Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌو درياھ کي ڀاڪر پائيندڙ عرفان مھديءَ جا خيال

ڌرتيءَ تي وسندڙ  ھر مرد توڙي  عورت جا جيئن پنھنجا پنھنجا مسئلا ۽ پنھنجيون پنھنجون ڪھاڻيون آھن. الڳ الڳ ڀوڳنائون ۽ پيڙائون آھن.

رشيد احمد خاصخيلي  

عرفان مھدي نہ صرف سائين جي ايم سيد جي فڪر جو سپاھي،  قومي قافلي جو برجستو اڳواڻ، تقرير جو بادشاھ  ۽ ڏات کي ڏانءُ سان پيش ڪندڙ ھو پر ھُو تہ سٺو مترجم بہ ھو جنھن امرتا پريتم جي ناول کي سنڌي لفظن جا وڳا پارايا ھا!

پر ھو اُھا حسرت ممڪن آ دل ئي دل ۾ سانڍي درياھ حوالي ٿي ويو ھجي، تہ پڙھندڙ ھن جي لفظن کي اکين تي رکندا ۽ ھن جي سار جا ڪيترائي سڏڪا ڀريندا. ھڪ طرف مون کي خوشي آھي تہ ھن ھيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪيو آھي پر گڏو گڏ ھڪ ڏک بہ آھي تہ ھو ناول جي ڇپائي تائين بہ ترسي نہ سگھيو ۽ درياھ کي ڀاڪر پائي سنڌ ۽ سنڌ واسين جي اکين کان پري تمام پري ھليو ويو، ۽ پويان رھجي ويو ھن جي خودڪشيءَ وارو سوال تہ ھن خودڪشي ڇو ڪئي؟

عرفان مھدي  پنھنجو پاڻ کان سوال ڪري ٿو تہ ادبي کيتر ۾ تہ ڪيترائي ڪتاب آھن پر مون امرتا جي ھن ڪتاب کي ئي ترجمي لاءِ ڇو چونڊيو آھي؟

پاڻ ئي سوال ڪري پنھنجي دوست ناول نگار طارق عالم ابڙي جي ناول رھجي ويل منظر جي مھاڳ  (جيڪو مھاڳ  عبدالقادر جوڻيجي لکيو آھي) مان حوالو لکي ٿو تہ” رومانس جي ڪھاڻي سڄي دنيا ۾ ساڳي  ئي آھي. جوان ۽ جوانڙي ڪٿي نہ ڪٿي ملندا آھن. پھرئين مُرڪي ھڪ ٻئي ڏانھن نھاريندا آھن پوءِ ڳالھين ۾ ٺھي ھڪ ٻئي کي ويجھو ايندا آھن ۽ ٻين کان پري ٿي ويندا آھن.“

مٿيون حوالو رکي، ھُو ان سان اختلافِ راءِ رکي ٿو ۽ پڙھندڙ کي پڻ پنھنجي ترجمي واري ناول تي اختلاف راءِ رکڻ جي دعوت ڏئي ٿو: ”امرتا جي ھن ناول کي پڙھندڙ  منھنجا سندر ساٿي! مانواري عبدالقادر جوڻيجي جي مٿينءَ ڳالھ سان جتي مون کي اختلاف آھي، اتي ساڳي سمي مون کي اُھو پڻ ويساھ آھي تہ  ھن ناول کي پڙھڻ پڄاڻان تون بہ اختلاف جي راءِ رکندين. ڇو تہ ڌرتيءَ تي وسندڙ  ھر مرد توڙي  عورت جا جيئن پنھنجا پنھنجا مسئلا ۽ پنھنجيون پنھنجون ڪھاڻيون آھن. الڳ الڳ ڀوڳنائون ۽ پيڙائون آھن. ھر ماڻھوءَ جا جدا جدا احساس آھن. ۽ خاص طور تي اڄوڪي دور ۾ ھر ماڻھوءَ جي ڏُک ۽ سُک جا ڪارڻ مشترڪہ نہ پر مختلف آھن. تيئن ھر ماڻھوءَ جون پنھنجون پنھنجون محبتون ۽ نفرتون آھن. ھر ماڻھوءَ وٽ سُندرتا جو معيار جدا آھي. ھر ماڻھوءَ جي نيڻن جي گھرائي ھڪ ٻئي کان جدا آھي. پوءِ اُھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي تہ ”رومانس  جي ڪھاڻي ھر ھنڌ ساڳي ھجي.؟“ مثال طور ھن ناول جي نائڪا انيتا  نائڪ ساگر سان اڻ ڏٺو پيار ٿي ڪري ۽ نڪوئي ملي مُرڪي ۽  پوءِ ٿا ٺھي  ويجھو اچن. دوست مان سمجھان ٿو تہ ھاڻ توکي پنھنجي سوچيل سوال جو اتر ملي ويو ھوندو. ھن ناول جي ٻين ناولن کان ( تقريبن ھر ڳالھ ۾ ) انفردايت جي ڪري ئي مون کي  ھي ناول ترجمي لاءِ چونڊڻو پيو.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button