ڪالم

تنھنجيءَ غير موجودگيءَ سان گفتگو

ھي تصوير پڙهندڙن جي سمجھ لاءِ مصنوعي ذهانت ذريعي تيار ڪئي وئي آهي۔

آئون ڀانيان ٿو تہ پياري لياقت رضوي جو ھيءُ نثري نظمن جو مجموعو سنڌي ۾ تہ پنھنجي نوع جو انوکو مثال ضرور آھي، پر ٻين ٻولين ۾ بہ شايد اھڙي طرز جو ڪو مجموعو شايع ٿيو ھجي. مون گوگل تي ڪوشش ڪئي تہ انگريزي ٻولي ۾ اھڙي نموني جو ڪو مجموعو ملي پوي، پر افسوس تہ مون کي ناڪامي پلئہ پئي. ٿي سگھي ٿو منھنجي ڳولا ڪاڻياري ھجي. بھرحال گوگل جي ڳولا مان خبر پئي 19 صدي جي ھڪ انگريز شاعر الفريڊ لارڊ ٽينيسن پنھنجي نوجوان دوست آرٿر ھينري ھالام جي 22 سالن جي وھي ۾ اوچتي لاڏاڻي تي 3000 کن سٽن جو ھڪ طويل نظم  In Memoriam لکيو ھو، جيڪو پھريون ڀيرو 1850 ڌاري شايع ٿيو. يادرھي تہ ان کي جوڙڻ، لکڻ ۽ ايڊيٽنگ ۾ کيس 17 ورھيہ لڳا ھئا. بھرحال ڪافي شاعرن پنھنجي پيارن جي ياد ۾ انفرادع طور ٿوري تعداد ۾ نظم يا ماتمي گيت (Elegies) وغيرہ ضرور لکيا آھن. ۽ انھي وڇوڙي ورلاپ جي موضوع تي مختلف شاعرن جا گڏيل مجموعا بہ شايع ٿيل آھن.   

پياري لياقت سان منھنجي ڏيٺ ويٺ بہ عرفان جي معرفت ئي ٿي ھئي. اھو 1980 جو سال ھو، جڏھن آئون ۽ عرفان ھالاپراڻا جي ھاءِ اسڪول ۾ نائين درجي ۾ پڙھندا ھئاسين. ان زماني ۾ عرفان وک وڌايو پبليڪيشن جي نالي سان ھڪ اشاعتي ادارو قائم ڪري، ان پاران ھر ٻي يا ٽين مھيني رسالا شايع ڪرڻ شروع ڪيا ھئا. انھن رسالن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ھو پاڻ ھالا جي آس پاس قائم مختلف شھرن جي اسڪولن ۾ ويندو ھو. اھڙي ئي سلسلي ۾ ھو سڪرنڊ ويو ھو، جتي سائين منير شاھ يا ان جو ڀاءُ ان زماني ۾ سڪرنڊ ھاءِ اسڪول پڙھندا ھئا. انھن سان عرفان جو ناتو جڙيو ھو. جيئن لياقت پنھنجي مھاڳ ۾ لکيو آھي تہ عرفان جو ذڪر ھن فيض پيرزادي ۽ سائين منير شاھ جي واتئون ٻڌو ۽ کيس فيض پيرزادي ٽاسڪ ڏنو ھو تہ عرفان کي جساف جو ميمبر ڪيو وڃي. پنھنجي ٽاسڪ جي حوالي سان ھو ھالا پراڻا ۾ بہ آيو، پر پھريون ڀيرو عرفان سان سندس ملاقات نہ ٿي سگھي. اوھان سڀني کي معلوم آھي تہ ان زماني ۾ قومي تحريڪ پوري جوڀن تي ھئي ۽ ان وقت قومي تحريڪ ۾ لٺ بردار جٿن جي ڀيٽ ۾ پڙھاڪو طبقي وڌيڪ زور پئي ورتو. ڀانيان ٿو تہ پيارو عرفان ٻہ ٽي سال پوءِ ئي جساف ۾ شامل ٿيو، پر لياقت جي اثر ھيٺ آئون عرفان کان اڳ ئي جساف ۾ شامل ٿيو ھوس. بھرحال ان قصي کي اتي ٿا ڇڏيون.

انھيءَ سال عرفان سان ھالاڻي ۾ رھاڻ رچائي ويئي ھئي، جتي سائين سوز ھالائي جي سربراھي ۾ ڪافي ھالاپراڻا جا دوست عرفان سان گڏجي ويا ھئاسون. ان پروگرام کان ترت پوءِ ڪنھن ٻي موقعي تي آئون عرفان سان گڏجي نوشھروفيروز بہ ويو ھوس، جتي اسان لياقت جا مھمان ٿيا ھئاسون. شايد انھيءَ سال سائين نصير مرزا جي شاعري ڳٽڪي ”خوشبو جي سنگ سنگ“ جي مھورت بہ موري ۾ ٿي ھئي. اتي بہ سوز صاحب جي سربراھي ۾ عرفان ۽ آئون شامل ٿيا ھئاسون.

مون کي ياد آھي تہ ان زماني ۾ ئي ھڪ ڀيري لياقت ڪنھن سالياني امتحان جو پيپر ڏئي سڌو ھالاپراڻا پھتو ھو، شايد ٻئي ڏھاڙي ان جو ڪو ٻيو پيپر بہ ھو. آئون ان جي انھيءَ عمل تي پريشان يا حيران بہ ٿيو ھوس. ان کان پوءِ يا اڳ لياقت ھالاپراڻا ڪيترا ڀيرا آيو ھوندو، ان جو حساب بہ نٿو ڪري سگھجي. قصو ڪوتاھ آئون 1984 کان 1990 تائين نوڪري جي سلسلي ۾ گھڻي ڀاڱي ھالا پراڻا کان ٻاھر ئي رھيس. ٻئي پاسي ان زماني ۾ ئي عرفان قومي تحريڪ ۾ شامل ٿي چڪو ھو سو تنظيمي ڪمن ڪارين جي ڪري ھالاپراڻا کان اڪثر ٻاھر ھوندو. تنھن کان پوءِ شادي کان پوءِ ھو حيدرآباد ڏي لڏي ويو، تہ ھاڻي ھالاپراڻا ۾ عرفان جو اچڻ ھوا جي جهوٽي وانگر ھوندو ھو.

عرفان قومي تحريڪ جو اھم سرواڻ ٿي اڀريو. جيتري صلاحيتن جو ھو مالڪ ھو، اوتري نسبت سان کيس قومي تحريڪ ۾ حصو نہ پئي مليو. الٽو مٿس ايجنسين جي ماڻھو ھئڻ جا الزام بہ لڳندا ھئا. بھرحال آخري سالن ۾ ھن سان منھنجيون ملاقاتون تمام گھٽ ۽ ٿور وقتيون، سي بہ گھڻي ڀاڱي رستي ھلندي ٿينديون رھيون، تنھن ڪري ھن جي اندر جي اوٻر کي محسوس نہ ڪري سگھيس. البت عرفان سان جيڪا منھنجي آخري ملاقات سندس مرتئي کان اڳ ٿي ھئي، ان ۾ لياقت بہ ساڻس گڏجي ھالاپراڻا آيل ھو. اسان وک وڌايو پبليڪيشن جي آفيس جي ڀر واري ماڙي تي ويٺا ھئاسون. ان ڏينھن عرفان توڙي لياقت پنھنجي ڳالھ ٻولھ توڙي ورتاءَ ۾ مون کي سمجھ ۾ نہ آيا ھئا. آئون ڀانيان ٿو تہ اھو عرفان جو بحراني دور ھو. منھنجي خيال ۾، جيڪو مون پوءِ ٻڌو تہ، ھو ان زماني ۾ ئي ھڪ ٻي مُنڌ جي ناٽڪ کي حقيقت سمجھي ويٺو ھو ۽ اسان سڀني کي ڏھاڳ ڏيئي اسان کان ڏور ھليو ويو.

لياقت عرفان جي 4 آگسٽ 1991 تي ڪمھلي وڇوڙي کان وٺي سال 2024 تائين، 34 سالن ۾ ھڪ سو کان مٿي نظم عرفان جي حوالي سان لکيا آھن، جن مان ھن رڳو 91 نظمن کي سال 91 جي ڪري ئي ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آھي. ھن مجموعي جو پھريون نظم عرفان جي وفات جي ٻئي ڏينھن تي لکيل آھي. نظم موجب درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ وقت عرفان سان گڏ لياقت سميت ٻہ ٽي ٻيا دوست موقعي تي موجود ھئا. پر افسوس تہ اھي بہ عرفان کي آتم ھتيا ڪرڻ کان روڪي نہ سگھيا.

مجموعي ۾ شامل نظمن ۾ مختلف ڪيفتين ۽ لھجن جا پرتوا آھن، جيڪي وقت سان تبديل ٿيا آھن. پھرين نظمن ۾ ڏوراپا ۽ جذباتيت جا اولڙا گھڻا آھن، پر اڳتي وارن نظمن ۾ شڪايتون يا الزام گھٽجي ويا آھن. پوين نظمن کي پڙھي لڳي تو تہ لياقت ان وڇوڙي کي قبولي ورتو آھي. بھرحال لياقت جي نظمن ۾ نہ رڳو خيالن جي اڻت ۽ پيشڪش بيحد وڻندڙ آھي، پر تشبيھون ۽ استعارا بہ انوکي انداز ۾ ڪم آندا ويا آھن.

لياقت عرفان جي پھرئين ورسي تي عرفان کي ڏوراپو ٿو ڏئي تہ

۽ ان کان اڳ جو تنهنجي ورسي بہ تنهنجي سالگرھ جيان گذري وڃي

مان تو کان پڇڻ ٿو چاهيان تہ ڇا ڇالانگ کان پهريائين يا ان دوران

تو پنهنجي ان ڌيءُ لاءِ سوچيو

جيڪا اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ هئي

۽ تنهنجي فيصلي سان توکي ڏسڻ کان

جيڪا هميشه لاءِ محروم ٿيڻي هئي؟

4.8.1992

عرفان جي مرتئي کان ترت پوءِ لياقت ”آگسٽ جي آخر ۾“ نامي ھڪ نظم ۾ پنھنجي خودڪشي جي تاريخ ٿو ڏئي:

مان هالا ۽ نوشهري جي وچ ۾ قائم مفاصلي مان

هڪ اهڙي رسي ٺاهيان ٿو

جنهن سان مان پاڻ کي

آگسٽ جي آخر ۾ ڦاسي ڏيندسُ.

8.8.1991

نيٺ ھو ان مھيني ۾ خودڪشي جي ڪوشش بہ ڪري ٿو، پر ناڪام رھي ٿو. ان ناڪاميءَ جو ذڪر پنھنجي ھڪ نظم ڪندي لکي ٿو.

خودڪشيءَ کان پهريائين خط لکندڙ ماڻهون

مون کي موت جي نتيجن کان خوفزدھ لڳندا آهن

ليڪن تو بہ اها رسم قائم ڪري مون کي مجبور ڪيو آ

توڻي مان نہ موت کان ۽ نہ ئي ان جي نتيجن کان ڊڄان ٿو

پوءِ بہ هڪ خط ۽ هيءُ نظم لکي ڄڻ

مان پنهنجي خودڪشيءَ کي غير جانبدار بڻائڻ جي

هڪ ناڪام ڪوشش ڪيان ٿو

اٺاويھ نوڪٽامڊ گوريون منهنجي رت ۾ ڊوڙن ٿيون

۽ مان آخري ڀيرو اهڙن لفظن پويان ڊوڙان ٿو

جيڪي مون کي تو وٽ وٺي اچي سگھن

جيتوڻيڪ منهنجي خودڪشيءَ جو ڪارڻ تون ڪونھ آهين

پوءِ بھ زندگيءَ کي الوداع چوڻ کان اڳ

مان توکي موت وانگر چاهيان ٿو.

28.8.1991

عرفان جي مرتئي کان پوءِ ھن جي پھرئين سالگرھ تي لياقت لکي ٿو:

درياھُ ۽ مان مختلف زاوين کان

تو بابت غير حتمي نتيجن جو شڪار آهيون

پوءِ بہ محبت مون کي آٿت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي.

31.7.1992

عرفان جي مرتئي بعد ھن جي ٻي سالگرھ تي ھو وري بہ ڏوراپو ڏئي ٿو:

ننڊ اچڻ کان اڳ مان 1993 ع سال سان

تنهنجي شڪايت ڪيان ٿو ۽ مون کي ياد رهي ٿو تھ

تنهنجي خودڪشي تنهنجي فئمليءَ ۽ منهنجي لاءِ

تنهنجو سفاڪ ترين فيصلو آهي

تنهنجي فئمليءَ جي تھ خبر ڪونهي ليڪن

مان توکي محبت خاطر معاف ڪري ٿو ڇڏيان.

31.7.1993

جيئن مٿين مثالن مان واضح آھي تہ عرفان جي وڇوڙي کان ترت پوءِ لياقت ذھني طور ڊانوان ڊول رھيو پر ھو عرفان جي اٺاويھن سالگرھ تي اھو اعتراف ٿو ڪري ان پنھنجي زندگي جي نئين ابتدا ڪئي آھي:

تنهنجي اٺاويهين سالگرھ کي مان ٻڌايان ٿو تھ

مون پنهنجي پراڻي زندگيءَ سان نئين ابتدا ڪئي آهي

جنهن ۾ منهنجيون خوشيون نيون هونديون

جڏهن ته دک هالا پراڻا وانگرساڳيا پراڻا هوندا

تنهنجي سالگرھ اهو ڄاڻڻ بنان گذري وئي

تھ توکي مٽيءَ ۾ رهڻ اچي ويو آهي

۽ مون کي غم کي تازو رکڻ اچي ويو آهي.

31.7.1994

نيٺ ھو عرفان جي وڇوڙي کي مڪمل طرح قبولي، پنھنجي شادي کان پوءِ عرفان جي 29 سالگرھ تي ھو لکي ٿو تہ:

تنهنجي 29 هين سالگرھ مون کي ڀاڪر پائي

منهنجيءَ شاديءَ جي مبارڪ ڏئي ٿي

مان مگر مرڪي چپ رهان ٿو

منهنجي شديد خواهش ٿئي ٿي تھ

ڪاش! تون هجين هان تھ

مان تنهنجو تعارف پنهنجيءَ پتنيءَ سان ڪرايان هان

جيڪا تو وانگر هاڻي منهنجي زندگيءَ جو اٽوٽ انگ ٿي آهي.

31.7.1995

تنهنجي ٻارهين ورسيءَ جي ڏينهن کي شاهد بڻائي

مان خودڪشيءَ بابت پنهنجي خيالن تان دستبردار ٿو ٿيان

تبديل ٿيندڙ دنيا ۽ تبديل ٿيندڙ خيالن جي گھيري ۾

منهنجي دل مون کي اداسيءَ سان ٿي ڏسي

جڏهن تھ موت اسان جي جدائيءَ کي

ابدي طور تازي رکڻ ۾ ملوث آهي

ليڪن مان غم ۽ خوشيءَ کي ساڳيءَ دل ۾ سمائي

پنهنجي هجڻ تي حيران ٿيندو ٿو رهان.

4.8.2003

جيئن مون اڳ لکيو تہ ھي ٻولي جي استعمال جي ڪري دل لڀائيندڙ ۽ انوکا آھن. ڪي ٽڪرا پيش ڪري موڪلايون ٿا.

ايڪيهين صديءَ ۾ تنهنجي هيءَ پهرين سالگرھ آهي

جيڪا ويهين صديءَ ۾ تنھنجي سالگرھ وانگر توبنان آئي آهي

مگر مان اڄ خوش آهيان

ايڪيهين صديءَ جي ابتدا مهل مون سوچيو هو

درد ۽ خوشيءَ جو تقدير سان ڪو تعلق ڪونهي

اهو انساني چونڊ جو معاملو آهي

جيڪو درد چونڊيندو دکي رهندو

جيڪو خوشي چونڊيندو خوش رهندو

پوءِ مون اهو بھ سوچيو هو ته مون کي خوشي چونڊڻي آهي

۽ هاڻي مان خوشيءَ ۾ بھ خوش رهندو آهيان

۽ دک ۾ بھ خوش رهندو آهيان

ان ڪري تنهنجي 34 هين سالگرھ جو ڏينهن

مون سان ملي ٻارن جيان خوش ٿئي ٿو

جڏهن تھ تون منهنجيءَ دل جي قبر ۾ نون سالن جو

۽ مان هن سال ٽن ڌئين جو پيءُ ٿي وڃان ٿو

جيڪي اڃان ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون آهن

۽ مستقبل ۾ جن کي پيار ڪرڻ جي آزادي ورثي ۾ ملندي.

31.7.2000

دنيا توکي فراموشيءَ جي تاڪين ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي

ليڪن مون سان گڏ ڪجھ ماڻهن جي سار ۾

تون سدائين سرسبز وڻ وانگر رهڻو آهين.

31.7.2001

خوشيءَ سان غم ۾ ڦهلجي ويل مان

عام طرح سالگرھ سدائين مون لاءِ هڪ چتاءُ هوندي آهي

تھ منهنجي زندگيءَ جو هڪ سال کٽي ويو آهي

ليڪن تنهنجي سالگرھ دنيا جي اها واحد سالگرھ آهي

جنهن ۾ زندگيءَ جو هڪ سال ڪونھ ٿو کُٽي

موت جو هڪ سال وڌي ٿو وڃي

مون جڏهن اها ڳالھھ تنهنجيءَ سالگرھ سان ڪئي

تھ ان مون کي ايئن ڏٺو جيئن تون ڏسندو هيئن

۽ مان خوشيءَ سان غم ۾ ڦهلجي ويسُ.

31.7.2009

مان دوستيءَ جي ٽٽل تسبيح آهيان

جنهن کي جڏهن تو ٽوڙيو هو

تڏهن درياھ منهنجي دل کي پائي ويو هو

ذهن جي زمين ويران ٿي وئي هئي

۽ هڪ عام روزاني زندگيءَ جي کيڙيءَ ۾

تنهنجي ياد جو فصل تيار ٿي ويو هو

جنهن کي لڻڻ لاءِ نھ تون هئين

۽ نھ ئي وري مون اهو لڻيو هئو. 2.6.2014

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button