Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

 22 مارچ سنڌو تھذيب جو ڏهاڙو: اچو ته سنڌو تهذيب کي وري جيئاريون

موجوده دور ۾ سنڌو تهذيب کي عملي طور، ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻڻ ممڪن ته ناهي، ڇو ته اها هڪ قديم تاريخي تهذيب هئي. پر ان جي روح، قدرن ۽ ثقافتي ورثن جي ڪجهه حصن کي وري جيئارڻ ممڪن به آهي. جيڪڏهن سنڌ واسي سمورين تهذيبن جا موجد آهيون ته پاڻ قديم تهذيب کي وري جيئارڻ جا موجد به بڻجي سگهون ٿا

قديم سنڌو تهذيب ۾ نئون ساهه وجهڻ لاء جديد سنڌ جو تصور به پيدا ڪرڻو پوندو، ان ۾ سماجي عدل ۽ انصاف سميت هر رهندڙ کي برابريء جي بنياد حق ڏيارڻ جون ڪوششون به ٿيڻ گهرجن

حميد منگي

انسان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، فڪري، فني، تحقيقي، علمي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي ترقيءَ جي اعلي حالتن کي تهذيب چيو ويندو آهي. انسان پنهنجي ابتدائي، حيواني، ڪٽنبي يا قبيلائي زندگين مان نڪرندي ۽ گذرندي جڏهن منظم سماج، شهر، قانون، علم، فن، زراعت ۽ واپار قائم ڪيا ته، ان جي اهڙي عمل کي تهذيب ڏانهن پهرين وک قرار ڏنو ويو. هونئن به هر تهذيب جي جڙاوت ۾ هيٺيون ڳالهيون موجود هونديون آهن، جن ۾ ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهن جو منظم ٿي رهڻ، پوک ڪرڻ، واپار ۽ معيشت جو نظام جوڙڻ، حڪمراني توڙي قانوني نظام جا بنياد وجهڻ، ٻولي، لکت يا علم ۽ تعليم ڏيڻ جو رواج قائم ڪرڻ، مذهبي يا فلسفياتي سوچن جي ابتدا ڪرڻ، مختلف فن، ثقافت، مصوري، موسيقي ۽ عمارتن جون اڏاوتون، واپار جا هنڌ قائم ڪرڻ ۽ انهن ۾ وقت سان گڏ واڌارا ڪرڻ وارا فن هجڻ وغيره وغيره شامل آهن۔

مختلف تاريخدانن موجب جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي مشهور تهذيبون ٿي گذريون آهن، جن مان ميسوپوٽيميا تهذيب، جنهن جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ ملي ٿي ته، اها دجله ۽ فرات دريائن جي وچ ۾ (اڄوڪي عراق ۾) پيدا ڪئي وئي. اتي سوميري، بابلي ۽ اشوري قومون رهيون. دنيا ۾ مصري تهذيب جا به آثار ملن ٿا، جنهن لاء چيو وڃي ٿو، ته هن تهذيب نيل درياهه جي ڪناري تي ترقي ڪئي. مصر ۾ فرعونن جا مقبرا هن تهذيب جا وڏا نشان آهن. هڪ ٻي قديم تهذيب جنهن جو نالو چيني تهذيب آهي، هيء تهذيب به زرد درياهه جي ڪناري تي پيدا ٿي ۽ دنيا جي قديم تهذيبن ۾ پنهنجو نالو لکرائي وئي. جڏهن ته يوناني تهذيب فلسفي، سائنس، سياست ۽ جمهوريت جي بنيادن کي وڌايو ۽ پڻ رومي تهذيب بابت به تاريخ ٻڌائي ٿي ته، اتان جي ماڻهن گڏجي سڏجي هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي، جتي قانون، فوجي نظام ۽ شهري انتظام کي ترقي ڏني وئي. پر انهن سڀني تهذيبن مان جيڪڏهن ڪا آڳاٽي تهذيب آهي ته ان جو نالو سنڌو تهذيب طور کنيو وڃي ٿو، جنهن کي Indus Valley Civilization به چيو ويندو آهي۔ هيء تهذيب تقريبن 2600 ق.م ۾ موجود هئي. ان جا وڏا شهر موهن جو دڙو ۽ هڙاپا هئا. انهن شهرن جا آثار هن وقت به هاڻوڪي سنڌ لاڙڪاڻي ۽ پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجي وقت ۾ تمام منظم شهري نظام ليکيا ويندا هئا.

جيتوڻيڪ سمورين تهذيبن جا بنياد مختلف انساني نسلن وڌا پر، جڏهن اهي تهذيبون ڊگهي عرصي جي ڪوششن کان پوء مڪمل ٿيون ته، ساڳين تهذيبن موٽ ۾ انساني ترقيء ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو۔ جيڪڏهن ايئن چئجي ته جن تهذيبن جو خالق انسان رهيو، ساڳين تهذيبن وري انسان کي سڃاڻپ ڏئي، انسان جو ئي مان مٿانهون ڪيو ته، بيجا نه ٿيندو۔ جنهن جا احسان، انسان لاهڻ چاهي به ته نه لاهي سگهندو. اصل ۾ تهذيبن انسان کي ڪيترين ئي اهم شين سان روشناس ڪرايو، جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ يعني علم ۽ تعليم جا بنياد وجهڻ، ننڍن وڏن شهرن جون اڏاوتون ڪرڻ، قاعدن، قانونن ۽ حڪومتي ڍانچن جي جوڙجڪ کان سواء سائنس ۽ فلسفن تي ڪم ڪرڻ، مختلف فنن جا بنياد وجهڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ کانسواء پنهنجين پنهنجين طاقتن، حالتن ۽ عادتن جي آڌار ثقافتون قائم ڪرڻ جهڙا ڪم شامل آهن۔ مختصر طور تي جيڪڏهن ايئن چئجي ته، تهذيب انسانن جي مثبت عمل سان گڏ انهن جي گڏيل علمي، اخلاقي، سياسي، فڪري، فني ۽ سماجي تنظيم جي اعلي صورت آهي ته ڪا اربع خطا نه ٿيندي.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته، دنيا جون سموريون تهذيبون ڪجهه عرصو عروج تي رهڻ کانپوءِ، مختلف سببن ڪري زوال پذير به ٿينديون رهيون آهن. تاريخدانن مطابق تهذيبن جي عروج جا به سبب هوندا آهن ته زوال جا به ڪيترائي قصا هوندا آهن. تهذيبن جي عروج مان هڪ ته جڏهن اتي علم، تحقيق ۽ تعليم کي اهميت ڏني ويندي آهي، اتان جا حڪومتي نظام حالتن آهر بهتر نتيجا ڏيندا رهندا آهن، وقت مٽجڻ سان قانونن ۾ تبديليون ۽ ترميمون به ٿينديون آهن، زرعي توڙي صنعتي ترقي سميت واپار کي به وقت به وقت وسعت ملندي رهندي آهي، شهري رٿا بندي بهتر انداز ۾ ٿيندي آهي، امن امان جي صورتحال سميت اتي سماجي استحڪام يعني ماڻهن منجهه هم آهنگي قائم رهندي آهي، حڪمرانن، ادارن توڙي عوام جا اخلاقي قدر قائم رهندا آهن ۽ معاشرن ۾ سماجي انصاف، عدل ۽ ايمانداريء وارا عمل قائم رهندا آهن ته، اهي عمل تهذيبن کي مضبوط بڻائيندا رهندا آهن.

جڏهن ته ان جي ابتڙ، تاريخون ٻڌائن ٿيون ته، تهذيبن جي زوال جا سبب وري ظلمن ۽ ناانصافين جي واڌ، بدعنوانين جي چوٽ چڙهڻ، شهرين جي اڪثريت ۾ اخلاق ۽ ڪردار ۾ زوال اچڻ، رشوت، لالچ، طاقت جو غلط استعمال يا عام ٿيڻ، جنگيون لڳڻ، معاشي بحران پيدا ٿيڻ، ٻاهرين حملن جو معمول ٿيڻ، ماحولياتي تبديلين جو اچڻ، جن ۾ ڪڏهن درياهه پنهنجو رخ مٽائيندا هجن، ڪڏهن خشڪ سالي ٿيندي يا وڌي ويندي هجي يا قدرتي آفتون اينديون ۽ تباهيون مچائينديون هجن ته، تهذيبن جا زوال شروع ٿيڻ لڳندا آهن. بهرحال تهذيبن جو عروج انساني ڪوششن سان لاڳاپيل هوندو آهي، جڏهن ته تهذيبن  جي زوال ۾ انساني بدافعالين ۽ ناانصافين سان گڏ ٻاهريان يعني خارجي عمل به ڪار فرما رهيا آهن.

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر تهذيب ليکي ويندي رهي آهي. هيءَ تهذيب لڳ ڀڳ 2600 ق.م کان 1900 ق.م تائين پنهنجي عروج تي رهي. ان جو مرڪز سنڌو درياهه ۽ ان جي شاخن واري علائقي ۾ هو، جيڪو اڄوڪي سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ هندستان جي علائقن تي پکڙيل هئو، جنهن ۾ هاڻي کوڙ ساريون جاگرافيائي، سياسي ۽ سماجي تبديليون اچي چڪيون آهن. سنڌو تهذيب جي دريافت 20هين صديءَ ۾ ٿي، جڏهن پوري برصغير تي انگريز حڪمران قابض هئا، 1920ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آثار قديمه جي ماهرن کوٽايون ڪيون ۽ ٻن وڏن شهرن جا آثار مليا، جنهن مان سنڌ ۾ موهن جو دڙو ۽ پنجاب ۾ هڙاپا جا آثار ڳولهي ڪڍيا ويا ته، انهن کوٽائين مان معلوم ٿيو ته هتي هزارين سال اڳ هڪ منظم ۽ ترقي يافته شهري تهذيب موجود هئي. جنهن جون جاگرافيائي حدون تمام وسيع هيون. جنهن جا آثار سنڌ، پنجاب، بلوچستان، هندستاني گجرات، راجسٿان ۾ هزارين آثار قديمه جا ماڳ مليا آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا ته ڪنهن دئور ۾ هيء هڪ وڏي شهري تهذيب رهي چڪي آهي.

سنڌو تهذيب جون اهم خاصيتون شهرن جي منظم رٿابندي، ويڪريون ۽ سڌيون گهٽيون، پڪن سرن جا گهر، گهرن ۾ پاڻيءَ جا هود، منظم رهائشي علائقا، خاص موقعن تي ماڻهن جي گڏ ويهڻ جا هنڌ، جڏهن ته خاص طور تي موهن جو دڙو ۾ ڊرينج سسٽم (نالين جو نظام) تمام جديد هو، جيڪو ٻين تهذيبن کان گهڻو اڳڀرو هئو. جڏهن ته سماجي زندگيء بابت ٻڌايو ٿو وڃي ته، سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ماڻهو منظم سماج ۾ رهندا هئا ۽ اتان جي ماڻهن جي اڪثيريت شهرن ۾ رهندي هئي۔ انهيء سماج ۾ مختلف فنن جا ڪاريگر جنهن ۾ واڍا، ڪنڀر، جائين جي اڏاوتن جا ماهر، جتيون ٺاهڻ ۽ ڪپڙو اڻڻ وارا ۽ پڻ واپاري، هاري ۽ مزدور به شامل هئا۔ ٿوري غور ڪرڻ سان اها به ڄاڻ ملندي، هن تهذيب سان لاڳاپيل ماڻهن جي روزاني زندگي منظم ۽ اڪثر ڪري پرامن به هئي۔ جڏهن ته آثار قديمه توڙي تاريخن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، هتي وڏين جنگين يا فوجي ساز سامان ۽ قلعن جا آثار به گهٽ مليا آهن. جڏهن ته هتان جي معيشت زراعت، واپار ۽ هنري ڪمن تي ٻڌل هئي. زراعت ۾ ڪڻڪ، چانور، جو، مڪئي، جوئر ۽ ڪپهه به شامل هئي، جنهن مان ڪپڙو ٺاهي ماڻهو پاڻ به استعمال ڪندا هئا ۽ ٻين ديسن ۾ وڪرو به ڪندا هئا۔ جڏهن ته ڪجهه تاريخون اهو به ٻڌائن ٿيون ته (دنيا جو سڀ کان آڳاٽو ڪپهه پوکڻ وارو علائقو سنڌو تهذيب مان ملي ٿو)۔ سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ماڻهو، اڪثر قافلن جي شڪل يا بحري ٻيڙن جي ذريعي ٻين علائقن ۾ وڃي واپار ڪندا هئا، خاص طور تي ميسوپوٽيميا ۽ مصري تهذيب جي مختلف علائقن ۾ ويندا هئا (جيڪي ان وقت اهي تهذيبون نه هيون) پر اتي ماڻهن جي گهڻائي به رهندي هئي ۽ اهي علائقا سنڌ کي ويجها به هئا۔ واپار ۾ استعمال ٿيندڙ شين ۾ قيمتي پٿر، مختلف قسمن جا ڌاتو، ڪپهه ۽ ان مان ٺهيل ڪپڙا، مختلف اناج ۽ هٿ جون ٺاهيل شيون شامل هيون۔

سنڌو تهذيب جا ماڻهو زراعت، هنر ۽ صنعت ۾ به ماهر هئا، جڏهن ته هنن جا فن، جنهن ۾ ان وقت مٽيءَ جا ٿانو، زيور، مهرون، مجسما جنهن مان موهن جو دڙو مان مليل مجسمو رقاصه ڇوڪري (Dancing Girl) وارو پڻ مشهور آهي۔ جڏهن ته انهيء وقت دنيا جا ماڻهو، غارن ۾ يا وڻن تي رهندا هئا۔ هونئن ته سنڌو تهذيب، جيڪا سڀني تهذيبن جي امڙ آهي، ان جي مذهب بابت مڪمل معلومات ته موجود ناهي، پر آثار قديمه مان ڪجهه اشارا ضرور ملن ٿا، جنهن ۾ ماءُ ديوي (Mother Goddess) جي پوڄا، وڻن ۽ جانورن جي عزت ۽ يوگا جهڙيون عبادتي حالتون شامل آهن۔ وڏي ڳالهه ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌو تهذيب جي پنهنجي لکت به هئي، جنهن کي ابتدائي سنڌو رسم الخط چيو وڃي ٿو، پر اڄ تائين اها لکت مڪمل طور پڙهي ناهي سگهي. جيڪا گهڻو ڪري سرڪاري مُهرن تان ملي آهي.

جيئن ته ٻيون سموريون تهذيبون به هاڻي جيئن جو تيئن ناهن رهيون، بلڪل اهڙيء طرح سنڌو تهذيب جو زوال به لڳ ڀڳ 1900 ق.م کان شروع ٿيو. جيتوڻيڪ دنيا جون اڪثر تاريخون اڌ علمي ۽ اڌ اندازن تي مبني رهيون آهن۔ تنهن ڪري مفصل تاريخن بجاءِ تاريخدان سنڌو تهذيب جي زوال جا ڪجهه امڪاني طور تي هي سبب ٻڌائين ٿا، جن ۾ درياهه جو رخ مٽائڻ، موسمي تبديليون، وقت به وقت خشڪ ساليون، وقت سان گڏ معاشي ڪمزورين جو پيدا ٿيڻ ۽ وقت به وقت اختلافن جي نتيجي مختلف ڪٽنبن ۽ قبيلن جون پاڻ ۾ ناراضگيون ٿيڻ سبب آباديء جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ (ان عمل مان هڪ ڳالهه اها ثابت ٿئي ٿي ته جڏهن مختلف قبيلا ۽ ڪٽنب هڪ ٻئي کان ناراض ٿيندا هئا ته جهيڙا ڪرڻ بدران پرامن طور لڏپلاڻون ڪندا هئا)۔ بهرحال سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي ٻين قديم ترين، منظم ۽ پرامن تهذيبن مان هڪ هئي. هن تهذيب پوري انسانيت کي نه رڳو شهري اڏاوتن، صفائيء جي بهتر نظام ۽ واپار جا ڏس پتا ڏيڻ سان گڏ سماجي تنظيم جا اهم سبق پڻ ڏنا.

جيتوڻيڪ موجوده دور ۾ سنڌو تهذيب کي عملي طور، ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻڻ ممڪن ته ناهي، ڇو ته اها هڪ قديم تاريخي تهذيب هئي. پر ان جي روح، قدرن ۽ ثقافتي ورثن جي ڪجهه حصن کي وري جيئارڻ ممڪن به آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ واسي سمورين تهذيبن جا موجد آهيون ته پاڻ قديم تهذيب کي وري جيئارڻ جا موجد به بڻجي سگهون ٿا۔ اهو ڪم سماجي بهتري، تعليم، فن، فڪر، ثقافت ۽ تحقيق جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. جنهن لاء هيٺ ڪجهه اهم طريقا بيان ڪجن ٿا۔

1.  هن موجوده نسل ۾ تاريخي شعور پيدا ڪرڻ لاء، سنڌو تهذيب بابت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڌيڪ پڙهايو وڃي ۽ پڻ علمي، ادبي، سياسي، سماجي گڏجاڻين ۾ ٻين بحث مباحثن سان گڏ سنڌو تهذيب تي ليڪچر ٿيڻ گهرجن، آرٽيڪل لکيا ۽ پڙهيا وڃن، جديد علمن، فنن تي تحقيقن جو عمل جاري رکيو وڃي. ڇو ته جيڪڏهن نئين نسل کي پنهنجي تهذيب جي خبر هوندي ته، اهي ان تي فخر به ڪندا ۽ کيس وري جيئرو ڪرڻ ۾ به مددگار ٿي سگهندا. مطلب ته سمورن سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ادارن ۾ موهن جي دڙي، هڙپا ۽ ٻين آثارن بابت شاگردن کي تعليم ڏيڻ سان گڏ لکڻين ذريعي هڪ سلسلو جوڙي تعليمي ادارن کان ٻاهر ماڻهن کي سنڌو تهذيب بابت ڄاڻ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

2.  آثار قديمه جي حفاظت لاء سنڌو تهذيب جا ماڳ اسان جو قيمتي ورثو ۽ سرمايو آهن. انهن کي وڌيڪ تباهيء کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته، ان سلسلي ۾ تاريخي ماڳن مڪانن جي مرمتن ڏانهن سرڪاري ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جو ڌيان ڇڪرايو وڃي۔ جڏهن ته غيرقانوني کوٽائين کي روڪڻ لاء اپاء وٺڻ سان گڏ، عالمي سطح تي ان جي تحفظ جون اپيلون ڪري مدد ورتي وڃي۔

3. جيئن ته ثقافتي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ لاء سنڌو تهذيب جي ثقافت جا ڪجهه عنصر اڄ به پنهنجي سنڌي سماج ۾ موجود آهن جنهن ۾ مقامي هنر، هٿ جا ٺهيل ٿانو، روايتي لباس ۽ لوڪ ادب سميت ٻيون کوڙ شيون جن کي فروغ ڏيڻ سان تهذيب جي سڃاڻپ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

4.  تحقيقي ۽ سائنسي مطالعي لاء ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ تحقيقاتي ادارن کي گهرجي ته، سنڌو تهذيب تي وڌيڪ تحقيق ڪن، خاص طور تي سنڌو لکت (script) کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پڻ نون آثار قديمه ماڳن جي ڳولا، ان وقت جو سماجي ۽ معاشي نظام جو مطالعو وغيره وغيره ٿيڻ گهرجي۔

5. سياحت وارو شعبو پنهنجي جاء تي وڏي اهميت رکندو آهي، جيڪڏهن سنڌو تهذيب تي مختلف حوالن سان ڪم ڪندڙ فردن ۽ تنظيمن کي گڏ ڪري هڪ وڏو فورم ٺاهجي ۽ ٻين مامرن تي سوچ ويچار ڪرڻ سان گڏ سياحت واري شعبي کي فروغ ڏبو ته، سنڌو تهذيب جا آثار يا ماڳ مڪان عالمي سياحت جا مرڪز بڻجي سگهن ٿا. جيڪڏهن انهن ماڳن مڪانن تي ٿوريون گهڻيون سهوليتون به پيدا ڪجن ۽ سياحن کي بهتر نموني تاريخي حقيقتن کان واقف ڪيو وڃي ته، دنيا جا ماڻهو هتي اچي، سنڌو تهذيب جي تاريخ کي پنهنجن ملڪن ۾ تعارف ڪرائي سگهن ٿا.

6. بهتر انساني قدرن کي اپنائڻ لاء سنڌو تهذيب جي خاصيتن مان ٻه وڏيون خاصيتون هڪ امن پسندي ۽ ٻيو هتان جو منظم سماج هئو. جيڪڏهن هاڻوڪي سماج ۾ اهي ساڳيا قدر اختيار ڪرڻ جون ڪوششون ڪجن، امن پسنديء جو فورم ٺاهڻ ۽ کيس فعال رکڻ سان گڏ تاريخي ماڳن سميت شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائيء جو خيال ڪيو وڃي، شهري نظم ضبط، سماجي هم آهنگي واري نظرئي جي واڌ لاء ڪوششون وٺجن ته اهو به سنڌو تهذيب جي روح کي جيئارڻ جي برابر عمل هوندو. سنڌو تهذيب کي جيئارڻ جو مطلب هروڀرو رڳو پراڻا شهر ڏسڻ نه آهي، پر ان جي علمي، ثقافتي ۽ انساني قدرن کي جديد سماج ۾ زنده رکڻ آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي تاريخ کي سمجهندا ۽ ان تي فخر ڪندا، تڏهن اها تهذيب حقيقي معني ۾ جيئري رهندي. جديد سنڌ جو خاڪو ٺاهڻ وقت تاريخي ورثي، سماجي ضرورتن ۽ جديد دنيا جي تقاضائن کي گڏ ڏسڻ به ضروري آهي. سنڌ جي قديم تهذيب، اسان کي ٻڌائي ٿي ته منظم شهر، صفائي، واپار ۽ سماجي هم آهنگي ترقي جا بنياد آهن. جديد سنڌ جو نئون خاڪو به (کڻي ٿوري ردبدل سان) انهن اصولن تي ٻڌل هئڻ گهرجي. علم ۽ تعليم تي ٻڌل سماج جوڙجن. معياري اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون، سائنسي تحقيق جا مرڪز، ٽيڪنالاجي ۽ جديد فنن ڏانهن پنهنجن نوجوانن کي راغب ڪرڻ، تاريخ ۽ ثقافت بابت شعور ڏيڻ۔ جڏهن سماج علمي هوندو ته ترقي به پاڻمرادو ٿيندي.

7. قديم سنڌو تهذيب ۾ نئون ساهه وجهڻ لاء جديد سنڌ جو تصور به پيدا ڪرڻو پوندو، ان ۾ سماجي عدل ۽ انصاف سميت هر رهندڙ کي برابريء جي بنياد حق ڏيارڻ جون ڪوششون به ٿيڻ گهرجن. جڏهن ته قانوني بالادستيء، ڪرپشن ۽ رشوت جو خاتمو آڻڻ سان گڏ عورتن، ٻارن، پوڙهن ۽ اقليتن کي سندن حق ڏيارڻ سميت غربت، بيروزگاري ۽ ناانصافين کي گهٽائڻ سان سنڌو تهذيب ۾ نئون ساهه پئجي سگهي ٿو.

8.  اقتصادي ترقيء لاء سنڌ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نين رٿابندين جي ضرورت پوندي، جنهن ۾ جديد زراعت لاء خاص اپاء وٺڻ، صنعتون، ملون، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا لڳرائڻ ۽ انهن کي هلائڻ جون پاليسيون جوڙڻ، بندرگاهن جي توسيع سان گڏ مختلف واپارن کي هٿي وٺرائڻ، نوجوانن لاءِ روزگار جا بندوبست ڪرڻ ضروري عمل آهن، هونئن به سنڌ تاريخي طور واپارن ۽ مختلف فنن جو مرڪز رهي آهي.

9. شهري منصوبه بنديء لاء سنڌ جي ننڍن ۽ شهرن ۽ ڳوٺن کي منظم ڪرڻ ضروري عمل هوندو، جن کي صاف رکڻ، جديد ٽرانسپورٽ جا بندوبست، پاڻيء جا بهتر انتظام ڪرڻ ۽ کين ماحولياتي تحفظ ڏيارڻ جهڙن عملن سان سنڌو تهذيڀ کي وري جيئاري سگهون ٿا۔ اهي اصول اصل ۾ قديم شهر موهن جي دڙي جي شهري رٿابندين ۾ به نظر اچن ٿا.

10. سنڌي ثقافت توڙي ٻوليءَ جي حفاظت لاء جديد سنڌ ۾ گنجائش اڳ ئي موجود آهي، جنهن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاء ڪوششون وٺڻيون پونديون۔ انهيء ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پاڻ پنهنجي ثقافتي حوالي سان 2009ع کان سال ۾ هڪ ڀيرو ڏينهن ملهايون ٿا، ٽوپي ۽ اجرڪ پائي، ريليون ڪڍون ۽ مختلف پروگرام به ڪيون ٿا پر ان ۾ ٿوري واڌاري جي گنجائش ڪڍڻ جي ضرورت پڻ آهي، مثال طور، ٽوپي ۽ اجرڪن جي اسٽالن سان گڏ ڳوٺن مان ڀرت وارن ڪپڙن وارا اسٽال، پراڻا سنڌي کسا يا مختلف شهرن جون سوکڙيون مثال طور شڪارپور جي کٽاڻ، خيرپور جي کجي، گهوٽڪيء جا پيڙا، ميهڙ جي ميندي، ٺٽي جي رٻڙي، بدين جو ڳاڙهو چانور، رتيديري جو مائو، ڳڙهي ياسين جو ماجون، نواب شاهه جو مشهور ٿاڌل شربت، هالا جا هينڊي ڪرافٽ ۽ ٻين اهڙين سنڌ جي سمورن شهرن جي شين جا اسٽال به عام ٿيڻ گهرجن، جنهن سان اسان جي نج سنڌي واپار کي هٿي به ملندي ۽ روزگار جا ذريعا به وڌندا جڏهن ته سڃاڻپ به برقرار رهندي. جڏهن ته 2020ع کان مٽياريء جي سائين مقصود قاضي ۽ ان جي ٻي سنگت جي ڪوششن سان سنڌو سڀيتا جاڳرتا سٿ جي پليٽ فارم تان سنڌو تھذيب جو ڏهاڙو ملهائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. اهو ڏهاڙو راءِ ساهسي سان منسوب سنڌو ڪئلينڊر جي 1 چيٽ تي ملهايو ويندو آهي، يعني سال جي شروعات تھذيب جو ڏهاڙو ملهائڻ سان ڪئي ويندي آهي. عيسوي سال مطابق اهو ڏهاڙو هر سال 22 مارچ تي ۽ ليپ ايئر جي صورت ۾ 21 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ان ڏهاڙي تي سوشل ميڊيا تي سنڌو سڀيتا جي وارثن کي پنھنجي سڀيتا سان جوڙڻ لاءِ مبارڪباد جا پيغام رکيا ويندا آهن. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي پروگرام ڪري سنڌو سڀيتا جي پسمنظر ۽ ان جي وارثي ڪرڻ جي نون رخن تي ڳالهايو ويندو آهي. ان موقعي تي سنڌو ڪئلينڊر جي مھورت به ڪئي ويندي آهي. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته ان کي سنڌو تھذيب جي آخري وڏي ڪئلينڊر طور عام ڪيو وڃي. سال ۾ ٻه ٽي دفعا مختلف شهرن ۾ ميلا ڪرائجن، جنهن ۾ لوڪ ادب جون ڪانفرنسون به منعقد ڪجن ته، اهو عمل به سنڌو تهذيب ۾ نئون ساهه وجهڻ ۾ مددگار ٿيندو۔

11. سنڌي موسيقي ڪنهن وقت ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري وئي هئي، پر هاڻي اها ڄڻ ته آخري هڏڪيون کائي رهي آهي، نون پر اڪثر بيهودا شاعرن، ڌارين ڌنن سان موسيقي جو ميدان پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن انهيء پاسي به ٿورو ڌيان ڌربو ته سٺا نتيجا نڪري سگهن ٿا۔ جڏهن ته جديديت جي آڙ ۾ پنهنجا کوڙ سارا فن پويان پساهه کڻي رهيا آهن، انهن بابت به جيڪڏهن تجويزون گڏ ڪجن ته سٺي پيش رفت ٿي سگهي ٿي۔

هن سال به 22 مارچ تي سنڌو سڀيتا جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڪوشش اها رهندي ته سنڌو سڀيتا جاڳرتا سٿ جي پروگرام کي اڳتي وڌائيندي مختلف انداز ۾ هن جاڳرتا مھم جو حصو ٿجي ۽ سنڌي ماڻهن کي پنھنجو شاندار ماضي ياد ڏياري، هڪ سٺي مستقبل ڏانھن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪجي.

_____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

عبد الحميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button