Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جڳ مشهور فنڪاره صنم مارئيءَ سان بداخلاقيءَ جي مذمت  

ڪَلاڪار غير سَرڪاري سفير هوندا آهن ، اهي پنهجي ڪَلا ۽ سُرن سان مُحبتن جو پيغام ڏيندا آهن

جشنِ آزاديءَ جي سلسلي ۾ سکر ۾ ٿيل موسيقيءَ جي پروگرام ۾ گھرائي جڳ مشھور فنڪارا صنم مارئيءَ کي ڳائڻ تہ نہ ڏنو ويو پر آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ ساڻس بدتميزي ڪئي 

مُشتاق ٽانوري

فَنڪار ۽ ڪَلاڪار غير سَرڪاري سفير هوندا آهن ، اهي پنهجي ڪَلا ۽ سُرن سان مُحبتن جو پيغام ڏيندا آهن. سنڌ ڪَلا ۽ سُرن جي ڌَرتي آهي اُنڪري ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌ پنهنجي ڪلاڪارن سان وڌيڪ پيار ڪري ٿي. سنڌ ڪنهن به ريت اهو برداشت نه ٿي ڪري سگھي ته ڪو به ان جي ڪلاڪارن سان بَدتميزي ۽ بَداخلاقي ڪري. ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ هونئن به اڪثر ملڪي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ سنڌي فنڪارن کي نظر انداز ڪيو وڃڻ روايت بڻيل آهي. ملڪي سطح جي اڪثر پروگرامن ۾ سنڌي فنڪار ورلي نظر ايندا آهن جڏهن ته ٻين ٻولين جي بي سرن ۽ بي تالن فنڪارن جي لوڌ لٿل هوندي آهي. سنڌسرڪار جشن آزادي جي موقعي تي سنڌجي وڏن شهرن ڪراچي ، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وڏا ميوزيڪل شو ترتيب ڏيڻ جي رٿا رٿي، جنهن جي نگراني پاڪستان آرٽس ڪائونسل  ڪراچيءَ جي حوالي ڪندي احمد شاھ کي انهن جو منتظم ۽ نگران چونڊيو، جنهن پنهنجي سنڌي فنڪارن سان تعصباڻي رويي واري روش سنڌ سرڪار جي تقريبن ۾ به جاري رکي. انهن تقريبن ۾ سنڌي فنڪارن کي وڏي سطح تي نظرانداز ڪيو ويو. ھڪ اَڌ سنڌي فنڪار کي نالي ماتر پرفارم ڪرائي خانه پُري ڪئي وئي. حيرت جهڙي ڳالھ اها آهي جو سنڌ جي ٽئين وڏي شھر سکر ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪنهن به سنڌي فنڪار کي پرفارم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.

جشن آزادي جي سلسلي ۾ سکر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ميگا ميوزيڪل شو منعقد ڪيو ويو. افسوس ۽ حيرت جهڙي ڳالھ اها آهي جو ان ميوزيڪل شو  ۾ سنڌ جي مشهور ۽ هردلعزيز فنڪارن کي نظر انداز ڪيو ويو. ان شو ۾ شرڪت ڪري پرفارم ڪرڻ لاءِ هڪ ئي سنڌي فنڪاره صنم مارئيءَ کي دعوت ڏني وئي، پر اها به تعصب پرستن کي هضم نه ٿي.  دعوت باوجود سکر واري شو ۾ سنڌ جي مهان گلوڪارہ صنم مارئي کي پرفارم نه ڪرڻ ڏنو ويو !! صنم مارئي احمد شاھ ۽ سندس ٽيم کي بار بار ياد ڏياريندي رهي ته هوءَ اسٽيڊيم ۾ موجود آهي ۽ کيس پرفارم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. صنم مارئي هڪ کان ڏيڍڪلاڪ تائين ڪنٽينر وٽ بيهي پنهنجي ڳائڻ جي واري جو انتظار ڪندي رهي. جنهن جي موٽ ۾ احمد شاھ سنڌ جي سڃاڻپ ۽ عالمي طور شهرت رکندڙ سنڌي فنڪاره سان بدتميزي ۽ بداخلاقي ڪئي ۽ نه رڳو صنم سان بداخلاقي ڪئي پر سنڌي فنڪارن لاءِ به گھٽ وڌ ڳالهايو.

صنم مارئيءَ جو چوڻ آهي ته احمد شاهه سنڌي آرٽسٽن جي تذليل ڪري ٿو، جڏھن تہ هو سندن ڪري ئي سيٽ تي ويٺو آهي. احمد شاهه جي ٽيم کي خبر ئي ناهي ته آرٽسٽ سان ڪيئن پيش اچبو آهي، کيس ڏيڍ ڪلاڪ ڪنٽينر ڀرسان بيهاريو ويو. هن چيو ته احمد شاهه کيس چيو ته خبر اٿئي ته توهان سنڌي آرٽسٽ ترقي ڇو نه ڪندا آهيو؟ صنم کانئس پڇيوته  ڇو؟ چيائين ته توهان ڪمٽمينٽ پوري ناهيو ڪندا. هن چيو ته احمد شاهه سندن نالي تي فنڊ وٺي ٿو، جنهنڪري هن زبردستيءَ نالو پروگرام ۾ شامل ڪرايو. بداخلاقيءَ باوجود،صنم مارئي خاموش رهي ۽ پرفارم ڪرڻ کان سواءِ  واپس موٽي آئي. احمد شاهه سندس سنڌيت تي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي؟ هو انهن جي ڪري ئي  جي ڪري سيٽ تي ويٺو آهي، پيسا بچائڻ لاءِ کين پرفارم ڪرڻ نٿو ڏئي ۽ سنڌي آرٽسٽس جي تذيل ڪري ٿو. ان اڍنگي رويي تي صنم مارئي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي انتظاميه کي 5 ڪروڙ ھرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو .

صنم مارئي سنڌجي سهڻي، سيبتي ۽ هردلعزيز فنڪاره آهي جيڪا سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي ۽ بلوچي سميت ٻين ٻولين ۾ ڳائي سگھي ٿي. هو نه رڳو صوفي راڳ پر غزل ۽ لوڪ گيت به سٺي نموني ڳائيندي آهي. هُن امن جي آشا پروگرام  ۾ ڀارتي ڳائڻن سان گڏ بهترين نموني پرفارم ڪيو. هو لنڊن، پئرس، نيويارڪ سميت ڏيھ توڙي پرڏيھ ۽ مشهور گيتن جي ريميڪس پروگرام ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ خوبصورت گائيڪي جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. هو ملڪ جي مشهور ڳائڻن حديقه ڪياني ۽ علي ظفر سان گڏ به فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي.

صنم مارئي سهڻن ۽ سچن  سُرن جي ورکا سبب   2011ع ۾ لطيف ايوارڊ، صوفي ازم يونيورسٽي جي بهترين گلوڪاره ، 2012ع ۾ بهترين گلوڪاره لائيٽ ميوزڪ جوسترهون پي ٽي وي ايوارڊ، 2013ع ۾  ثمرقند ۾ بين الاقوامي ميوزڪ فيسٽيول ۾ يونيسڪو ايوارڊ ، 2020ع ۾ پاڪستاني صدر طرفان تمغئه امتياز  سميت ڪيئي ايوارڊ ۽ اعزاز حاصل ڪري چڪي آهي.

هڪ فنڪار، خاص ڪري سنڌ جي نالي واري گلوڪارا صنم مارئيءَ  کي ڌمڪيون ڏيڻ، سنڌي آرٽسٽن کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ نه رڳو هن جي ذاتي عزت تي حملو آهي پر پوري سنڌي ثقافت ۽ فن جي بي حرمتي آهي.

سنڌ احمد شاهه جي غيراخلاقي، غيرپيشہ ور ۽ تعصبي روَيي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button