Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌُو سڀيتا جي گمنام ٻولي

سنڌُو ماٿري جي ٻولي اڃا تائين گمنامي جي اوندھ ۾ آهي. جڏهن سنڌُو لکت  معياري نموني سان پڙهجي ويندي، تڏهن سنڌُو ماٿريءَ جي ٻولي به ظاهر ٿي ويندي

سنڌُو سڀيتا 8000 سال پراڻي آهي. ان راءِ جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌُو سڀيتا جي ٻولي به ايتري ئي قديم آهي، جيتري سنڌ ۽ ان جي سڀيتا

عزيز ڪنگراڻي

دنيا جي ماهرن جي موجوده تحقيق موجب  سنڌُو سڀيتا 8000 سال پراڻي آهي. ان راءِ جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌُو سڀيتا جي ٻولي به ايتري ئي قديم آهي، جيتري سنڌ ۽ ان جي سڀيتا، پر اڄ تائين اها ٻولي گمنام آهي. دنيا جا ماهر ان ٻوليءَ کي پڙهڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر انهن جون ڪوششون ناڪام رهيون آهن.

سڄي دنيا جي ماهرن سنڌُو سڀيتا جي ٻولي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهن کي اڃا تائين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي آهي.  سنڌُو سڀيتا جي ٻولي جي لکت وڏي انگ ۾ هڙپا ۽ موهن جي دڙي مان ملي آهي. اها لکت 1922ع کان اڄ تائين گمنامي جي ور چڙهيل آهي.

سنڌُو سڀيتا جي ٻولي، خاص طور موهن جي دڙي جي ٻولي، ڪهڙي ٻولي هئي جنهن جي لکت سنڌُو لکت جي صورت ۾ هئي؟ سا اڄ تائين هڪ معمو بڻيل آهي. آسڪو پارپولا ۽ ٻيا ماهر موهن جي دڙي مان ملندڙ مُهرن تي لکيل لکت جي بنياد تي پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ انهي لکت جي ارتقا تي بحث ڪيو آهي. هو لکن ٿا ته جيئن ته سنڌُو ماٿري جي سڀيتا ارتقائي مرحلن مان گذري، تيئن ان جي لکت يعني سنڌُو لکت به ارتقائي مرحلا طئي ڪيا هئا. آسڪو پارپولا مطابق سنڌُو ماٿري جي لکت 7000 سال اڳ ارتقائي مرحلن مان گذري، 2500 ق.م. کان 1900 ق.م. تائين عروج کي پهتي.

گهڻا ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته سنڌُو ماٿري جا ماڻهو دراوڙ هئا ۽ انهن جون ٻوليون به دراوڙي هيون. سنڌُو ماٿري ۾ انهيءَ وقت دراوڙي ٻوليون ڳالهايون وينديو هيون ۽ سنڌُو لکت انهن مان ڪنهن وڏي دراوڙي ٻوليءَ جو تحريری نظام هو. اڄوڪي ڀارت جوم ڪي دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون ان کي پنهنجي ٻوليءَ جو تحريري نظام قرار ڏين ٿيون. سنڌُو لکت پڙهڻ لاءِ تامل ناڊو جي وزيراعليٰ طرفان رکيل انعام جو مقصد به اهو ئي لڳي ٿو ته سنڌُو لکت کي تامل جي تحرير ثابت ڪيو وڃي. جڏهن ته هندستان جي ٻين دراوڙي ٻولين سان گڏ سنڌي ۽ براهوي دانشور سنڌُو لکت کي پنهنجي ٻولين جو تحريري نظام سمجهن ٿا.

جڏهن سنڌُو ماٿري جي تهذيب 1900 ق.م. ۾ اوچتو گُم ٿي ته ان جي ٻولي ۽ لکت به گم ٿي وئي. ان گمنامي کي آرين وڌيڪ وڌايو ۽ ان جي سڃاڻپ کي ميسارڻ جي اڻ سڌي طرح ڪوشش ڪئي. آرين 1700 يا 1500 ق.م. ۾ گروهن جي صورت ۾ سنڌُو ماٿري ۾ داخل ٿيا. هنن مقامي دراوڙن کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جي زمينن تي قبضو ڪيو، انهن جي واپار کي تباهه ڪيو، مٿن ڳرا ٽيڪس لڳايا، ۽ کين گهٽ سمجھيو.

ممڪن آهي ته آرين جي ظلم ۽ قبضي جي ڪري دراوڙ ماڻهن جي لکت گم ٿي وئي. ان سبب جي ڪري، سنڌُو ماٿري جي دراوڙن جو پنهنجن نسلن يا ٻولين سان تاريخي تسلسل نه رهيو. تنهنڪري سنڌُو سڀيتا جي ٻولي يا تحرير اڄ تائين گمنام آهي. ڪي دراوڙ قومون سنڌُو ماٿري ڇڏي ڀارت جي ٻين علائقن ۾ وڃي آباد ٿيون، جڏھن ته براھوئي ويجهي علائقي جي جبلن ۾ رهجي وئي.

آرين ويدڪ ڪلچر آندو. ويد زباني طور بيان ڪيا ويا، جيڪي صدين تائين سينه بہ سينه منتقل ٿيندا رهيا. سڀني کان پراڻو ويد “رگ ويد” آهي، جيڪو 1500 ق.م. کان 1300 ق.م. جي وچ ۾ چيو ويو، ۽ لکت جي صورت ۾ 300 ق.م. کان 200 ق.م. ۾ آيو. رگ ويد سنسڪرت ۾ آهي، جيڪا آرين جي ٻولي هئي. آريا ئي سنسڪرت جا تخليقڪار هئا، ۽ پوءِ اها پنڊتن، راجائن ۽ درٻارن جي ٻولي بڻجي وئي.

سنسڪرت جي ڪن حامين جو خيال آهي ته سنڌُو ماٿري جي گمنام ٻوليءَ جو تعلق سنسڪرت سان آهي، پر هي راءِ بي بنياد آهي. جيڪڏهن اهڙو تعلق هجي ها ته سنڌُو لکت اڄ تائين پڙهجي چڪي هجي ها. اهم ڳالهه اها آهي ته سنسڪرت جو پاڻ وٽ ڪو قبيلو يا قوم نه آهي. تاريخي طور ثابت آهي ته سنسڪرت وٽ پنھنجو ڪو تحريري نظام نه رهيو آهي. اها برهمي يا ٻِي ڪنهن لِپِي ۾ لکبي هئي.

جيڪڏهن ويدڪ دور ۾ سنسڪرت جو تحريري نظام هجي ها ته ويد زباني نه پر لکت ۾ هجن ها. ويد، 200 ق.م. بجاءِ ويدڪ دور ۾ لکجن ها. ڪي ماهر سنڌُو لکت  کي برهمي سان جوڙيندا آهن، پر جيڪڏهن اهو صحيح هجي ها ته سنڌو لکت  پڙهي وئي هجي ها. انهن مفروضن کي آسڪو پارپولا ۽ جوناٿن مارڪ ڪينائر به رد ڪيو آهي.

مشهور محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر سراج الحق ميمڻ جو خيال آهي ته سنڌي ٻولي جو تعلق سنڌُو ماٿري جي ٻوليءَ سان آهي. هو چوي ٿو ته سنڌي دراوڙن جي ٻولي آهي، جنهن جو هند-آريائي ٻولين سان ڪو تعلق نه هو، بلڪه اها پروٽو دراوڙي ٻولي آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ويدڪ دور جي “پڻي” ۽ “فنيقي” تحريري نظامن جو تعلق به سنڌُو لکت  سان آهي. اهي ماڻهو سنڌُو ماٿري جا واپاري هئا.

مان ٻن سببن جي بنياد تي سراج ميمڻ جي ڳالهه جي تائيد ڪريان ٿو:

1. ماهرن موجب، رگ ويد ۾ ڪجھ اهڙا لفظ شامل آهن، جيڪي ٻين ٻولين مان “اڌارا” ورتا ويا آهن، ۽ انهن جو تعلق سنڌي ٻوليءَ سان آهي. مثال طور “ڪِري” (پرهيز)، “ڪِرڙ” (هڪ وڻ)، “ڏنڊو” (لٺ)، ۽ “ڪاڻو” (هڪ اک کان انڌو، جيڪو پروٽو دراوڙي لفظ آهي). اهڙن لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته:

*سنڌي ٻولي ويدڪ دور ۾ سنسڪرت کان الڳ موجود هئي.

*سنڌي ٻولي جو تعلق سنڌُو ماٿري جي ٻولي سان هو، جنهن آرين ميساري ڇڏيو.

*سنڌي دراوڙي ٻولي آهي، ان مان سنسڪرت لفظ کنيا.

2. مون دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي کيرٿر جبلن مان پٿرن تي سنڌُو لکت جون اُڪريل علامتون دريافت ڪيون آهن، جن بابت منهنجن ڪتابن “Indus Script in Stones”، “پٿرن تي سنڌُو لکت” ۽ “Sindhi language and Sindhu Script script” ۾ شامل  آهن. اهو علائقو موهن جي دڙي کان تقريبن 200 ڪلوميٽر پري آهي. اتي 700ع جي لڳ ڀڳ سنسڪرت سان گڏ پالي، برهمي، ۽ خروشتي تحريرون به مليون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي کان ٻاهر به سنڌي ٻولي ۽ سنڌُو لکت  موجود هئي.

ويدڪ دور ۾ سنڌي ٻولي جو موجود هجڻ ۽ سنڌ جي جبلن تي سنڌُو لکت جي ملڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿري جي گمنام ٻوليءَ جو تعلق سنڌي سان هوندو، پر اڃا تائين اها ڳالھ تحقيق طلب آهي. جيڪڏهن سنڌُوءَ لکت پڙهجي وئي ته  سنڌُو ماٿري جي ٻولي گمنامي مان نڪري ايندي، ۽ ممڪن آهي ته اها موجوده سنڌي ٻولي هجي، جيڪا هن وقت هند-آريائي گروھ ۾ شمار ٿئي ٿي، ان کي دراوڙي ٻولين ۾ شامل ڪري سگهجي.

گمنامي جا سبب

*ماهرن مطابق، مهرن تي مليل سنڌُو لکت جون لکتون مختصر علامتن تي مشتمل آهن.جيڪڏهن هي تحريرون سمير، ميسوپوٽيميا يا مصر جي علامتي تحريرن جيان ڊگهيون هجن ها يا ٽن ٻولين(Trilinguial) ۾ هجن ها ته انهن کي سمجهڻ آسان هجي ها، ڇو ته ڊگهي تحريرن مان آوازن ۽ لفظن يا اکرن جي ورجاءُ يا ٽن ٻولين ۾ لکت هجڻ جي بنياد تي پڙهڻ ممڪن ٿئي ها.

*جيڪڏهن سنڌُو لکت ٻن ٻولين ۾ (Bilingual) ملي ها ته به پڙهجڻ ممڪن ٿئي ها. جيئن دور جي سڪن تي برهمي ۽ خروشتي لکتون آهي. برهمي جي ڪري خروشتي پڙهجي وئي.

*سنڌُو ماٿري جي اها ٻولي جنهن جي سنڌُو لکت آهي سا اڄ تائين گمنام آهي. جيڪڏهن انهيءَ ٻوليءَ جو ڳانڍاپو ملي ها ته سنڌُو لکت پڙهجي وڃي ها.

انهن سڀني سببن جي ڪري سنڌُو ماٿري جي ٻولي اڃا تائين گمنامي جي اوندھ ۾ آهي. جڏهن سنڌُو لکت  معياري نموني سان پڙهجي ويندي، تڏهن سنڌُو ماٿري جي ٻولي به ظاهر ٿي ويندي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت جي سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي.

______________

عزيز ڪنگراڻي ھڪ اينٿروپولاجسٽ، محقق ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button