بِنوءِ مَجُمدار: رياضي، فطرت ۽ جنون جُو يگانو بنگالي شاعر
بِنوءِ مجمدار، رابندر ناٿ ٽئگور کانپوءِ وارن وڏن شاعرن مان ھڪ ھيو، جنھن پنھنجي انجنيئرنگ جي اعلي تعليم ھوندي ھڪ ناريءَ سان ھڪطرفي عشق ۾ حياتي گذاري ڇڏي. هُو رڳو هڪ شاعر نه، پر هڪ ذهين انجنيئر، سماج سُڌارڪ ۽ ڪميونسٽ خيالن وارو درويش صفت انسان هو، جنهن جي حياتي ذهانت ۽ گهري ذهني پِيڙا جي وچ ۾ گھمندڙ هڪ حيران ڪندڙ ڪھاڻي آهي.
بنوءِ پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڪيترائي سال ڪلڪتي شهر جي گوڙ کان پري ٺاڪر نگر جي هڪ ڦٽل گهر ۾ گذاريا، جتي سندس دوست رڳو پوپٽ، مڇيون ۽ وڻ هئا. هُو پاڻ کي هندستان جو پهريون ”چنڊال شاعر“ سڏيندو هو، جنهن انساني وڏائيءَ کي ختم ڪري فطرت جي برابريءَ جو فارمولا پيش ڪيو. ھُن يونيوسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيڻ جون آڇون رد ڪري شاعر ٿيڻ پسند ڪيو. ھُو ڪيترائي ڀيرا نفسياتي علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيو جتي کيس بجليءَ جا جھٽڪا ڏنا ويندا ھئا. هو پاڻ تي کلندي چوندو هو ته: “مان اولھ بنگال جي سمورن پاڳلخانن جو انسپيڪٽر جنرل آهيان.”
بنوءِ مجمدار بنگالي شاعريءَ ۾ ”سائي رومانيت“Green Romanticism جو نظريو متعارف ڪرايو. هيءُ نظريو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ گهري هڪجهڙائيءَ تي زور ڏئي ٿي. سندس لکڻين کي محقق ايڪريچر ايڪالاجي يعني ماحولياتي لکڻي (Écriture Écologie) ڪوٺين ٿا. جڏھن روايتي رومانوي شاعر گلن ۽ بلبلن تائين محدود هئا، تڏھن بنوءِ مڇين، مڇرن، جيت جڻن، رت ۽ گوشت جهڙيون غير روايتي علامتون استعمال ڪيون.

نصير اعجاز
نائين ڊسمبر 2025 تي ٺاڪر نگر وڃڻ کان ڪجھ ڏينھن اڳ ئي محترما ديباسري چڪرورتيءَ (مھاراجا ڏاھر ناول جي ليکڪا) ٻُڌايو ھو تہ کيس انھيءَ تاريخ تي ھڪ ايوراڊ ملڻو آھي. سندس بنگالي لھجي سبب انھيءَ وقت شھر جي نالي ۽ ايوارڊ بابت سمجھي ڪونہ سگھيو ھيس، پر ٺاڪر نگر ۾ ايوارڊ وٺڻ کان پوءِ جڏھن ھُن اھو ٻُڌائڻ لاءِ رابطو ڪيو تہ اسٽيج تي پنھنجي مختصر تقرير ۾ ھُن اھو ايوارڊ مونکي ارپڻ جو اعلان ڪيو آھي، تڏھن کانئس ھڪ ڀيرو وري شھر ۽ ايوارڊ جا تفصيل پُڇي ورتم، ۽ تڏھن ئي خبر پئي تہ اھو ھڪ وڏي بنگالي شاعر بِنوءِ مَجُمدار Binoy Majumdarجي ورسيءَ جو ڏينھن ھو، ۽ سندس ياد ۾ ڪوٺايل پروگرام ۾ کيس بِنوءِ مجمدار يادگار ايوارڊ ڏنو ويو ھو. محترما ديباسِري انھيءَ وقت بِنوءِ مجمدار جي گھر اندر ئي اڱڻ ۾ شاعر جي مجسمي ڀرسان موجود ھئي، جتي ئي ايوارڊن جو پروگرام ٿيو ھو. ھيءُ اھو ئي گھر ھو جتي شاعر ڪلڪتي جون رنگينيون ۽ رونقون ڇڏي زندگيءَ جو وڏو وقت اڪيلائيءَ ۽ مسڪينيءَ ۾ گذاريو ھو.

محترما ديباسِريءَ ٻُڌايو تہ بِنوءِ مجمدار، رابندر ناٿ ٽئگور کانپوءِ وارن وڏن شاعرن مان ھڪ ھيو، جنھن پنھنجي انجنيئرنگ جي اعلي تعليم ھوندي ھڪ ناريءَ گائتري چڪرورتي اسپائواڪ سان ھڪطرفي عشق ۾ حياتي گذاري ڇڏي. سندس ڳالھيون ٻُڌي منھنجو تجسس وڌي ويو. ڪلڪتي موٽڻ تي منھنجي زور ڀرڻ تي ھُن انھيءَ يگاني شاعر بابت کوڙ مواد مون سان ونڊيو جنھن کي پڙھڻ سان منھنجي اندر ۾ بنوءِ مجمدار بابت ڪجھ لکڻ لاءِ ھورا کورا پيدا ٿي وئي ھئي. منھنجو ھيءُ ليک انھيءَ مواد آڌار لکيل آھي.
بنگالي ادب جي اُفق تي بنوءِ مجمدار (1934-2006) هڪ اهڙو کِڙيل تارو آهي، جنهن پنهنجي سائنسي شعور، رياضياتي ترتيب ۽ ماحولياتي علامتن ذريعي جديد شاعريءَ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو ھو. هُو رڳو هڪ شاعر نه، پر هڪ ذهين انجنيئر، سماج سُڌارڪ ۽ ڪميونسٽ خيالن وارو درويش صفت انسان هو، جنهن جي حياتي ذهانت ۽ گهري ذهني پِيڙا جي وچ ۾ گھمندڙ هڪ حيران ڪندڙ ڪھاڻي آهي.

بنوءِ جو جنم برما ۾ ٿيو ھو، جتان پوءِ سندس مائٽ ڪلڪتي اچي آباد ٿيا ھئا. پڻس بِپن بھاري مجمدار کيس تُو سڏيندو ھو، جيڪو سندس ننڍپڻ جو نالو ھو. ھُو پاڻ ۾ ڇھ ڀائر ڀينر ھئا ۽ بِنوءِ سڀني کان ننڍو ھو. سندس تعليمي سفر حيران ڪندڙ هو. هن شوب پور ڪاليج مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ سڄي ملڪ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. انجنيئرنگ جي ڊگري مڪمل ڪرڻ شرط ھُو دُرگا پور ۾ اسٽيل پروجيڪٽ ۾ بطور ٽريني شامل ٿيو هو. هُو ٽرينيز هاسٽل ۾ رهندو هو. اها هڪ سرڪاري نوڪري هئي، جنهن ۾ کيس صبح 8 وڳي رپورٽ ڪرڻو پوندو هو، پر کاڌي پيتي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلات هيون. هُو ان نوڪريءَ ۾ پاڻ کي سيٽ ڪري نه سگهيو. پگهار ڪافي گهٽ هئي، ۽ ڪلڪتي جي ادبي دنيا کان پري رهڻ کيس پريشان ڪري رهيو هو. ان ڪري هن ڪنهن خانگي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڳولڻ شروع ڪئي ته جيئن هو ڪلڪتي واپس اچي سگهي.
هن مشهور تيل جي ڪمپني ايسو (Esso) ۾ درخواست ڏني ۽ جنان گھوش پولي ٽيڪنڪ ۾ پڙهائڻ جي نوڪري پڻ ڳولڻ لڳو. پر، سندس پيءُ ۽ وڏا ڀائر نه پيا چاهين ته هو سرڪاري نوڪري ڇڏي ڪلڪتي واپس اچي. هنن کيس خط لکي خانگي نوڪريءَ جي مشڪلات ۽ غيريقينيءَ بابت خبردار ڪيو. سندس پيءُ (9 جون 1962 تي) لکيو:

“سرڪاري نوڪري سڪون، پينشن ۽ محفوظ مستقبل فراهم ڪري ٿي. مان چاهيان ٿو ته تنهنجي ٽريننگ ختم ٿيندي ئي تنهنجي شادي ڪرائي ڇڏيان. اتي 325 روپيا پگھار ملندئي، جيڪا تنهنجي لاءِ ڪافي هوندي. پوءِ تون سڪون سان رهي سگهندين.”
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، 14 جُون تي، سندس وڏي ڀاءُ لکيو:
“نوڪري ڪرڻ لاءِ خوشامد جي صلاحيت ۽ سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي صفتون تنهنجي اندر ناهن. تنهنجي بي چين ذهن سان اهو ناممڪن آهي. پگهار جي خاطر ڪنهن خانگي فرم ۾ وڃڻ کان بهتر آهي ته ايئن نه ڪر.“
جڏهن بنوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪلڪتو گهمڻ چاهيو، ته سندس ڀاءُ لکيو: منهنجي گهرواري هتي هوندي، ان ڪري تنهنجو هتي رهڻ ممڪن نه هوندو. پر بنوءِ ڪلڪتي موٽڻ لاءِ بي چين هو. مائٽن کان ڪا به مدد نه ملڻ تي، هن پنھنجي ھڪ دوست شڪتي چٽوپاديا کي پنهنجي لاءِ رهائش جو بندوبست ڪرڻ جي گذارش ڪئي. ڪلڪتي واپس اچڻ جي اها شديد خواهش، هاسٽل جي تڪليفن جي ڪري هئي، ادبي دنيا کان جدائي سبب يا ڪا ٻي ڳالهه هئي؟ اھو سڀني لاءِ ھڪ سوال ھو. ڇو تہ بنگال جي يونيورسٽين کيس پروفيسر ٿيڻ جون آڇون ڪيون، پر هن انهن سمورين آڇُن ۽ آسائشن کي رڳو شاعر ٿيڻ لاءِ رد ڪري ڇڏيو.

بِنوءِ بنگال جو پھريون شاعر ھو، جنھن جو پھريون ڪتاب سندس شاعري ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ ڇپجڻ کان اڳ ئي شائع ٿي ويو ھو. ان ڪتاب جو نالو ھو ”نڪشترر الوءِ“ يعني تارن جي روشنيءَ ۾. بنوءِ جو ٻيو ڪتاب “گائتري ڪي” چوڏهن نظمن جو هڪ ننڍڙو مجموعو هو. عنوان مان ظاھر آھي ته اهو گائتري نالي ڪنهن کي مخاطب ڪري لکيل آهي، پر ھُن گھڻي وقت تائين ان جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي، شايد ڄاڻي واڻي ان راز کي برقرار رکڻ چاهيائين. پنهنجي ڪاليج جي آخري سالن ۽ گريجوئيشن کانپوءِ، بنوءِ اڪثر ڪاليج اسٽريٽ تي نظر ايندو هو، يا ته ڪافي هائوس ۾ يا “گرنٿ جگت” جي آفيس ۾. سندس ڪتاب ھڪٻئي پُٺيان شايع ٿي رهيا هئا. هو پنهنجي ذاتي خط و ڪتابت لاءِ پڻ پبلشر جو پتو استعمال ڪندو هو.
ھڪ ليکڪ ديب ڪمار باسو موجب، بنوءِ گائتري چڪرورتي اسپائواڪ سان صرف ٻه ڀيرا، مختصر طور، ڪافي هائوس ۾ مليو هو. تنهن هوندي به، اهڙي معمولي ملاقات مان هڪ شديد جنون جنم ورتو. ڇا اها صرف هڪ تڙپ هئي، يا سندس اندر ۾ اڳي ئي ڪا ذهني بي چيني موجود هئي؟
شميڪ بندوپاديا (گائتري جي ڪلاس فيلو) سان ٿيل گفتگو مان معلوم ٿيو ته هڪ دفعي جڏهن بنوءِ گائتري کي ڳوليندي پريزيڊنسي ڪاليج پهتو، ته گائتريءَ کي کائنس بچڻ لاءِ ٻئي دروازي کان ٻاهر نڪرڻو پيو. ان وقت ھُو صرف 28 سالن جو هو. ‘ڦيري ايسو چاڪا’ شايع ٿي چڪو هو، پر گائتري سندس جنون بڻجي چڪي هئي. درگا پور مان هو بار بار شڪتيءَ کان هن جو پتو پڇندو هو. شڪتي جواب ڏنو:
“مان سُنيِل تي ڀاڙڻ کان سواءِ گائتري جو پتو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. هفتي اندر پتو ملي ويندو. مان ڪِيا نالي هڪ ڇوڪريءَ کي به ڳولي رهيو آهيان جيڪا کيس سڃاڻي ٿي.”

بنوءِ ڪيترن ئي ٻين کي به لکيو، جن ۾ ڌنباد مان سليل چڪرورتي (گائتري جو پري جو مائٽ) به شامل هو، جنهن جواب ڏنو:
“مان سندس پتو نٿو ڄاڻان، پر ٻڌو اٿم ته هوءَ آمريڪا هلي وئي آهي. توکي سندس ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا تون محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهين؟ مان توکي مشورو ڏيندس ته هن بابت وڌيڪ تجسس نه ڪر.”
ڇا اهو جنون نارمل هو، اهو سوال طلب آهي. سندس ڊائرين مان منتشر خيال، ساڳيا جملا بار بار لکڻ، ۽ ايستائين جو پنهنجي نظمن ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جيڪي سماج ۾ نامناسب سمجهيا وڃن ٿا، ظاهر ڪن ٿا ته اها ڪنهن ذهني طور تي مستحڪم ماڻهوءَ جي ورت نه هئي. تنهن هوندي به، 1962 جي هڪ ڊائري جي صفحي تي، رياضياتي فارمولن جي هيٺان، هن لکيو:
“محبت هاڻي باقي ناهي رهي،
يا ڪنهن ٻار وانگر جيڪو گهر کان ٻاهر گم ٿي ويو هجي،
اهو پنهنجي پتي جي خبر کانسواءِ ڀٽڪي رهيو آهي.”
سندس غير معمولي ذهانت جي قيمت کيس شديد ذهني بيماريءَ (Schizophrenia) جي صورت ۾ چُڪائڻي پئي ھئي. هن زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو ذهني مرضن جي اسپتالن ۾ گذاريو، جتي کيس ڪيترائي ڀيرا بجليءَ جا جهٽڪا ڏنا ويا، پر سندس تخليقي جوهر ڪڏهن به گهٽ نه ٿيو. هو پاڻ تي کلندي چوندو هو ته: “مان اولھ بنگال جي سمورن پاڳلخانن جو انسپيڪٽر جنرل آهيان.”
بنوءِ مجمدار بنگالي شاعريءَ ۾ ”سائي رومانيت“Green Romanticism جو نظريو متعارف ڪرايو. هيءُ نظريو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ گهري هڪجهڙائيءَ تي زور ڏئي ٿي. سندس لکڻين کي محقق ايڪريچر ايڪالاجي يعني ماحولياتي لکڻي (Écriture Écologie) ڪوٺين ٿا. جڏھن روايتي رومانوي شاعر گلن ۽ بلبلن تائين محدود هئا، تڏھن بنوءِ مڇين، مڇرن، جيت جڻن، رت ۽ گوشت جهڙيون غير روايتي علامتون استعمال ڪيون.

بنوءِ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو گائتري چڪرورتي اسپيواڪ سان ھڪطرفي محبت جي چوڌاري ڦري ٿو. سندس شاهڪار ڪتاب ”پيروي ايسو، چاڪا“ (موٽي آ، او ڦيٿا!) گائتريءَ جي نالي منسوب آهي، جنهن جو نالو پوءِ هن بدلائي ”امر ايشوري ڪي“ (منهنجي ديويءَ لاءِ) رکيو. هن لاءِ محبت رڳو هڪ جسماني جذبو نه، پر پاڻ کي ڪائنات جي عنصرن ۾ جذب ڪري ڇڏڻ جي هڪ صوفياڻي ڪوشش هئي. هڪ انجنيئر هجڻ ناتي، بنوءِ جي شاعري رياضيءَ جي هڪ مڪمل مساوات (Equation) وانگر آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ چڪر (Wheel) يعني ڦيٿي کي زندگيءَ جي تسلسل ۽ وقت جي گردش جي علامت طور استعمال ڪيو. هُو جڏهن ڪنهن وڻ جو ذڪر ڪندو هو ته سندس نظر ان جي حياتياتي ساخت (Biology) تي ايئن پوندي هئي، جيئن ڪو انجنيئر ڪنهن مشين جي نقشي کي ڏسندو آهي. هن ”محبت“ کي ”حسابي قاعدن“ سان ملائي عالمي ادب ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو.
بنوءِ پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڪيترائي سال ڪلڪتي شهر جي گوڙ کان پري ٻن ڪلاڪن جي سفر تي ٺاڪر نگر جي هڪ ڦٽل گهر ۾ گذاريا، جتي سندس دوست رڳو پوپٽ، مڇيون ۽ وڻ هئا. هُو پاڻ کي هندستان جو پهريون ”چنڊال شاعر“ سڏيندو هو، جنهن انساني وڏائيءَ کي ختم ڪري فطرت جي برابريءَ جو فارمولا پيش ڪيو. پاڻ کي چنڊال سڏڻ پُٺيان بہ ھڪ پسمنظر آھي جيڪو سندس سوشلسٽ سوچ کي ظاھر ڪري ٿو. چنڊال لفظ ھندستان ۾ اَڇوت يا گھٽ ذات وارن ماڻھن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.
بنوءِ مجمدار جي شاعريءَ مان اھو سبق ملي ٿو ته حقيقي آزادي تڏهن ملندي آهي، جڏهن انسان پنهنجي مصنوعي ضرورتن ۽ انا کي وساري فطرت جي خاموشيءَ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏي. هُو هڪ اهڙو مسافر هو، جنهن لفظن جي ذريعي روحاني آزاديءَ جو رستو ڳولي لڌو.
مٿي مون گرين رومانٽسزم جو ذڪر ڪيو آھي. اھو هڪ اهڙو اصطلاح آهي جيڪو انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ گهري لاڳاپي ۽ هڪجهڙائيءَ تي زور ڏئي ٿي. هي نظريو رومانوي اديبن جي لکڻين کي اڄوڪي دور جي ماحولياتي شعور جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جو نالو آهي. اهڙي قسم جي سائنسي ۽ ماحولياتي علامت نگاري بنگالي شاعريءَ ۾ بنوءِ مجمدار متعارف ڪرائي، جنهن جديد بنگالي شاعريءَ جو رُخ ئي بدلائي ڇڏيو.
بنوءِ مجمدار ڪيترين ئي ٻولين جو ڄاڻو پڻ هو. کيس مشهور شاعر جيبانانند داس جو صحيح جانشين سمجهيو وڃي ٿو. جيبانانند داس (1899-1954) بنگالي ٻوليءَ جو هڪ انتهائي بااثر ۽ منفرد شاعر، ناول نگار ۽ مضمون نگار هو. کيس رابندر ناٿ ٽيگور کان پوءِ بنگالي شاعريءَ جو سڀ کان وڏو نالو سمجهيو وڃي ٿو.
بِنوءِ سڄي عمر اڪيلائي، ذهني صدمي ۽ ڏکن جو شڪار رهيو. سندس اهم ڪتابن ۾ پيروي آسو، چاڪا (موٽي آ، او ڦيٿا!) ۽ نڪشتراير آلوئي (تارن جي روشنيءَ ۾) ۽Aghraner Anubhutimala يعني ”اگهرن جي احساسن جي مالا“ شامل آھن. پنھنجي پريميڪا لاءِ سندس نظم ”7 جُون 1962“ ۾ هُو چوي ٿو: ”اسان گيت بڻجي وينداسين، هڪ آدرشي ملڪ ۾ محبت بڻجي، ڌرتيءَ جي هر آسمان ۾ هڪ بي ساخته سُر وانگر ملي وينداسين.“ هيءَ سِٽ ثابت ڪري ٿي ته هن شاعر لاءِ محبت جو مطلب پاڻ کي ڪائنات جي عنصرن ۾ جذب ڪري ڇڏڻ هو.
جھڙي طرح فرينچ اديب ۽ فلاسافر هيلين سڪسوس (Hélène Cixous) عورتن جي مخصوص اندازِ تحرير لاءِ ”ايڪريچر فيمينين“ جو اصطلاح استعمال ڪيو، بنوءِ جي لکڻين لاءِ ”ايڪريچر ايڪالاجي“ (ماحولياتي تحرير) جو اصطلاح صحيح استعمال ڪيو ويو آھي ڇو تہ سندس شاعريءَ جي لفظن مان ساوڪ جي خوشبو اچي ٿي ۽ سندس ڏک به ماحولياتي اهڃاڻن ۾ ويڙهيل آهن.

فرينچ فلاسافر ڊيليز (Deleuze) ۽ فرينچ نفسياتي ماھر گتاري (Guattari) جي فلسفي وانگر، بنوءِ مجمدار به مڃي ٿو ته انسان ۽ فطرت ٻه ڌريون ناهن جيڪي هڪ ٻئي جي آڏو بيٺيون آهن، پر اهي هڪ ئي بنيادي حقيقت جا ٻه روپ آهن. جڏھن هُو نظم ”26 آگسٽ، 1960“ ۾ لکي ٿو ته ”انسان جي ويجهو وڃڻ سان اصل ڪونجون اڏري وڃن ٿيون“، ته هو اصل ۾ انسان جي فطرت کان وڇوڙي ۽ ٻيهر ان سان ملڻ جي تڙپ جو ذڪر ڪري ٿو.
بنوءِ مجمدار جي شاعري ٻڌائي ٿي ته ماحوليات رڳو وڻ پوکڻ جو نالو ناهي، پر هيءُ هڪ گهرو احساس آهي جنهن ۾ اسان جو جسم، اسان جا جذبا ۽ هيءَ ڪائنات هڪ ٻئي ۾ مليل آهن. بنوءِ رڳو جذبات جو شاعر نه هو، پر هو منطق (Logic) جو به ماهر هو. هن جنهن نموني ”محبت“ کي ”حسابي قاعدن“ سان ملايو، اهو عالمي ادب ۾ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
بنوءِ مجمدار جو نظريو هو ته ڪائنات جي هر شئي، چاهي اها فطرت هجي يا انساني جذبا، هڪ خاص نظم ۽ ترتيب (Symmetry) ۾ آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ رياضيءَ جي اصطلاحن کي ايئن استعمال ڪيو ڄڻ ته اهي عشق جا لفظ هجن. مثال طور سندس شاعريءَ ۾ ”چڪر“ (Wheel/Circle) رڳو هڪ گول شيءِ ناهي، پر اها زندگي جي تسلسل، وقت جي گردش ۽ ارتقا جي علامت آهي. هو جڏهن ڪنهن وڻ يا گل جو ذڪر ڪري ٿو، ته سندس نظر ان جي رڳن (Veins) ۽ ان جي حياتياتي ساخت تي ايئن پوي ٿي، جيئن ڪو انجنيئر ڪنهن مشين جي نقشي کي ڏسندو آهي.
هُو حسن کي رڳو خيالن ۾ نه، پر رت ۽ گوشت جي حقيقت طور پيش ڪري ٿو. سندس نظر ۾ انساني جسم به فطرت جي ماحولياتي نظام (Ecosystem) جو هڪ حصو آهي.
سندس نظر ۾ انسان هڪ وڻ کان وڌيڪ اهم ناهي. محبوب جي مُرڪ ۽ پائن وڻ جي خاموشي هڪجهڙي معني رکي ٿي. هو پاڻ کي هڪ راهب (Monk) وانگر محسوس ڪري ٿو جيڪو فطرت ۾ جذب ٿي پنهنجي روح کي آزاد ڪري ٿو.
جڏهن ھڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو ته ”ڇا توهان گائتريءَ سان محبت ڪندا هئا؟“ ته هن وڏي سادگيءَ سان جواب ڏنو: ”نه، اسان رڳو چند ڀيرا مليا هئاسين. پر لکڻ لاءِ ڪو ته گهرجي نه؟ ڪيستائين وڻن، گلن ۽ مڇين بابت لکبو رهبو؟“ هن لاءِ گائتري هڪ انساني وجود کان وڌيڪ شاعريءَ جي هڪ ضرورت هئي، جنهن ذريعي هو پنهنجي اڪيلائيءَ کي زبان ڏيندو هو.
هُو چوندو هو ته: ڪتي کان پڇو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ هو چوندو ته ڪتا. ٻلي چوندي ته ٻليون. پر سڀني جانورن جي نظر ۾ انسان به هڪ جانور ئي آهي. هن انساني وڏائيءَ کي ختم ڪري فطرت جي برابريءَ جو هڪ نئون ”رياضياتي فارمولا“ پيش ڪيو. سندس نظر ۾ جتي روشني هوندي آهي اتي گرمي ٿيندي آهي، پر جُڳن (Firefly) عجيب آهي، ان جي روشني ٿڌي هوندي آهي. هن جي شاعري به ان جُڳنوءَ وانگر هئي، روشن پر پُرسڪون.
انجنيئر هجڻ ناتي، بنوءِ جي شاعريءَ ۾ ميٽر جي اهڙي ترتيب آهي جو سندس هر سِٽ پنهنجي منزل ڏانهن اٽل نموني وڌي ٿي. سندس هٿ بيماريءَ سبب ڏڪندا هئا، پر جڏهن هو جاميٽريءَ جو ڪو نقشو ٺاهيندو هو ته سندس 90 ڊگريءَ جو زاويو بلڪل درست هوندو هو.
سندس آخري ڪتاب ”هاسپاتالي ليکا ڪبيتا گڇا“ (اسپتال ۾ لکيل نظم) ان وقت لکيو ويو جڏهن مٿس شرط رکيو ويو ته جيڪڏهن هو شاعري لکندو ته کيس گهر وڃڻ جي اجازت ملندي. ان ڪتاب تي کيس وفات کان هڪ سال اڳ انڊيا جو ادب ۾ سڀ کان وڏو ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ مليو.

اڄ سندس ٺاڪر نگر وارو گهر ڀڙڀانگ بڻيل آهي. اتي رڳو سڪل پنن جو آواز اچي ٿو. اهو شاعر جيڪو اعزازن کان ڀڄندو هو، جنهن پنهنجي سالگرهه تي آيل اديبن کي گهر جا در بند ڪري گاريون ڏنيون هيون، اڄ پنهنجي ئي گهر جي اڱڻ ۾ خاموش دفن آهي. سندس زندگيءَ جو تت سندس ئي ھنن سٽن ۾ آهي: منهنجي هڪ اک توهان جي اندر ڏسي ٿي، ۽ ٻي اک ڪائنات کي.
بنوءِ مجمدار ثابت ڪري ويو ته شاعري رڳو لفظن جي راند ناهي، پر اها پنهنجي وجود کي فطرت جي هڪ هڪ ذري سان ڳنڍڻ جو نالو آهي. ھُن پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان کي قدرت جي مٿان نه، پر فطرت جي پيرن ۾ ويهاريو آهي. هو لکي ٿو ته انسان کي پنهنجي آرٽ ۽ فن تي فخر آهي، پر پکين کي کليل هوا ملي ٿي. هو طنز ڪندي چوي ٿو: پکين جي سماج ۾ ڏند صاف ڪرڻ جو ڪو تصور ئي ناهي. اهو چئي هو ثابت ڪري ٿو ته انسان جنهن کي تهذيب سمجهي ٿو، اها اصل ۾ فطرت کان دوري آهي.
سندس شاعريءَ جو مجموعو” اگهرن جي احساسن جي مالا“ جنسيات تي لکيل اھم ڪتاب آھي. ’اگهرن‘ فصل جي لاباري جو مهينو آهي. بنوءِ لاءِ هي مهينو رڳو فصل جي لاباري جو ناهي، پر تخليق ۽ واڌ ويجهه (Reproduction) جو آهي. هن وڏي جرئت سان لکيو ته: هر ڪهاڻي اصل ۾ جنسي عضوي جي آپ بيتي آهي، ۽ هر خيال خود سوچيندڙ جي پنهنجي سوانح آهي. هڪ اهڙي دور ۾ جتي اديب اهڙين ڳالهين کان ڪيٻائيندا هئا، بنوءِ وڏي بهادريءَ سان انساني جبلتن کي شاعريءَ جو حصو بڻايو.
بنوءِ لاءِ ھڪ مشهور ڳالهه هئي ته هو ڀِنگيوCross-eyed آهي. هن ان کي مزاح طور نه پر هڪ نفسياتي حقيقت طور بيان ڪيو تہ هڪ اک سان هو پنهنجي اندر (ذات) ۾ جهاتي پائيندو هو ۽ ٻي اک سان هو پوري ڪائنات کي ڏسندو هو.
هن لاءِ هي ويزن هڪ فائدو هو، جنهن ذريعي هو هڪ ئي وقت پنهنجي ڏکن ۽ ڪائنات جي وسعتن کي پاڻ ۾ ملائي سگهندو هو.
هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها سامهون اچي ٿي ته جڏهن بنوءِ نفسياتي علاج لاءِ اسپتال داخل ۾ هو، ته اتي هندستان جو عظيم فلم ساز ريتوڪ گهٽڪ پڻ موجود هو. تصور ڪريو: هڪ چريو ڊرامو لکي رهيو هو ۽ ٻيو ان ۾ اداڪاري ڪري رهيو هو! هي ٻه عظيم ذهن، جن کي سماج ”چريو“ قرار ڏنو، هڪ گڏيل تڪليف مان گذري رهيا هئا.
بنوءِ جو ٺاڪر نگر وارو گهر اڄ هڪ ڀڙڀانگ کنڊر آهي. جن هٿن سان هو 12-12 سٽون لکي ڪاوڙ ۾ ڦاڙي ڇڏيندو هو، اهي هٿ پوءِ بيماريءَ سبب پکين جي کنڀن وانگر ڏڪڻ لڳا هئا. هو اھڙو شخص هو جو جڏهن عالمي شهرت رکندڙ فلم ساز مٿس ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ آيو ته هن کيس ڀڄائي ڇڏيو. پر جڏهن ڪنهن گمنام نوجوان فوٽو ڪڍڻ جي فرمائش ڪئي ته هو ٻارن وانگر تيار ٿي ويو.

بنوءِ لاءِ شاعري اها هئي جيڪا لفظ به لفظ ياد رهجي وڃي. هن چيو هو ته هو چئن پنجن سالن کان پوءِ ٻيهر لکندو، پر وقت کيس مهلت نه ڏني. سندس هي جملو هميشه ياد رهندو: مان محبت ڏئي سگهان ٿو، پر ڇا توهان ان کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکو ٿا؟
بنوءِ مجمدار جي حياتي ٻڌائي ٿي ته هو هڪ اهڙو مسافر هو جنهن شهرن کي وساري ٻيلن، مڇرن، مڇين ۽ آسمان جي تارن ۾ پنهنجو گهر ڳولي لڌو هو.
بنوءِ جو هي نقطو تمام اونھو آهي ته پکين کي انسانن کان ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت ناهي. هو لکي ٿو ته:
انسانن کي پنهنجي خدا کي مڃڻ لاءِ وڏيون عمارتون (مندر، مسجدون، گرجا گهر) ٺاهڻيون پون ٿيون، پر پکي کليل آسمان ۾ ئي پنهنجي خالق سان جڙيل آهن.
هو جڏهن چوي ٿو ته ”هر مخلوق پاڻ کي سڀ کان وڏو سمجهي ٿي“، ته هو اصل ۾ انسان جي ان وهم تي کلندو آهي ته انسان ڪائنات جو مالڪ آهي. ڪتي جي نظر ۾ ڪتو عظيم آهي، مينهون مينهن کي عظيم سمجهن ٿيون، ۽ جانورن جي سڄي سماج جي نظر ۾ انسان به رڳو هڪ جانور آهي.
بنوءِ رڳو لکيو نه، پر ان تي عمل به ڪيو. هن ڪلڪتي جي مشهور ”ڪافي هائوس“ جي دانشوريءَ ۽ شهر جي گوڙ کي وساري ڇڏيو. ان جي بدلي ۾ هن پنهنجي جهان ۾ اهي شيون شامل ڪيون جيڪي اڪثر ماڻهو وساري ويٺا آهن: نديءَ ڪناري وارا پيچرا، پراڻا تلاءُ، ۽ مڇين جو پاڻيءَ ۾ کيڏڻ.
قبرستان جي ويجهو کجيءَ جا وڻ ۽ رات جو ٻوليندڙ ڪوئلون. روشني ڏيندڙ جُڳنو، ماکيءَ جون مکيون ۽ اهي پکي جيڪي انسان کان اڳ ڄاڻي وٺندا آهن ته ڪهڙو ميوو پچي چڪو آهي.
بنوءِ جو يقين هو ته خدا جي تخليق هڪ اهڙي مساوات آهي جيڪا هر ھنڌ برابر آهي. چاهي اهو بي جان پٿر هجي، وڻ هجي، جيت هجي يا انسان. سڀني جي تخليق جو راز هڪ ئي آهي.
زندگيءَ جي اخري ڏينھن ۾ جڏهن کيس اسپتال مان گهر وڃڻ لاءِ شاعري لکڻ جو چيو ويو، ته هن پنهنجي آخري نظمن ۾ به گائتري اسپيواڪ کي نه وساريو. هن لکيو: منهنجو پتو تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ تنهنجو پتو منهنجي گهر ۾. اسان هاڻي خط نه لکنداسين، اسان هڪ ڪتاب جي صفحن تي گڏ آهيون.
هي سٽون ثابت ڪن ٿيون ته بنوءِ لاءِ محبت هڪ جسماني وصال نه، پر لفظن جو هڪ گڏيل سفر هو، جيڪو مرڻ کان پوءِ به ڪتابن جي صورت ۾ زنده رهڻو هو.
بنوءِ مجمدار هڪ اهڙو صوفي شاعر هو جنهن وٽ رياضيءَ جو دماغ ۽ درويش جي دل هئي. هو اسان کي سيکاري ويو ته حقيقي آزادي تڏهن ملندي آهي، جڏهن انسان پنهنجي مصنوعي ضرورتن ۽ وڏائيءَ کي وساري فطرت جي خاموشيءَ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏي.
مون ھيءُ مضمون لکڻ دوران اڪثر محترما ديباسري چڪرورتيءَ کان رھنمائي ورتي ۽ ھر ممڪن وڌيڪ معلومات وٺندو رھيس، جنھن ٻُڌايو تہ بِنوءِ مجمدار جو آمدنيءَ جو ڪو وسيلو ڪونہ ھو. کيس سندس ھڪ ڀيڻ خرچ پکو موڪليندي رھندي ھئي. ڪجھ وقت سندس ذھني ڪيفيت اھڙي ٿي وئي جو ٺاڪر نگر جي لال بازار ۾ ھڪ وئيشيا وٽ وڃڻ لڳو ۽ چيو وڃي ٿو تہ انھيءَ وئيشيا کي ھڪ پُٽ بہ ڄائو، جيڪو ھن وقت محنت مزدوري ڪري وقت گزاري رھيو آھي.
_______________
نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.



