Editor's pickMain Slideدنيا

سيئول کي عالمي ڪاروبار، ثقافت ۽ ميڊيا جو مرڪز بڻائڻ واري رِٿا جي شروعات

سيئول جي يونگسان انٽرنيشنل بزنس ڊسٽرڪٽ رِٿا جو پيڙھ پٿر 27 نومبر تي رکيو ويندو. 450000 چورس ميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل ھيءَ رِٿا 2030 تائين مڪمل ٿي ويندي، جنھن سان سيئول دنيا جي اول پنج مُکيہ شھرن جي فھرست ۾ شامل ٿي ويندو

لِي سانگ ڪِي

ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ۽ The AsiaN جو سِي اِي او

سيئول، ڏکڻ ڪوريا

سيئول جي يونگسان انٽرنيشنل بزنس ڊسٽرڪٽ (IBD)  واري رِٿا جو اعلان ٿين جي ارڙھين سال آخرڪار پيڙھ جو پٿر رکيو ويندو، جنھن جي تقريب 27 نومبر تي ٿي رھي آھي.

ھن اھم رِٿا جو مقصد يونگسان کي عالمي ڪاروبار، ثقافت ۽ ميڊيا جو مرڪز بڻائڻ آھي. ھيءَ رِٿا اٽڪل 450,000 چورس ميٽر ايراضيءَ تي پکڙيل ھوندي، ۽ سيول جي جديد شھري تاريخ جي سڀني کان وڏي  نئين ترقيءَ وارن منصوبن مان هڪ آهي.

ھن رِٿا جو اثر صرف يونگسان تائين محدود ناهي. جڏهن گوانگهو-سول اسٽيشن-يونگسان-هانگنگ ايوينيو ۽ پيادل-سبز محور نئمسان–يونگسان پارڪ–IBD کي مڪمل ڪيو ويندو ته سيول هڪ مربوط ميگا-ڪمپليڪس جي حيثيت حاصل ڪندو جنهن ۾ شهر جا اهم مرڪز ۽ هان نديءَ جو منظر ڳنڍيل ھوندا. هن گرانڊ ريماڊلنگ سان سيئول عالمي مقابلي واري سطح تائين بلند ٿيڻ جي اميد آهي.

سيئول جي ميئر ھٿان پيڙھ جو پٿر رکڻ واري تقريب 27 نومبر تي ٿيندي. ايندڙ سال جي پهرين اڌ ۾ ميئر زمين جي ورڇ ڪندو، ۽ 2028 جي پڇاڙيءَ تائين ضروري انفراسٽرڪچر مڪمل ٿي سگهندو. پرائيويٽ سيڪٽر جي شرڪت سان ڪاروباري ۽ رهائشي استعمال 2030 کان وٺي شروع ٿيندو.

IBD ٽن وڏن علائقن تي مشتمل آهي:

بين الاقوامي بزنس زون — واڌو ڪردار وارو تجارتي علائقو، 100 ماڙ وارا اسڪاءِ اسڪريپرز، ۽ گلوبل MICE سهولتون

بزنس-انڊسٽري پلازہ زون، بگ ڊيٽا ڪلسٽرز جيڪي يونگسان اليڪٽرانڪس ڊسٽرڪٽ جي ٻيهر ترقي سان ڳنڍيل ھوندا.

سپورٽ زون — بين الاقوامي اسڪول، صحت جون سهولتون، رهائشي انفراسٽرڪچر، ۽ وڏا سيرسبز علائقا

يونگسان IBD کي سيئول کي دنيا جي سڀ کان اول پنج گلوبل شهرن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪمت عمليءَ جي بنياد طور ڏٺو وڃي ٿو. سيئول اڳ ۾ ئي گلوبل پاور سِٽي انڊيڪس  GPCI  ۾ لڳ ڀڳ ڇهين پوزيشن تي آهي. هيءَ ترقي سيئول جي بين الاقوامي انفراسٽرڪچر کي نيويارڪ ۽ ٽوڪيو سان برابر ڪرڻ جي ڏس ۾ اھم موڙ ڏئي ٿي.

پيڙھ جو پٿر رکجڻ سان گڏو گڏ سيول کي ايشيا پئسيفڪ ريجن ۾ ھڪ اھم حيثيت ڏيڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان وڏي پئماني تي صلاح مشورو شروع ڪيو ويندوتہ جيئن ھن يٿا کي 2030 تائين ھڪ عالمي ھيڊڪوارٽر جي حيثيت ۾ ترقي ڏئي سگھجي.  

امڪان آھي تہ سيئول جي ھن بين الاقوامي بزنس ڊسٽرڪٽ جي ترقي هر سال 12,000 نوڪريون ڏئي سگھندي ۽ ساليانو 3.3 کرب وون جي اُپت ٿيندي.

سيئول ميٽروپوليٽن گورنمينٽ جيِ فيوچر اسپيس پلاننگ ڊائريڪٽر مسٽر اِم چانگ سُو Im Chang-soo چيو، ”ھيءُ هڪ ڊائون ٽاؤن ري وائيٽلائيزيشن پروجيڪٽ آهي جيڪو سيئول لاءِ ايندڙ 100 سال لاءِ اھم حيثيت پيدا ڪري ڇڏيندو. اھا ڪا عام ترقي ناھي پر انھيءَ رٿا سان ٽيڪنالاجي، ثقافت، ۽ ماڻهن تي مشتمل هڪ نئون شهري ڪلچر پيدا ٿيندو، جيڪو سيئول کي دنيا جي اول پنج عالمي شهرن جي فھرست ۾ آڻڻ لاءِ فيصلائتو موڙ ثابت ٿيندو.“

____________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button