شاھ عبداللطيف ڀِٽائي _ عام شين کي خاص بڻائيندڙ شاعر
اديون شاھ لطيف چئي
اهو آهي ڀٽائي سائين، جيڪو لقائن جي بي انت ۽ پيچيدا اسرارن مان نوان اسرار اڀاري ٿو، معنائن جي نئين درجيبندي ڪري ٿو، سماجي قدرن کي بدلائيندي نوان معيار مقرر ڪري ٿو ۽ روايتن جو نئون سٽاءَ ترتيب ڏئي ٿو.
نواز خان زئور
مون ماروُءَ سين لَڌِيون، لوئيءَ ۾ لانئَون،
سونَ بَرابَر سَڳَڙا، مون کي ٻِانھُنَ ٻَڌائوُن،
عُمَرَ جو آئوُن، پَٽُ ڪِیئن پَھِريان، سُومَرا!
(سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت ٦)
هونئن تہ ھيءَ بيت هڪڙو پورو ڏيک آهي، هڪڙو سڄو سارو منظر آهي ۽ تمام وسيع تناظر رکي ٿو؛ پر هن ۾ ٽن شين جو خاص الخاص ذڪر آهي. اهي ٽي شيون آهن: لوئي، سڳڙا ۽ پَٽ. لانئون ۽ سونَ هن ذڪر ۾ اچي، هن منظرنامي کي اڃا وڌيڪ رنگت، وسعت ۽ حسناڪيءَ عطا ڪن ٿا. هيءَ بيت هڪ ئي وقت شاعر جي سماجي شعور جو عڪاس، قومي ريتن رسمن ۽ رواجن جو آئيني دار، محبت جو اعلا اظهار ۽ شين کي نين معنائن جو نئون جهان بخشيندڙ آهي. جنهن ۾ مطلب ۽ معنا جو هڪ متحرڪ وهڪرو آهي، جيڪو نہ صرف تاریخ جي هڪ مخصوص دؤر کي اڀاري ٿو وجهي، پر سماجي ساڃاھ، ريتن رسمن، رواجن ۽ قدرن جو اظهار ڪندي، شين جي مخصوص نئين درجيبندي پڻ ڪري ٿو. ساڳئي وقت ان ۾ هڪ قوم جي ثقافتي صورت پڻ نمايان طور اڀري اچي ٿي.

سنڌ ۾ سون ۽ شادي ڄڻڪ لازم ملزوم آهن. سنڌ ۾ ڪابہ شادي سون کان سواءِ نٿي ٿئي. سون ۽ کهنبا ويس اسان جي شادين جي سونهن ۽ خوبصورتيءَ آهن. ڪنوار سهاڳ جي سرخ وڳي ۾ سون سان جيتري گهڻي جهنجهيل هوندي، اوترو ئي سندس شان ۽ حسن اڀريل هوندو، اوتري ئي سندس هاڪ ٿيندي ۽ سرتين سهيلين جي وچ ۾ سندس تذڪرو اوتري ئي فخر ۽ ڦونڊ سان ڪيو ويندو. اهڙيءَ ڪنوار جي رڳي ماءُ ئي نہ مَرڪندي آهي، پر سندس سرتيون سهيليون پڻ مٿس ڦنڊنديون آهن، فخر ڪنديون آهن ۽ خوش ٿينديون آهن. جڏهن ٻين مٽن مائٽن، رشتيدارن، عزيزن، دوستن ۽ سهيلين جو اهو حال هجي، تڏهن خود ڪنوار جون ڪيفيتون ڪيڏيون نہ خوشيءَ ڀريون، سرشاريل ۽ مڌماتيون ھونديون، انهن جو تصور ڪرڻ ايڏو ڏکيو ڪونهي. هوءَ ڪنهن نؤورني راڻي وانگر سڀني جي وچ ۾ سونهندي پئي آهي.
البت مٿي آيل بيت ۾ صورتحال مٿين ڳالهين جي سراسر برعڪس آهي. برابر شادي آهي يا شادي جي ڪاڄ جي منظرڪشي آهي؛ پر نهايت سادڙي، غريباڻي، ٻسي ٻسي شادي؛ سرخ جوڙي ۽ سون کان صفا خالي خالي! لانئون لهجي ٿو، پر کهنبي بجاءِ لال وڳي بجاءِ لوئيءَ ۾؛ ٻانهون ٻٽيون کڻي ڪونهي، ڪَن ڪُرن کان خالي ڪونهن، پر انهن ۾ سون پاتل ناهي. سون جي جاءِ تي صرف سڳا آهن. سڳڙن سان سون جي کوٽ جي پورائي ڪئي وئي آهي. يا مڙئي بس رسم پوري ڪئي وئي آهي. رسمون تہ نڀائڻيون آهن، سون نہ سهي، سڳڙن سان ئي سهي!
منظر بدلجي ٿو. جهوپي جي جڳھ هڪ محل والاري ٿو. غريب کيت ماروءَ جي جاءِ تي وقت جو بادشاھ اچي بيهي ٿو.
ڍاڪوئن ۾ ست رڇيون ڀرجي ٿيون وڃن، طباخن ۾ طرحين طرحين طعام سجائجي ٿا وڃن، دسترخوان کاڌن جي خوشبوين سان مهڪي ٿو اٿي.
سونيون، روپيون، روپهريون شيون مارئي جي قدمن ۾ ڍير ٿي ٿيون وڃن.
پٽ پٽيهر، ريشم و اطلس، گربي ۽ ململ، حلواڻ ۽ هرک، سُندس و سوسي، بخمل و ڪيمخاب ۽ زرِي و زر مڙهيل زربفت رنگارنگي ويس وڳا سندس اڳيان سٿجي ٿا وڃن.
هر شئي ڄڻڪ سندس قدمن ۾ وڇائي پئي آهي. ٻانهيون ٻايون تہ ڇا، خود بادشاھ سندس پيرن ۾ پيو آهي. پر هڪ مارئي آهي، جنهن جي ڪنهن شئي تي اک ئي ڪانہ ٿي ٻڏي.
پوءِ رڳي سنڌ ئي نہ، پر روءِ زمين جي سڀني محڪوم، مظلوم، مسڪين ۽ اڪيلڙين عورت جو ترجمان شاعر ڳالهائي ٿو:
پِٽولا پَھُنوارِيُون، مُورِ نِہ مَٿي ڪَنِ،
جو لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَہ سالُنئان سُونُھَنِ،
اُنّ ايلاچَنِئُون اَڳَري، بَخِمَلَ بافتَنِ،
سَکَرَ ڀانئِيان، سُومَرا، کَٿِي کان کُھنبَنِ،
جا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَن، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.
سُر مارئي، ٣/١
سونَ بَرابَرِ سَڳڙا، ماروُءَ سندا مُون،
پَٽولا پَھنوارِ کي، عُمَرَ، آڇِ مَ توُن،
وَر لوئِيءَ جِي لون، ڏاڏاڻَن ڏِنِيامِ جا.
سُر مارئي، ٣/٣
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون، لُون بَرابَرِ لَکُّ،
رُپو جنھن رَدِ ڪِيو، ڪَوڙِ تِنھيِن کي ڪَکُّ،
مُون ماروُءَ جو مَکُّ، تيل نَہ لائِيان تُنھِنجو.
سُر مارئي، ٣/۴
ڪَراُيُنِ ڪَچَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جِنِّ،
سو مَرَڪُ ماروُئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
سُر مارئي، ٣/٩
ڪارا، ڪَرايُنِ ۾، سوُن اَسان کي سُوءَ،
وَرُ جيڏِيُنِ سين جُوءَ، فاقو فَرِحَتَ ڀانئِيان!
سُر مارئي، ٣/١٠
ڪَرِيو مُھاڙِ مَليرَ ڏي، روءِ، اُڀِي چوءِ:
”سھڄ سُوريءَ ڀانئِيان، سُومَرا! سَندوءِ،
مِلڪَ ماروءَ جِي آھِيان جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سو قَلبَ ڪوٽِ نَہ ھوءِ، جو ھُتيجَن ھَٿِ ڪِيو.“
سُر مارئي، ٨/۴
آڻِينِ ۽ چاڙهِِينِ، ڏُٿُ ڏِيھاڻِي، سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سُومَرا! سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنبُ، لَطِيفُ چَئي، چانئَرَ ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نَہ پاڙِينِ، عُمَرَ، آراڙي سين.
سُر مارئي، ٧/۴
پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻَ،
ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
سُر مارئي، ٧/۱۴،
(مرتب: علاما آءِ آءِ قاضي)
اهو آهي ڀٽائي سائين، جيڪو لقائن جي بي انت ۽ پيچيدا اسرارن مان نوان اسرار اڀاري ٿو، معنائن جي نئين درجيبندي ڪري ٿو، سماجي قدرن کي بدلائيندي نوان معيار مقرر ڪري ٿو ۽ روايتن جو نئون سٽاءَ ترتيب ڏئي ٿو.

لطيف ھڪڙو داستاني شاعر آهي، ۽ داستاني شاعر عام طور تي روايت پسند ٿيندا آهن. منجهانئن ورلي ئي ڪو اهڙو شاعر نڪرندو، جيڪو روايت کي چهٽل نہ هجي. لطيف سرڪار پڻ پنهنجين قديم قومي روايتن سان پيار ڪري ٿو. انهيءَ هوندي بہ شاھ لطيف هڪڙو روايت شڪن شاعر آهي. هڪڙي عظيم شاعر جي هڪڙي تمام وڏي خوبي اها ئي هوندي آهي تہ هو پنهنجين قديم قومي روايتن سان هڪ حد تائين پيار ڪندو آهي، اهي قبوليندو آهي، انهن جي قدامت ۽ عظمت کي ساراهيندو آهي؛ پر ساڳئي وقت هو روايت شڪن پڻ هوندو آهي. هو روايتون ٽوڙيندو آهي، راڄ رسم ڀڃندو آهي. هو فرسودا رسمن ۽ روايتن جو باغي هوندو آهي. انهن جي جاءِ تي هو نيون روايتون جوڙيندو آهي. عظيم شاعرن جون جوڙيل روايتون رڳو ادب ۽ شاعريءَ جي جهان تائين ئي محدود نہ هونديون آهن، اهي سماج ۾ پڻ مروج ٿي وينديون آهن. هو رڳو ٽوڙيندڙ ۽ ڀڃيندڙ ناهي هوندو، هو ٺاهيندڙ بہ ھوندو آھي. ھو قديم ۽ جديد جو تصوراتي ۽ تاريخي ميلاپو هوندو آهي. هو ماڙين تي پکن جي پريت نہ مَٽڻ واري ريت روايت برقرار رکندو آهي. پر بادشاهيءَ کي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ واري روايت، ريت ۽ رسم جو انڪار ڪندو آهي، بلڪِ ان کي ڊاهي، ٽوڙي مروڙي، ڀسم ڪري ڇڏيندو آهي.
سون برابر وڏي شئي آهي، پر محبت مان کيت ماروءَ جا پارايل سڳڙا ان کان بہ اتم آهن.
ريشم، ململ، بخمل، پٽ پٽيهر بيشڪ املھ آھن، پر لوئيءَ جي لِک ۽ ليڙ ڀيڙا ناهن.
زندگيءَ جي سمورن سهنجن ۽ سُکن جون آڇون هوندي بہ ماروُءَ جي ملير جي آزاديءَ وڌيڪ پياري آهي. جنهن آزاد گذاريو هجي، اھو قلعن، ڪوٽن ۽ محلاتن جي چؤگانن ۾ چين ۽ سڪون ڪيئن ٿو ماڻي سگهي!؟
طعام، پلاءُ، ست رڇيون، سوادي کاڌا بلڪل وڻندڙ هوندا، پر اهي سائُن، سِنڱرن، لَنب، آراڙيءَ، جوئر ۽ ٻاجهر سان ٻيلهاڻ ڪٿي ڪري سگهندا؟
بادشاهي بلاشڪ وڏي وٿ هوندي، پر سُئيءَ کان وڏي تہ ناهي، جيڪا ماڻهن جا ننگ کڻڻ بجاءِ انگ ڍڪي ٿي. ڪائي ڪائي بادشاهيءَ تہ اگهاڙي ٿيندي آهي. اگهاڙ وڏي شئي ناهي، لوئيءَ ڍڪائڻ وڏي شئي آهي. پوءِ اها ڪنهن جي انگن اگهاڙن تي وجهجي، ڪنهن سيءَ ۾ ڏڪندڙ جي ڪلهن تي وجهجي، يا کهنبي جي جاءِ تي مٿي تي رکي لوئيءَ ۾ لانوان لهرائجن! اتي ان جي عظمت ۽ حرمت هر بادشاهيءَ کان بلند ۽ بالاتر ٿي وڃي ٿي.
ان مخصوص ڏاڪي تي عام شيون ڦري خاص ٿي پون ٿيون. ڇاڪاڻ تہ ڀٽائي سائين انساني قدرن جي ارتقا جو تاريخي جوهر ڳولي لهي ٿو ۽ پنهنجي فني سگھ ۽ نفاست سان ان کي نيون رفعتون عطا ڪري ڇڏي ٿو.
_____________
نواز خان زئور ناليوارو اديب هجڻ سان گڏ هڪ قومپرست سياسي جماعت جيئي سنڌ قومي پارٽيءَ جو سربراھ پڻ آهي. هيءَ ليک هُن The AsiaN لاءِ خاص طور لکيو آهي