Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

11 ڊسمبر 1954ع، جڏھن غدار اسيمبلي ميمبرن سنڌ جي وحدت تي وار جو ساٿ ڏنو

ھيءُ اھو ڏينھن ھو جڏھن ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو تہ 110 ميمبرن مان 98 غدار ميمبرن انھيءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو

ون يونٽ خلاف تحريڪ ثابت ڪيو تہ سنڌ کي ختم ڪرڻ وارا گهڻا ئي آيا پر سنڌي قوم پنهنجي پنھنجي وطن، ڌرتيءَ ۽ پنھنجي سڃاڻپ ۽ وجود جي بقا لاءِ لاءِ هر دور ۾ وڙھي آھي

ھاڻي ھڪ ڀيرو وري اھڙيون شيطاني سازشون سٽجي رھيون آھن پر سازشي قوتن کي ياد رکڻ گھرجي تہ سنڌي قوم ھاڻي اڳي کان وڌيڪ سخت مزاحمت ڪندي.   

نصير اعجاز

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، فڪر، آزادي ۽ پنهنجي الڳ قومي وجود جي ڪري سڃاتي ويندڙ ھن ڌرتيءَ سان ھن ملڪ اندر رياستي سطح تي سياسي جبر، تاريخي ناانصافيون ۽ انتظامي مُداخلتون ڪيون ويون آھن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ قومي شعور کي جنجھوڙي وجهندڙ ڏاڍ ”ون يونٽ“ هو. هيءُ فيصلو ظاھر ۾ تہ فقط انتظامي تبديلي هو، پر هڪ اهڙي رياستي حڪمت عملي هئي جنهن جو مقصد سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب جي تاريخي وحدتن کي زبردستيءَ ختم ڪري هڪ ”واحد صوبو“ ٺاھڻ  هو تہ جيئن اڳوڻي اوڀر پاڪستان (ھاڻي بنگلاديش) جي اڪثريتي صوبي کي سياسي اقتدار کان محروم رکجي، پر ٻين ننڍن صوبن جي وسيلن تي بہ مڪمل طور قبضو ڪري سگھجي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفاقي نظام کي متوازن رکڻ لاءِ ضروري ھو ته صوبن جي جدا سڃاڻپ، جاگرافيائي وحدت ۽ انتظامي خودمختياريءَ کي احترام ڏنو وڃي، پر ان جي ابتڙ ملڪ جي حڪمران ڌرين مرڪزيت ڏانهن وڌڻ جو فيصلو ڪيو.

اقتداري ڌرين جي شروع کان ڪوشش ھئي تہ اولھ پاڪستان ۾ آباديءَ جي لحاظ کان وڏي صوبي پنجاب جي غلبي کي ڪيئن  قائم ڪيو وڃي. ان پسمنظر ۾ ون يونٽ جو خيال سامهون آيو جنھن تحت سمورن اولهه وارن صوبن کي ختم ڪري هڪ واحد جُڙتو صوبو  اولھ پاڪستان وجود ۾ آندو ويو. 14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ باضابظا نموني قائم ڪيو ويو. هيءُ فيصلو عوامي مرضيءَ کانسواءِ، قومي وحدتن جي احساسن کي نظرانداز ڪري ورتو ويو.

سنڌ تاريخي طور هڪ جُدا قومي وحدت، الڳ ثقافت، الڳ ٻولي، پنهنجا ادارا ۽ سياسي تاريخ رکندڙ علائقو هو، ان لاءِ ون يونٽ هڪ سخت ڌڪ هو. سنڌ جي سُڄاڻ قيادت ۾ هن فيصلي خلاف وڏي بيچيني هئي، ۽ سائين جي ايم سيد جهڙا اڳواڻ تہ  ان کي سنڌ جي سڃاڻپ جو جنازو قرار ڏيندا رهيا.

پر افسوس ته جڏهن سنڌ اسيمبليءَ کان هن فيصلي بابت ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو، ان وقت سنڌ جي گهڻن ئي نمائندن رياستي دٻاءَ يا سياسي مفادن جي ڪري پنهنجي ڌرتيءَ جي مفادن بدران حڪومتي فيصلو قبول ڪيو.

اھو 11 ڊسمبر 1954ع جو ڏکوئيندڙ ڏينھن ھو جڏھن سنڌ اسيمبليءَ پنھنجي تاريخ جو ڪارو باب لکيو. ھيءُ اھو ڏينھن ھو جڏھن ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو ۽ 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته صرف چئن بهادر ميمبرن مخالفت ڪئي. ڪي ميمبر موڪل تي هئا، ڪيتريون سيٽون خالي هيون ۽ سڀ کان اهم ڳالهه تہ سنڌ جي قومي سڃاڻپ جو سڀ کان بلند آواز سائين جي ايم سيد ان وقت جيل ۾ بند ھو.

چار نالا سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکجن ٿا جن ٺھراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ۽ انھيءَ ڪري کين سنڌ جي تاريخ ۾ ”سنڌ جي غيرت جا چار آواز“ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. انھن غيرتمند ميمبرن عبدالحميد خان جتوئي ۽ غلام مصطفى خان ڀرڳڙي نمايان ھئا. انهن سياسي دٻاءُ، حڪومتي مصلحتن ۽ وقت جي سخت ماحول جي باوجود ضمير جي آواز تي ووٽ ڏنو.

 جن 98  ميمبرن جي تفصيلي فهرست تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهي، انهن مان گهڻا جاگيردار، قبائلي سردار، مذهبي اڳواڻ ۽ حڪومتي وفادار هئا، جن لاءِ پارٽي پاليسي يا مرڪزي حڪومتي دٻاءُ، سندن ضمير ۽ قومي مفاد کان وڌيڪ اهم ثابت ٿيو.

هيءُ اهو گهاءُ هو، جيڪو سنڌ اڄ به نه وساري سگهي آهي.

سنڌي عوام جي هڪ تاريخي مزاحمت

ون يونٽ جڏهن زبردستيءَ لاڳو ڪيو ويو ته سنڌ جي عوام، اديبن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ٿي. هن فيصلي خلاف تحريڪ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. شاگردن جلوس ڪڍيا، سياسي احتجاج ٿيا ۽  ليکڪن ۽ شاعرن بہ ڀرپور ڪردات ادا ڪيو.

شيخ اياز، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ۽ ٻين اڳواڻن هن تحريڪ ۾ سرواڻي ڪندي اھم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي ھيءَ قومي تحريڪ هن ڏاڍ خلاف هڪ علامتي جدوجهد بڻجي وئي.

ون يونٽ ھڪ اھڙي شيطاني سازش ھئي جنھن سان سنڌ جي الڳ سڃاڻپ ختم ڪئي وئي، سنڌ کي اولھ پاڪستان نالي سان هڪ مصنوعي صوبي ۾ گم ڪيو ويو، سرڪاري ادارن، تعليمي نصابن ۽ انتظامي اختيارن مان لفظ “سنڌ” کي ختم ڪيو ويو، سنڌ جا سمپورا وسيلا مرڪز جي قبضي ۾ ھليا ويا، سنڌ جا قدرتي وسيلا، بندرگاهه، زرعي آمدني ۽ صنعتي آمدني مرڪزيت هيٺ اچي ويا. سنڌ جي قومي آمدني ۽ ترقي جا منصوبا مرڪزيت جي نالي ۾ پنجاب ۾ جذب ٿيڻ لڳا. سنڌي ٻوليءَ جو استعمال گھٽايو ويو، سرڪاري ادارن ۾ اردو ۽ انگريزي کي ترجيح ڏني وئي.سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي نقصان پهتو ۽ سياسي محرومي وڌي وئي. سنڌ جا سمورا فيصلا مرڪزي حڪومت جي هٿ ۾ اچي ويا.

انھيءَ ڏاڍ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ قومي تحريڪون شروع ٿيون، جن جا اثر ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن تائين جاري رهيا. سنڌي عوام، شاگردن ۽ قومي اڳواڻن جي مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ نيٺ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو. سال 1970ع جي چونڊن کان اڳ جنرل يحيٰ خان ون يونٽ کي ختم ڪري صوبن کي انهن جي اصلي حيثيت ڏني.

سنڌ مقامي وحدت طور ٻيهر بحال ٿي  پر جيڪي زخم لڳا، جيڪي جانيون ويون ۽ جيڪا سڃاڻپ متاثر ٿي، اهي تاريخ جو حصو بڻجي ويون. اھوتاريخ جو اهڙو باب آھي جنهن قوم جي شعور کي جاڳايو. ون يونٽ سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ اھڙو ڪارو باب آهي جنھن کي سنڌي قوم ڪڏھن بہ ڪونہ وساريندي ڇو تہ انھيءَ سنڌي قوم کي شديد سياسي، ثقافتي ۽ معاشي نقصان پهچايو.

انھيءَ تحريڪ ثابت ڪيو تہ سنڌ کي ختم ڪرڻ وارا گهڻا ئي آيا پر سنڌي قوم پنهنجي پنھنجي وطن، ڌرتيءَ ۽ پنھنجي سڃاڻپ ۽ وجود جي بقا لاءِ لاءِ هر دور ۾ وڙھي آھي. ون يونٽ سنڌ ۽ سنڌين جي روح کي ايذائيو، پر ھنن پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، ۽ ڪاميابي ماڻي. ھاڻي ھڪ ڀيرو وري اھڙيون شيطاني سازشون سٽجي رھيون آھن پر سازشي قوتن کي ياد رکڻ گھرجي تہ سنڌي قوم ھاڻي اڳي کان وڌيڪ سخت مزاحمت ڪندي.  

_______________

تصويرون محترم علي شير ڪيريو جي فيس بُڪ وال تان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button