Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڪُل پارٽي ڪانفرنس ڪئنالن واري رِٿا کي رد ڪري ڇڏيو

ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا ھيٺ سنڌ سميت سموري مُلڪ ۾ لکين ايڪڙ زمين الاٽ  ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ، شفاف چونڊون ڪرائڻ، پارليامينٽ بالادستي، قانون جي حڪمرانيءَ جي گُھر

اسلام آباد

جمعي ڏينھن تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پارليامينٽ جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، عدليا ۽ ميڊيا جي آزادي، آزاد خودمختيار ۽ غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن جي قيام ۽ شفاف اليڪشن سميت مختلف مطالبن جا ٺھراءَ منظور ڪيا ويا آھن جڏھن تہ 8 جولاءِ 2024ع تي صدرارتي هائوس ۾ گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيءَ سان ٿيل معاهدي تحت ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ واري فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

ايس آئي ايف سي کي ارڙهين آئيني ترميم جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ايس آئي ايف سي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ايس آئي ايف سي تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين ڪمپنين کي الاٽ ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

 ڪانفرنس ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته ڪمپنين حوالي ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي. بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي، جبري گمشدگي ۽ عدالتن کان مٿانهان قتل ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ڪانفرنس ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جمهوري حقن ۽ آئين پاڪستان جي خلاف ورزي ڪندڙ قوتن کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي. قومن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين، بلوچستان جي وسيلن تي بلوچن، پختونخوا جي وسيلن تي پختون، سرائيڪين جي وسيلن تي سرائيڪي ۽ پنجاب جي وسيلن تي پنجابي عوام جو ۽ گلگت جي وسيلن تي گلگت وارن جو حق آهي، قومن جي رضامندي کانسواءِ معدنيات متعلق ڪنهن به قانونسازي کي اسين رد ٿا ڪريون.

اھو بہ مطالبو ڪيو ويو تہ ڪاروڪاري سميت سمورن عورت دشمن منصوبن کي ختم ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. اسرائيل طرفان مظلوم فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ فلسطيني قوم جي نسل ڪشي جي مذمت ڪئي وئي.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي مطالبي تي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت طرفان اسلام آباد ايس پي سي جي قرارداد ۾  ايس آئي ايف سي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪرڻ، سنڌو درياهه تي ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جو سلسلو بند ڪرڻ، قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ جي خاتمي سميت سنڌي قوم جا ٻيا مطالبا  شامل ڪيا ويا.

آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ شريڪ 32 پارٽين اتفاق راءِ سان اھي سمورا ٺھراءَ بحال ڪيا.  سڄي ملڪ جي  32 پارٽين جي اي پي سي ۾ نامور شخصيتن شرڪت ڪئي.

گڏيل پڌرنامي ۾ اتفاق راءِ سان اھو مطالبو بہ ڪيو ويو تہ ڪوبہ اھڙو نھري منصوبو جنھن سان لوئر رائپيرين،  سنڌو درياءَ جي وھڪري ۽ انڊس ڊيلٽا جي متاثر ٿيڻ جو خدشو ھجي اھو قومي اتفاق راءِ کان سواءِ شروع نہ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو اھڙو منصوبو زير تعمير آھي تہ ان تي ڪم فوري طور روڪيو وڃي.

اي پي سي 27 ھين آئيني ترميم ذريعي نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ جي منصوبي کي پاڪستان جي وجود تي ضرب ھڻڻ جي مترادف قرار ڏنو.

سنڌ ڪيس جي نمائندگي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ، عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، عوامي جمھوري پارٽي جي نور نبي راھوجو، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ سينئر پارليامينٽيرين ظفر علي شاھ ڪئي.

• اي پي سي جو گڏيل پڌرنامو Charter of Demands سڀني شريڪ پارٽين جي نمائندن کان رايا وٺي مصطفي نواز کوکر ۽ محسن سيد مرتب ڪيو ۽ ساڻن گڏ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا سنڌ ايجنڊا جا سمورا نقطا اخري ڊرافٽ ۾ شامل ڪرايا.

_____________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button