گوورڌن اسراڻي: باليووڊ جو ليجنڊ اداڪار ۽ ڪاميڊين
جئپور جي سنڌي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ اسراڻي بالي ووڊ جي انھن وڏن ۽ ورهاڱي کانپوءِ واري دور جي اداڪارن مان هڪ هو جن پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي
اسراڻي پھرين جنوري 1941ع تي پيدا ٿيو ۽ 20 آڪٽوبر 2025ع تي ممبئي، مھاراشٽرا رياست ۾ چوراسي ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين
سڪندر گُلاب
گوورڌن اسراڻي، جيڪو فلمي دنيا ۾ “اسراڻي” جي نالي سان مشھور هو، بالي ووڊ جي انھن وڏن ۽ ورهاڱي کانپوءِ واري دور جي اداڪارن مان هڪ هو جن پنھنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هُو نہ صرف هڪ پيدائشي اداڪار هو، پر ان کان بہ وڌيڪ هڪ بي مثال مزاحيہ اداڪار طور سڃاتو ويندو ھو، بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ لھري، ننھو، خالد سليم موٽو، نرالو ۽ نظر پنھنجي دور جا وڏا مزاحيہ اداڪار رهيا.

اسراڻي پھرين جنوري 1941ع تي جئپور، ڀارت ۾ پيدا ٿيو ۽ 20 آڪٽوبر 2025ع تي ممبئي، مھاراشٽرا رياست ۾ چوراسي ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس فلمي ڪيريئر جو آغاز سٺ واري ڏهاڪي کان ٿيو ۽ هو لڳ ڀڳ ڇهن ڏهاڪن تائين (2024ع تائين) فلمي دنيا سان وابستا رهيو.
سندس پيءُ چاهيو پئي تہ هو خانداني ڪاروبار سنڀالي، پر اسراڻي فن ۽ اداڪاري کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. هن پھريائين اسٽيج ناٽڪن سان پنهنجي اداڪاري جو سفر شروع ڪيو ۽ پوءِ جڏهن فلمن ۾ آيو تہ پنهنجي سادگي، کل ڀوڳ واري طبيعت ۽ جاندار انداز سان ڏسندڙن جون دليون کٽي ورتيون.
باليووڊ جي مشھور فلم فلم شعلي (1975ع) ۾ “جيلر” جو ڪردار سندس لاءِ هڪ نئين سڃاڻپ بڻجي سامھون آيو، جنھن کيس سموري دنيا ۾ هڪ ڪامياب مزاحيہ اداڪار طور امر ڪري ڇڏيو.

گوورڌن اسراڻي هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو پنھنجي فن، شخصيت ۽ مزاح جي ذريعي فلمي دنيا ۾ هڪ اهڙو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو ڪڏهن ڀرجي نہ سگھندو. سندس ڪم، ڪردار ۽ کل جو سحر سدائين جيئرو رهندو.
اسراڻيءَ ساڍين ٽن سئو کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. ڪيترين ئي فلمن ۾ تہ ھُن ليڊ رول بہ ڪيا. خاص طور 1971 کان 1991 واري عرصي ۾ ھُن راجيش کنا سان پنجويھ فلمن ۾ مُکيہ ڪردار ادا ڪيا.
سندس جنم ھڪ مڊل ڪلاس سنڌي فيمليءَ ۾ ٿيو. سندس والد جو قالينن جو دُڪان ھوندو ھو. اسراڻيءَ جون چار ڀينر ۽ ٽي ڀائر آھن. ٻہ وڏا ۽ ھڪ ننڍو ڀاءُ. اسراڻي حساب ڪتاب جو ڪچو ھو ۽ کيس ڪاروبار سان ڪا بہ دلچسپي ڪا نہ ھئي. ھُن جئپور جي راجستان ڪاليج مان گريجوئيشن تہ ڪئي پر ساڳي وقت پنھنجي پڙھائيءَ جو خرچ ڪڍڻ لاءِ آل انڊيا ريڊيو جئپور تي وائس اوور آرٽسٽ طور بہ ڪم ڪندو ھو. ھُن ڪجھ اسٽيج ناٽڪن ۾ بہ ڪم ڪيو جنھن کانپوءِ قسمت آزمائڻ ممبئي ھليو ويو پر اُتان ڪجھ سڄڻن جي صلاح تي اداڪاري سکڻ لاءِ پُونا ۾ فلم انسٽيٽيوٽ ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ 1966 ۾ ٽريننگ مڪمل ڪري موٽي اچي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ھُن ڪيترين ئي گجراتي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو.

اسراڻيءَ اداڪارا منجو بنسل سان پرڻو ڪيو جنھن سان ھڪ فلم آج ڪي تازا خبر ۾ گڏ ڪم ڪندي عشق ٿي ويس. ھنن شاديءَ کانپوءِ بہ ڪجھ فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو.
اسراڻي رُڳو ڪاميڊين ڪونہ ھو پر ھُن ڪيترين ئي فلمن ۾ سنجيدہ ڪردار بہ ادا ڪيا. کيس پنھنجي زماني جي مشھور ھيرو راجيش کنا جو ويجھو دوست سمجھيو ويندو ھو. کيس بھترين ڪاميڊين طور فلم فيئر ۽ ٻيا ايوارڊ مليا.

سال 1974 ۾ اسراڻيءَ پنھنجي ھدايتڪاريءَ ۾ ھڪ گجراتي فلم بہ ٺاھي جنھن ۾ پاڻ ئي ھيرو بہ ھو. ان فلم لاءِ ڪشور ڪمار جو ڳايل ھڪ گانو مٿس فلمايو ويو. ھُن ھڪ فلم لاءِ ڪشور ڪمار سان گڏ ھڪ گانو بہ ڳايو ھو.

اسراڻيءَ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا رڪارڊ قائم ڪيا ڇو تہ 1980 واري ڏھاڪي ۾ ھُن 107 فلمن ۾ ڪم ڪيو. انھيءَ کان اڳ 1970 واري ڏھاڪي ۾ ھُن 101 فلمن ۾ ڪم ڪيو. سال 1982 ۾ ھُن ڪجھ ساٿي اداڪارن سان گڏجي گجراتي فلمن جي ھڪ ڪمپني قائم ڪئي پر 1996 ۾ اُھا خرم ٿي وئي. جڏھن وٽس جام پئسو ھيو تہ ھُن اداڪارن جي مدد لاءِ ڪپڙي جي ڪاروبار ۾ سيڙپ بہ ڪئي پر 1991 ڌاري سمورو ناڻو ختم ٿي ويس. ھُو 1988 کان 1993 تائين فلم انسٽيٽيوٽ پُونا جو ڊائريڪٽر بہ رھيو. ھوريان ھوريان فلمن ۾ سندس اداڪاري جو سلسلو گھٽجندو ويو ۽ 1990 واري ڏھاڪي ۾ ھُن صرف 73 فلمن ۾ ڪم ڪيو.
اسراڻيءَ 2018 ۾ مشھور ويب سيريز ۾ ڏاڏي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ 2019 ۾ ھڪ اشتھار ۾ بہ آيو. پر انھيءَ کان گھڻو اڳ 1985 ۾ ھُن دور درشن ٽي ويءَ جي سيريل ۾ بہ ڪم ڪيو ھو.
_____________




گوورڌن اسراڻي جئه پور ۾ نه پر ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هو 6 سالن جو هو ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ پوءِ کيس پنهنجي والدين سان پنهنجو سنڌ ديس ڇڏي وڃي جئه پور وسائڻي پئي