تعريف، تنقيد ۽ تربيت: اخلاقي تربيت سماج جي سڌاري جو پهريون ڏاڪو
تربيت وارو عمل تعريف ۽ تنقيد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انسان دوست عمل ثابت ٿيو آهي ۽ انساني زندگين کي تبديل ڪرڻ توڙي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي، انسان کي ”فرش“ کان کڻي ”عرش“ تي پهچائڻ ۾ مددگار رهيو آهي۔

حميد منگي
انسان، سدا کان مثبت ۽ منفي سوچن ۽ عملن جو مجموعو رهيو آهي، هو جتي سٺا ڪم ڪري تعريفون ميڙيندو رهيو آهي، اتي ڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي، تنقيدن جو نشانو به بڻجندو رهيو آهي۔ جڏهن ته ڪٿي ڪٿي ساڳيو ئي انسان تعريفن ۽ تنقيدن کان هٽي يا مٿانهون ٿي، پاڻ جهڙن انسانن جي تربيت ڪري، سندن منزلون آسان بڻائڻ ۾ مددگار به ٿيندو رهيو آهي۔ انسان جا اهي ٽئي عمل اڪثر بحث هيٺ ايندا رهيا آهن پر اهي بحث اڪثر منطقي انجام تائين پهچڻ بنا اڌورا ئي رهجي ويندا رهيا آهن۔ هاڻي به جڏهن پاڻ انهن ٽنهي عملن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا آهيون ته، ان مان اهو هرگز تاثر نه وٺڻ گهرجي ته پاڻ انهن عملن تي ڪو آخري بحث ڪري رهيا آهيون، پر ان بحث تي لکندي، سکندي، پڙهندي ۽ پڙهائيندي ٿورڙي اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون۔ هونئن به تعريف، تنقيد ۽ تربيت وارا ٽئي عمل انساني وجود سان وڏي عرصي کان لاڳاپيل رهيا آهن، اهي انجام تائين پهچندي پهچندي وڏو وقت وٺي سگهن ٿا۔
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو آهي ته، سٺيءَ سوچ وارا سندس تعريف ڪندي کيس همٿائيندا آهن، جيئن هو اڃان وڌيڪ يا لڳاتار بهتر ڪم ڪري، ٻين لاء آسانيون ۽ سهوليتون پيدا ڪندو رهي۔ انهيء سلسلي ۾ جيڪڏهن تنقيد واري لفظ جو جائزو وٺبو ته، اهو به ڪنهن خراب ۽ غلط عمل، ڪم يا لکت جو ردعمل ليکيو ويندو آهي۔ جڏهن ته انهن ٻنهي جي ڀيٽ ۾ وري تربيت وارو عمل انهن ٻنهي عملن جي ڀيٽ ۾ فائدو پهچائيندڙ عمل ليکيو ويندو آهي، جو اهو عمل انساني نسلن کي نقصانن کان بچائيندڙ به رهيو آهي ۽ ترقيء جو هڪ وڏو سبب به بڻجندو رهيو آهي۔ انهن جي وڌيڪ تشريح ڪجي ته، تربيت وارو عمل تعريف ۽ تنقيد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انسان دوست عمل ثابت ٿيو آهي ۽ انساني زندگين کي تبديل ڪرڻ توڙي ترقيء ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي، انسان کي ”فرش“ کان کڻي ”عرش“ تي پهچائڻ ۾ مددگار رهيو آهي۔
هتي تربيت واري عمل کي ٿوريء دير لاءِ پاسيرو رکي، رڳو انسان جي تعريفي ۽ تنقيدي عملن کي جاچينداسين ته، ٻنهي جا ڪجهه فائدا ۽ ڪجهه نقصان نظر ايندا۔ مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ جي هڪ ٻن ڀيرن کان وڌيڪ تعريف ٿيندي ته، ان ۾ غرور ۽ تڪبر به اچي ويندو آهي، ان حوالي سان هڪ ڄاڻ اها به ملي ٿي ته، اتفاق سان جيڪڏهن تعريف ۾ ٿوري به واڌ اچي ويندي آهي ته، اها خوشامد جي ذمري ۾ اچي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح تنقيد به مناسب حد تائين هوندي يا ٿيندي ته، ماڻهوء کان هضم به ڪرائي سگهجي ٿي پر، جيڪڏهن ان ۾ به واڌ ايندي ته، تنقيد هيٺ آيل ماڻهو اڪثر ڪري دل شڪستو، مايوس ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي پوندو آهي۔ جڏهن ته انهن ٻنهي يعني تعريف ۽ تنقيد جي ڀيٽ ۾ تربيت واري عمل ۾ انسان جو فائدو ئي هوندو آهي ۽ ان ۾ نقصان جو ڪوبه انديشو ناهي رهندو۔ جڏهن ته تعريف ۽ تنقيد جي ڀيٽ ۾ تربيت ڏيڻ يا وٺڻ سان، ماڻهو نه رڳو پاڻڀرا ٿي پوندا آهن پر ٻين جا ڀرجهلو به ٿيندا آهن۔ مطلب ته تربيت ڏيڻ وارو هجي يا وٺڻ وارو، ٻئي فائدي ۾ هوندا آهن۔
تربيت ڪرڻ واري جو فائدو اهو هوندو آهي ته، ٻئي جي تربيت ڪندي ڪندي جن شين يا ڪمن بابت انسان کي ڄاڻ ناهي هوندي، دير سوير هو ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري وٺندو آهي۔ پاڻ اڪثر ڏٺو ۽ ٻڌو هوندو ته استاد جڏهن ٻارن يا شاگردن جي تربيت ڪرڻ يا ڪلاس وٺڻ ويندا آهن ته اڳ ۾ تياري ڪري پوء ويندا آهن ۽ پڻ امڪاني طور تي ڪجهه جواب به سوچي ويندا آهن، جيئن پنهنجي پيشي يا شخصيت جو ڀرم رکي سگهن۔ جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ تربيت هيٺ رهندڙ ٻار يا شاگرد ڪجهه نيون ڳالهيون سکي، پاڻ جيڏن، پاڻ کان ننڍن يا سيکراٽن کي ٻڌائيندي ۽ سمجهائيندي من ئي من ۾ سرها ٿيندا آهن۔ مطلب ته انهن جي اندر ۾ هڪ قسم جي خود اعتمادي پيدا ٿيندي آهي، جيڪا اڳتي هلي سماج کي هڪ بهتر شخصيت ڏيڻ ۾ مددگار به ٿيندي آهي۔ پاڻ جيڪڏهن موجوده يا ويجهي ماضيء کان هٽي ڪري، اوائلي دورن ۾ انهن ٽنهي انساني عملن جي فائدن توڙي نقصانن جو جائزو وٺنداسين ته، پاڻ کي اها ڄاڻ به ملندي ته، اهي ٽئي انساني عمل، انسان جي شروعاتي شعوري دئور کان ٿيندا، موجوده وقت تائين هلندا پيا اچن۔
ڪو وقت هو، جڏهن دنيا ڪٽنبي، نسلي ۽ قومي سردارن، بادشاهن ۽ ويڙهاڪ شهنشاهن جي ضابطي هيٺ هئي، تنهن وقت جيڪي ماڻهو چڱو مڙسن، سردارن ۽ بادشاهن جون تعريفون ڪري ڌرتي ۽ آسمان هڪ ڪندا هئا، ته اهي انعامن اڪرامن سان نوازيا ويندا هئا، يعني ڪجهه ماڻهو تعريفي عمل کي استعمال ۾ آڻي، پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندا هئا۔ جڏهن ته افسوس سان اها به نشاندهي ڪري سگهجي ٿي ته، ساڳين ئي دورن ۾ معمولي کان معمولي تنقيد ڪندڙن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويندا رهيا، کين سزائن ۽ سختين سان منهن ڏيڻو پوندو هئو، جڏهن ته انهن ئي دورن ۾ اهڙن ماڻهن کي ديس نيڪاليون ملڻ کانسواء زهر جا پيالا به پيئڻا پوندا هئا۔ انهيء آڳاٽي دئور جي تاريخ جو وڌيڪ جائزو وٺبو ته، پاڻ کي اها به خبر پوندي ته، انسان جو تعريف وارو عمل انساني سماج جي ابتدائي شعور واري دور کان موجود رهيو آهي.
جڏهن انسان ڏور ماضيءَ ۾ قبيلائي زندگي گذاريندو هو، تڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ جي بهادري، سخاوت، شڪار يا ويڙهه جي مهارت، عقلي عمل يا ڪارناما ڏسي، ٻيا ماڻهو کيس ساراهڻ لاءِ، جهمريون هڻندا، ڳائيندا، تعريفي نظم لکندا يا سندس زباني ڪارناما بيان ڪندا هئا. اصل ۾ اهو تعريف جو ابتدائي روپ به هئو، گڏوگڏ ايمانداريء سان ان عمل جي ادائگي به ٿيندي هئي، مطلب ان عمل ۾ نه ته ڪا مصنوعيت هئي، نه منافقت لڪل هوندي هئي ۽ نه ئي خوشامدي خواهش جو ڪو ننڍڙو عنصر لڪل هوندو هو پر، ان ۾ گهڻو ڪري انسان جي دلي خوشيءَ جو اظهار هوندو هو۔ جڏهن اهو تعريفي عمل انساني ڪردارن جي مقبوليت جو سبب بڻجڻ لڳو، تڏهن ان وقت جي سماجن ۽ تهذيبن ۾ موجود سردارن توڙي بادشاهن پنهنجون ۽ ديوتائن جون تعريفون لکرائي، ڪتبن جي شڪل ۾ مخصوص هنڌن تي لڳرائي پنهنجين سردارين ۽ بادشاهتن کي ڊيگهه ڏيارڻ شروع ڪيو، جنهن جا ڪئي مثال آهن جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا۔
فرعون جيڪي پاڻ کي زميني خدا سڏائيندا هئا، اهي پنهنجي تعريف ۾ تحريرون لکرائي پنهنجن مڃيندڙن کان ڳارائيندا ۽ بيان ڪرائي ٻين کي ٻڌرائيندا هئا. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي وقت سان گڏ تعريفي عمل يا لکت، ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ورتي، نتيجي ۾ مختلف دورن جي شاعرن، پنهنجين شاعرين ۾ وقت جي حڪمرانن کي سورمو قرار ڏئي، سندن واکاڻ ڪئي. روم جڏهن اوج تي هو، ان دور ۾ به فاتحن ۽ حڪمرانن جي شان ۾ تقريرون ۽ شاعريون ٿينديون هيون. اهڙيون ڪجهه ثابتيون عرب سماج مان به ملن ٿيون، جن ۾ قبيلائي شاعر پنهنجن سردارن يا بهادر جوانن جون تعريفون ڪندا هئا، جيڪا شاعري بعد ۾ عربي ادب ۾ “مدح” جي نالي سان هڪ صنف بڻجي وئي. فارسي ۽ اردو ادب ۾ انهيء مدح، نعت ۽ منقبت جو وڏو ذخيرو موجود نظر ايندو. اسان جي سنڌي لوڪ ادب ۾ به ڪيترن ئي قصا گو ۽ شاعرن پنهنجي لکڻين ۽ شاعريءَ ۾ عشقيه ڪردارن جي تعريف ڪئي آهي.
اهڙيء طرح حڪمرانن جي خوشامد ڪرڻ به ڄڻ ته تعريف جي صورت اختيار ڪري ورتي ۽ درباري شاعر يا لکاري بادشاهن جي تعريف ڪري وڏا انعام ۽ جاگيرون حاصل ڪندا هئا. انساني سماجن جي شروعاتي وقتن ۾ تعريف وارو عمل حق تي ٻڌل هوندو هئو جيڪو بعد ۾ خوشامد يا مخصوص مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. حقيقت ۾ تعريف جو بنيادي مقصد ڪنهن جي سٺن عملن، بهادرين، اخلاقن يا ڪردارن کي ساراهڻ آهي. تاريخي لحاظ کان اهو انساني سماج جي اخلاقي، ادبي ۽ سياسي ارتقا سان جڙيل رهيو آهي، پر ساڳي ئي وقت، حقيقي تعريف ۽ خوشامد ۾ فرق سمجهڻ به ضروري آهي۔ تعريف سچ تي ٻڌل هجڻ تائين بهتر قدم هوندو آهي پر، اهو عمل جڏهن خوشامد جي سرحدن کي ڇهندو ۽ ڪنهن جي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ٿيندو آهي ته، اهو وڌاءُ تعريف نه پر خوشامد ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
تنقيد جي تاريخي پس منظر کي جاچبو ته ان مان اها ڄاڻ ملندي ته تنقيد وارو عمل به قبل مسيح کان اڳ جو آهي۔ ڪنهن خيال، سوچ، نظام يا عمل کي پرکڻ، سوال ڪرڻ توڙي خامين کي ظاهر ڪرڻ وارو عمل قديم يونان ۾ سقراط، افلاطون ۽ ارسطو واري دور کان شروع آهي (ٿي سگهي ٿو اهو تنقيدي عمل ان کان اڳ به هجي پر منهنجو علم محدود هجڻ ڪري وڌيڪ مثال نٿو ڏئي سگهان)۔ بهرحال سقراط سوالن ذريعي ماڻهن جي خيالن کي پرکيندو هو. جنهن طريقي کي سقراطي طريقو سڏيو وڃي ٿو. يورپ جي ايمانوئل ڪانٽ پنهنجي ڪتابن ۾ عقل جي تنقيد پيش ڪئي ۽ سوچ جي حدن کي واضح ڪيو. جڏهن ته ترقي پسند تحريڪ جي اڳواڻن ڪارل مارڪس ۽ اينگلس سرمائيداري نظام تي سخت تنقيدون ڪيون ۽ سماجي ڍانچن کي تاريخي نظر سان پرکيو. سندن خيال مطابق تنقيد کان سواءِ ڪو به معاشرو جمود جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته انهن جي نظر ۾ تنقيد يا تنقيدي عمل معاشرن ۾ تبديليءَ جو در کوليندا آهن.
تربيت بابت اوائلي ۽ تاريخي جائزو وٺبو ته، تربيت به انسان جي ذهني، اخلاقي ۽ عملي صلاحيتن جي سنوار ۽ سينگار ڪري ٿي. ڪنفيوشس اخلاقي تربيت کي سماج جي سڌاري جو پهريون بنياد قرار ڏنو. قديم يونان ۾ رياستون نوجوانن کي جسماني ۽ ذهني تربيت ڏينديون هيون. جڏهن ته ان کان گهڻو بعد ۽ خلافت راشده کانپوء اڪثر بنو اميه ۽ بنو عباسيه جي اسلامي دورن ۾ به مدرسن جو نظام لاڳو ڪيو ويو، جتي علمي ۽ ديني تربيت ڏني ويندي هئي. جڏهن ته جديد دور ۾ صنعتي انقلاب کانپوءِ اڪثر ملڪن ۾ اسڪولي نظام عام ٿيو. اقوام متحده جي نگرانيء هيٺ ڪم ڪندڙ يونيسڪو اداري، تعليم کي انسان جو عالمي حق قرار ڏنو. مطلب ته تربيت انساني تهذيب کي اڳتي وڌايو آهي. جنهن بابت وضاحت به ڏنل آهي ته جن نسلن ۽ قومن وٽ سٺي تربيت هوندي، اهي نسل ۽ قومون وڌيڪ ترقي ڪنديون.
اهڙيءَ طرح تعريف (واکاڻ)، تنقيد (درستگي) ۽ تربيت (سکيا) جو گڏيل نتيجو ڪڍبو ته، معني هيٺين ريت نڪرندي۔ تعريف علم جو بنياد آهي. تنقيد علم کي جيئرو رکي ٿي ۽ تربيت علم کي نسل در نسل اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. هاڻي اچون ٿا انهيءَ سوال طرف ته تعريف، تنقيد ۽ تربيت وارن ٽنهي عملن مان تاريخي لحاظ کان سڀ کان جهونو ۽ ڪارائتو انساني عمل ڪهڙو آهي؟ ته پاڻ کي ڄاڻ ملندي انساني ارتقا جي روشني ۾ تعريف، تنقيد جي ڀيٽ ۾ تربيت سڀ کان پراڻو عمل ۽ انساني تاريخ جي شروعاتي لکت کان به اڳ جو آهي۔ جڏهن لکڻ ۽ پڙهڻ جو دور شروع نه ٿيو هو، تڏهن به ان وقت جا وڏا يا سياڻا ماڻهو پنهنجن ٻارن ۽ نوجوانن کي شڪار ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ خطرن کان بچڻ جي لازمي تربيت ڏيندا هئا. سماجي قدر، ٻوليون، رسمون ۽ رواج اصل ۾ نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا آهن، جيڪي تربيت بنا ممڪن ئي ناهن.
انهيءَ سڄي بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته، تعريف ۽ تنقيد جي ڀيٽ ۾ تربيت وارو عمل، جيئن ته علم کان اڳ ئي موجود هو، تنهن ڪري تربيت فطري ۽ سڀ کان پراڻو عمل آهي. ڪنفيوشس تربيت کي سماج جو بنياد سمجهندو هئو، پر عملي تربيت ان کان به هزارين سال اڳ موجود هئي. جڏهن ته تعريف (واکاڻ) جو عمل تمام گهڻو پوءِ پيدا ٿيو، جڏهن انسان سوچڻ ۽ منطق ٺاهڻ شروع ڪيو، تڏهن شين کي نالا ڏيڻ ۽ حدبندي ڪرڻ شروع ڪئي. ارسطو باقاعده منطقي تعريف ۽ تنقيد جو نظام ترتيب ڏنو. پر ان کان اڳ به ٻوليءَ جي صورت ۾ ساديون تعريفون موجود هيون. اهڙيء طرح تنقيدي عمل سڀ کان آخر ۾ منظم صورت ۾ پيدا ٿيو۔ ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته، تنقيد تڏهن پيدا ٿي جڏهن سماج ۾ مختلف خيال، نظريا ۽ نظام پيدا ٿيا. سقراط سوال ڪرڻ جي روايت کي فلسفياڻي شڪل ڏني. پوءِ جديد دور ۾ ڪارل مارڪس ۽ ٻين مفڪرن سماجي نظامن تي منظم تنقيد ڪئي يعني تنقيد فڪري پختگيء کان پوءِ ظاهر ٿي.
نتيجي طور تي تعريف، تنقيد ۽ تربيت جي تاريخي ترتيب هينئن بيهي ٿي۔ تربيت سڀ کان جهونو (فطري ۽ حياتياتي) ضرورت وارو عمل آهي۔ تعريف شعور سان گڏ پيدا ٿيل عمل آهي ۽ تنقيد وري فڪري ارتقا کانپوءِ منظم صورت ۾ ظاهر ٿي۔ تنهنڪري تاريخي ۽ ارتقائي نظر سان ڏٺو وڃي ته ”تربيت“ سڀ کان پراڻو عمل آهي، ڇا پاڻ پوئين ٻنهي عملن يعني تعريف يا تنقيد تي وڌيڪ ڌيان ڏئي، تربيت واري اهم عمل کي ضايع ته نه ڪري رهيا آهيون؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوء اها انسانذات سان زيادتي آهي۔ انهيء سلسلي ۾ وڌيڪ بحث جي ضرورت آهي، مان سنڌ جي سمورن لکارين کي اپيل ٿو ڪيان ته ٿورو وقت هن اهم موضوع کي به ڏيو جيئن انسان کي درست دڳ ملي سگهي۔
____________

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو




سائين حميد منگي جنھن بہ موضوع تي لکي ٿو ، سو مفصل نمعوني سان لکي ٿو. .