ”درياھه جو تازو پلو“ ڄڻ ته سندس سُڃاڻپ بڻجي ويا آھن ـ ”جڏھن پلو درياھه ۾ ملي ئي ڪونه ٿو ته تون اھو ھوڪو ڇو ٿو ڏين؟“ پُڇيومانس ـ ” ماڻھن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ سائين،“ ھن سندس موٽر سائيڪل تي رکيل کوکي مان ھٿ جيتري ماپ جون ننڍيون پليون ڪڍي ڏيکاريندي چيو جن ۾ کائڻ لاءِ وڏي پَلي جي اڌ ٻيريءَ جيترو ماس به ڪونه ھو ـ ھر داڻي جو اگھ ٽيھه رُپيا ھو ـ
ساڳي ڳالھه شانتي نگر جي سنڌي ھوٽل سامھون ورھين کان مڇيءَ جو اسٽال ھڻندڙ گمبٽ واسي ملاح قادربخش عرف ٺاڪر به ڪئي ـ ”بابا پَلو ڪونه رکان ـ کاري پاڻيءَ جو پَلو، سو به مھانگو، ڪير وٺي ئي ڪونه ـ سمنڊ جو پَلو گھڻو وقت رکي به نٿو سگھجي ڇو ته اھو مڇيءَ جي مقابلي ۾ نازڪ ٿئي ٿو ۽ گھڻو وقت رکڻ سان گبجيو وڃي ـ“
مون وري گھوڙاٻاريءَ ڀرسان ھڪ ڳوٺ ۾ رھندڙ زميندار دوست احمد سومري کي فون ڪري حال احوال ورتو، جنھن وٽ سيپٽمبر 2018 ۾ ٽن مختلف طريقن سان پچايل پلا کاڌا ھئم ـ اھي پَلا سائيز ۾ وڏا، پر ھيا وري به سمنڊ جا ـ ”گذريل سال جڏھن توھان آيا ھئا ته درياھه ۾ ٿورو گھڻو پاڻي آيل ھو، پر پوءِ وري جو وھڪرو بند ٿيو ته اڄ تائين ڪونه آيو آھي ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي وڃي سجاول جي پُل تائين پھتو آھي ـ مِٺو ۽ لُڙاٽيل پاڻي نه ملڻ ڪري پلو به درياھه ۾ وڃي ئي ڪونه ٿو ـ ھاڻ ته پَلو سمنڊ ۾ ئي گھمندو وڃي گوادر تائين پھچي ٿو،“ احمد سومري ٻڌايو ـ
پر لڳي ٿو ته گوادر تائين ڪو اُڙيو ٿُڙيو پَلو ويندو ھوندو ڇو ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ درياھه جي مٺي پاڻيءَ سان اُڃ اُجھائڻ جي آس ۾ ڦيرا پائيندڙ پَلو اڃان ته ڪراچيءَ کان پنجھٺ ڪلوميٽر پري سمنڊ جي گھاري ڪِريڪ تائين به ڪونه پھتو آھي ـ ”نه سائين، پَلو اڃان ھن پاسي ڪونه آيو آھي،“ گھاري ڪِريڪ وٽ مڇين جو ڪاروبار ڪندڙ يوسف شوري تازو انھيءَ علائقي ۾ وڃڻ تي ٻڌايو ھو ـ
”پَلو پَوھه ۾ سمنڊ ڇڏي درياھه جي مُھڙ ۾ ايندو آھي ـ نه ڄاڻان مٺي پاڻيءَ جي ٻاڙ ٿيندي اٿس يا دشمن کان ڀڄندو آھي،“ پرمانند ميوارام، پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو ھو ـ لاڳيتو پنجاھه ورھين تائين شائع ڪيل اخبار ”جوت“ لاءِ لکيل مضمونن کي ھن پھرين 1925 ۾ ”گُل ڦُل“ نالي سان ڪتابي شڪل ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ۽ وري ٻيو جِلد ڏھه سالن کانپوءِ 1935 ۾ پڌرو ڪيو ھو ـ ان ڪتاب ۾ ھُو لکي ٿو ته ”پَلو اھڙو سوادي ٿو ٿئي جو مُند جو پَلو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط ماڻھو ٽي چار رُپيا ڏئي به وٺندا ـ پَلي جي مُند ۾ ٻي ڪا شئي سواد ئي ڪين ڏئي ـ“ ھڪ صدي اڳ پَلي جو اگھه ٽي چار رُپيا ھجڻ به وڏي ڳالھه ھئي ـ
سمنڊ مان نڪرڻ کانپوءِ پَلو درياھه ۾ مخصوص ماڳن يعني جاين ۾ رھي ٿو ـ مڇيءَ کي جتان اچي، اُتان پئي ويندي، پر پَلو سِير ڏئي پيو ويندو ـ ”درياھه ۾ اچڻ سان پنھنجي جانِ تان ڪاراڻ لاھيندو ـ جيئن مٺي پاڻيءَ ۾ گھڻو وقت رھيو، تيئن ڪاراڻ ڇڏي ويندو اڇو ٿيندو ـ لاڙ ۾ جو پَلو مري، تنھن جو پُڇ ڪارو ـ ڪوٽڙيءَ تائين پھچندي مٿس اَڇاڻ لڳي وڃيس ۽ وري جڏھن سکر کان موٽ کائي ته سندس نڪ تي ڳاڙھو چِٽو ھوندو اٿس ۽ پُڇ به ڳاڙھو ٿيو پويس ۽ ان کي سڏين لاڙو پلو،“ پرمانند سنڌ جي ھن قومي مڇيءَ جي سُڃاڻپ ڪرائيندي لکي ٿو، جنھن جي مقابلي جي مڇي دنيا ۾ ٻئي ڪنھن ھنڌ ڪانه ملي ۽ صرف ان سان ملندڙ جُلندڙ مڇي گنگا نديءَ ۾ بنگال واري پاسي ٿئي، جنھن کي ”ھِلسا“ مڇي سڏين ـ
اڳي پَلَي جي جُھڳٽن کي ”ڳوڙھو“ به سڏيندا ھئا ـ ”ھڪ ڳوڙھو سکر کان پيو موٽدو ته ٻيو ڳوڙھو اڌ تان ئي موٽڻ مھل وچ سِير بدران ڪنڌي ڏيو ايندو آھي ـ لاڙو پلو ڄيٺ ۾ موٽڻ شروع ڪري، ۽ تنھن مھل واٽ تي آنا تيريندو ويندو، پر آنو سمنڊ کانسواءِ ٻئي ڪنھن ھنڌ ڪين ڦُٽي ـ پَلو ڊچڻو به ڏاڍو آھي ـ پاڻي لٿو يا گجگوڙ ٿي ته ڀڄندو سمنڊ ڏي ـ جي پاڻي چڙھيو ته ھلڻ بند ڪندو، پر سانوڻ آيو ته بلڪل ڪين ترسندو، ھليو ويندو سمنڊ ڏي ـ چون ٿا ته پَلو درياھه ۾ واري کائيندو آھي،“ ھُو پنھنجي مُشاھدن ۽ معلومات آڌار لکي ٿو ـ
پَلي جا ٽي قسم ٿين ـ ھڪ کِيرو، ٻيو آنيارو ۽ ٽيون کس يا خس ـ سواد ۾ پھرين نمبر تي کِيرو پلو، پوءِ کس جنھن ۾ ننڍي آني ٿئي ۽ ٽئين نمبر تي آنيارو، جنھن ۾ وڏي آني ٿئي پر سواد ٻين پلن جي ڀيٽ ۾ ڪجھه گھٽ ـ سندس آني وري ڏاڍي سوادي ٿئي ٿي ـ پَلو ڪُنڍيءَ سان ڪين مري ـ ان کي ڦاسائڻ جا به ٽي طريقا آھن ـ ھڪ سَنڌِ، ٻيو ڀَنُ ۽ ٽيون رَڇُ ـ سَنڌِ ھڪ پندرھن فُٽ ڊگھي بانس جي لٺ ٿئي ٿي جنھن جي ھيٺان سَنڀَ (ڄار) ٻڌل ھوندي آھي ـ ڄار ۾ ٻه ڳوٿريون ٿين ۽ پَلي جي شڪاري مُھاڻن کي سڏين گھاتُو، جن کي ھيٺان ماٽيون ھونديون آھن ۽ اھي پيٽ ڀر لھوارا ترندا ويندا آھن ـ گھاتُو سِير وٺيو پيو ويندو ته پَلو، جيڪو اوڀارو گوليءَ وانگي ڇوھو پيو ايندو، سو ڌُو وڃي سَنڀ يعني ڄار ۾ پوندو ـ گھاتُو پوءِ ان کي سُوئو ھڻي ماٽيءَ ۾ وجھندس يا ڏور ۾ نٿي ڇڏيندس ـ ڪوٽڙيءَ توڙي گِدوءَ واري پاسي رھندڙ جھونن کي پُل تان ڏٺل اھي منظر اڃان به ياد ھوندا ـ چوندا آھن ته سمنڊ کان درياھه جي سِير ۾ ھلندي ڪوٽڙيءَ تائين پھچندي پَلو پنھنجي اصل رس ۾ اچي ٿو جنھن جي سواد سان لاڙو پلي جو ڪو مقابلو ئي ناھي ـ

پَلي جي شڪار جو ٻيو طريقو آھي ڀَنُ يعني وڏو ڄار ۽ ٽيون طريقو رَڇُ يعني ننڍو ڄار، جن کي مُھاڻا مخصوص ماڳن تي پَلو ڦاسائڻ لاءِ لسي پٽ تي وڇائي ڇڏيندا آھن ـ مُھاڻن کي پَلن جا ماڳ ساريل ھوندا ھئا ـ ماڳ تي ڄار وڇايل ھوندو ته پَلو به ڦاسندو، نه ته نه ـ وري جيڪڏھن ھڪ ڳوڙھو يا ٽولو لنگھي ويو ته جيسين ٻيو اچي، تيسين پَلو گھڻو ڪونه ڦاسندو ـ پَلي جي سواد، سڻڀ ۽ شڪار جي طريقن تي نه رُڳو پرمانند پر ايڇ ٽي سورلي پنھنجي تيار ڪيل سنڌ گزيٽيئر (1959) ۾ توڙي ٻين انگريز آفيسرن به تفصيل سان لکيو آھي ـ
اسان جا مُھاڻا به ڏاڍا وھمي ۽ عقيدي پرست آھن ـ چون ٿا ته اڳي ڪي ھٿ ٺوڪيا فقير مُھاڻن جي توھم پرستيءَ جو فائدو وٺي ڪمائي ڪندا ھئا ـ اھي مُھاڻن کي چوندا ھئا ته پَلو سندن ڏوريءَ ۾ ٻڌل آھي ۽ ويچارا مُھاڻا کين خرچي پاڻي ڪرائي کانئن خاڪ وٺي درياھه ۾ اُڇلائيندا ھئا ۽ عجيب ڳالھه ته پَلوشڪار ڪرڻ جو ڏينھن به فقير مقرر ڪندا ھئا ـ
جيئن ته پَلو سکر تائين وڃي موٽ کائي ٿو تنھنڪري مُھاڻن جو ٻيو عقيدو ھو ته اھو روھڙيءَ سامھون سنڌوءَ ۾ خواجا خضر (خضر پِير)، جنھن کي زندھه پِير به سڏن، جي ياترا تي اچي ٿو ـ پَلن جو ڪو ٽولو جيڪو سنڌوءَ ۾ سڀ کان پھرين گھڙي ٿو، تنھن لاءِ وري چوندا ھئا ته اھو لعل شھباز جي زيارت لاءِ اچي ٿو ۽ ان تي نالو ئي ”شھبازي ڳوڙھو“ وجھي ڇڏين ـ
خضر پِير لاءِ به مختلف روايتون مشھور رھيون آھن ـ انگريز ليکڪ جَي ائبٽ J. Abbott پنھنجي 1924 ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڇپرايل ڪتاب Sindh – Re-interpretation of unhappy valley ۾ لکي ٿو ته ھڪ روايت موجب ھڪ واپاري شاھه حسين خضر پِير جو مقبرو انھيءَ ھنڌ تعمير ڪرايو جتي ھڪ ڏياٽي پئي ٻرندي ھئي ـ ٻيءَ روايت موجب ھڪ ريڍار رات جو پري کان روشني ڏٺي ته سمجھيائين ته ڪن مسافرن باھه ٻاري ھوندي ـ ھن پنھنجي زال کي اوڏانھن ٽانڊو کڻي اچڻ لاءِ موڪليو پر جيئن ھوءَ اڳتي وئي تيئن روشني پري ٿيندي وئي ـ نيٺ ريڍار پاڻ به روشنيءَ ڏانھن وڌندو ويو ۽ روشني پري ٿيندي وئي ـ اھو لقاءُ ڏسي ريڍار اُتي مزار ٺاھي پاڻ ان جو مُجاور ٿي ويھي رھيو ـ چون ٿا ته اُتي باھه ڏينھن رات ٻرندي رھي ٿي ـ ائبٽ موجب توھم پرست عورتون روزانو شام جو چانور، کنڊ ۽ گُل درياھه ۾ اُڇلائي خضر پِير کي ڀيٽا پيش ڪنديون آھن ۽ ھندو ڌرم جا ماڻھو ويشنو ھوندي به ھر جمعي تي مڇي کائن ٿا جڏھن ته پُٽ ڄمڻ تي اھي ٻيڙين ۾ ڏيئا ٻاري خضر پِير جي مقبري تي اچن ٿا ـ
ائبٽ لکي ٿو ته ماڻھو سنڌوءَ جي ڊالفن مڇيءَ کي عام طور خضر پِير يا پاڻيءَ جو ديوتا سمجھن ٿا ۽ سندن عقيدي موجب پَلو سمنڊ مان نڪري سکر تائين رُڳو خواجا خضر جي زيارت لاءِ ايندو آھي ـ ساڳي روايت ھڪ ٻئي انگريز ليکڪ ٽِي پوسٽنس T. Postans به 1843 ۾ پنھنجي ڪتاب Personal Observations on Sindh ۾ بيان ڪئي آھي ـ پوسٽنس پَلي جي سواد بابت لکي ٿو ته سنڌوءَ ۾ سورھن قسمن جون مڇيون ملن ٿيون پر انھن سڀني ۾ پَلو تمام بھترين آھي جنھن ۾ سڻڀ به ڏاڍو ھوندو آھي ـ ايئن ئي سنڌ جي حوالي سان انگريزن جي لکيل ڪنھن به ڪتاب کي کولبو ته ان ۾ پَلي جو ذڪر ملندو ـ مثال طور آر ھِيوز ٿامس R. Hughes Thomas پنھنجي 1837 ۾ لکيل ڪتاب Memoirs on Sindh ۾ ليفٽيننٽ ٽِي جِي ڪارليس T. G. Carless جي رپورٽ Delta of the Indus شامل ڪئي آھي جنھن ۾ ھُو ٻڌائي ٿو ته سنڌوءَ ۾ پَلو تمام جھجھو ملي ٿو جيڪو نھايت سوادي ھوندو آھي ۽ منجھس ايترو ته سڻڀ آھي جو ڪي ماڻھو ته کائي به ڪونه سگھن ـ ايڊورڊ پئٽرسن ڊيل ھوسٽ Edward Paterson Del Hoste سال 1832 ۾ لکيل ڪتاب Observing Sindh ۾ ٻڍائي ٿو ته پَلو اپريل، مئي ۽ جُون ۾ شڪار ٿئي ٿو ۽ سنڌوءَ کانسواءِ دنيا جي ڪنھن ٻئي درياھه ۾ ڪونه ٿو ملي ـ ھڪ ٻئي ڪتاب Story of Sindh 1843- 1933 ۾ به ليکڪ آر ڊي چوڪسي R. D. Choksey سنڌوءَ ۾ جھجھي تعداد ۾ پَلي جي ھجڻ جو ذڪر ڪندي ان جي سڻڀ واري خاصيت بيان ڪري ٿو ـ
جنوري 1839 ۾ ھڪ انگريز آفيسر سان سنڌ جي دوري تي آيل گجراتي منشي لُطف الله پنھنجي سفرنامي ”سنڌ جو سفر“ ۾ لکي ٿو ته مڪليءَ تي اھو نالو ھڪ مُھاڻي عورت جي نالي پٺيان پيو جيڪا ڪنھن زماني ۾ اُتي مڇين ۽ پلن جو ڪاروبار ڪندي ھئي ـ سندس چوڻ موجب فبروريءَ ۾ درياھه چڙھڻ شروع ڪندو آھي جنھن ۾ پاڻي لُڙاٽيل ھوندو آھي ۽ ان وقت جيڪڏھن پَلو کائي درياھه جو لُڙاٽيل پاڻي پيئبو ته سُوري ٿي پوندي ـ يڊورڊ آرچر لئنگلي Edward Archer Langley به 1860 ۾ لکيل ڪتاب Narrative of Residence at the Court of Mir Ali Moorad ۾ پَلي جو ذڪر ڪيو آھي جڏھن ته اِي بِي اِيسٽ وِڪ E. B. Eastwick سال 1849 ۾ لکيل ڪتاب A Glance at Sindh Before Napier ۾ پَلي جو ذڪر ڪندي خيال ڏيکاريو آھي ته ھندستان جي تيلوگو ٻوليءَ ۾ ”پليوارو“ مُھاڻي کي چوندا آھن ـ ھُو سوال اُٿاري ٿو ته ڇا ان لفظ جو سنڌ جي پَلي سان تعلق آھي ـ
ايڇ ٽي سورلي جي گزيٽيئر مطابق پَلو فبروري، مارچ ۽ اپريل ۾ سنڌوءَ ڏانھن سفر جاري رکندو آھي جنھن کانپوءِ روزانو وڏي تعداد ۾ انھن جو شڪار ٿئي ٿو ۽ اھي امير توڙي غريب ماڻھن جو کاڄ بڻجن ٿا ـ ”پَلي ۾ تمام گھڻا ڪنڊا ھجڻ جي باوجود اھو ايترو ته سوادي آھي جو سڄي اوڀر ۾ مشھور آھي ۽ سنڌ ۾ به نه رُڳو مقامي پر يورپي ماڻھو به وڏي شوق سان کائين ٿا،“ سورلي لکي ٿو ـ ”پَلو سنڌ جي سُڃاڻپ ۽ آرام سان کائڻ جي شئي آھي ـ جيڪڏھن ڪنھن جي گاڏي ڇُٽڻ واري آھي ته اُھو پَلو نه کائي سگھندو ـ پَلي ۾ سڻڀ به گھڻو ٿئي ٿو ـ تازو پَلو وڌيڪ مزيدار ٿئي ٿو ـ ان کي لوڻ ٻُرڪي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو پر ان سان پَلي جو اصل سواد گھٽجيو وڃي ـ سمنڊ ۾ واپس ويل پَلي ۾ به اھو ذائقو نٿو رھي،“ ھُو لکي ٿو ـ
سنڌ جي پَلي جي ايتري ته ھاڪ رھي آھي جو نه رُڳو ھتان جا حڪمران وڏي شوق سان کائيندا ھئا، پر اھو وچ اوڀر جي ملڪن جي بادشاھن جي دسترخوانن جي زينت به بڻبو ھو ـ رچرڊ ايف برٽن Richard F. Burton سال 1877 ۾ لکيل ڪتاب Sindh Revisited ۾ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا سمه حڪمران جيتوڻيڪ ٿر واري پاسي رھندا ھئا پر سندن طعامن ۾ پَلو ۽ بِھه ضرور شامل ھوندا ھئا ـ ڪراچيءَ جي ھڪ ليکڪ سھيل ظھير لاريءَ پنھنجي ڪتاب History of Sindh ۾ تاريخي حوالا ڏيندي لکيو آھي ته سلطان محمد شاھه تغلق 1351 عيسويءَ ۾ سنڌ جي ٺٽي پرڳڻي ۾ سومرا حڪمرانن وٽ پناھه ورتي ـ ھُو سونڊا ويجھو سنڌوءَ ۾ ھڪ شاھي ٻيڙي ۾ رھيل ھو، جتي 10 مُحرم تي عاشوري وارو روزو پَلو کائي کوليائين ته بيمار ٿي پيو ۽ 21 مُحرم 752 ھجري بمطابق 20 مارچ 1351 تي فوت ٿي ويو ـ
تاريخن ۾ سنڌ جي سُڃاڻپ بڻيل پَلو اڄ ڄڻ ته جلاوطن آھي ـ سنڌواسي، ۽ خود سنڌو ندي پَلي لاءِ واجھائي رھيا آھن ۽ درياھه جي لُڙاٽيل مٺي پاڻيءَ جو اُڃايل پَلو سمنڊ ۾ سنڌوءَ جي ڊيلٽا وٽ ان انتظار ۾ آھي ته ڪڏھن ٿو درياھه ۾ پاڻي اچي ۽ ڪڏھن کيس وري سِيرن سان مقابلو ڪري پنھنجي ڪاراڻ ڌوئي، چانديءَ جھڙو اڇو اُجرو ٿي اصل رس ۾ اچڻ جو موقعو ملي ـ
_______________
نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر اِن چيف آھي